شاهه سائين جي ڪلام جي انفراديت.

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏26 آڪٽوبر 2018۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    700
    ورتل پسنديدگيون:
    637
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    شاعري ادب جي اهڙي صنف آهي جيڪا سدائين ڪائنات جي رازن تان پردو کڻڻ جي جستجو ۾ رهندي آئي آهي.انسان ٻاهر جي دنيا جي حوالي سان جيڪو به مشاهدو ڪري ٿو جيستائين ان کي اندر جي اک سان به محسوس نٿو ڪري سندس سڀ جستجو ۽ تلاش اڌوري رهجيو وڃي. ڪنفيوشس، ڪبير،ٽيگور،وليم بليڪ،وليم وڊز ورٿ،سچل سرمست ۽ شاهه عبدالطيف ڀٽائيء جي حوالي سان ڪيل کوجنا من جي عرفان جو عڪس آهي.سوچ ۽ احساس جي ايڪتا سان تصوراتي ترتيب،ڪنهن ڪامل تخليق جو روپ اختيار ڪري ٿي.

    شاهه عبدللطيف ڀٽائي رحه جي سوچن جي اڏام دنيا جي ٻئي هر شاعر کان مختلف نظر اچي ٿي. شاهه صاحب جي منفرد محقق ايڇ ٽي سورلي،شاهه کي اولهه جي ٻين شاعرن کان يڪتا قرار ڏنو آهي سورلي جي نظر ۾ شاهه جي شاعريء ۾ ڇانئيل تاثر مذهبي تصوف آهي.ان کي نه ته مڪمل عاشقاڻي تصور ۾ شمار ڪري سگھجي ٿو ۽ نه ئي رڳو مفڪراڻو تصوف قرار ڏيئي سگھجي ٿو.توڙي جو پوري رسالي ۾ صوفياڻي عشق جي فضا ئي ڇانئيل نظر اچي ٿي پر ان جي بنياد ۾مذهب جي اونها ئي موجود آهي.سورلي جو چوڻ آهي ته انگريزي شاعريء جي مثالن جو مقصد هي ٻڌائڻ آهي ته رسالي جو پيغام ڪيتري حد تائين خاص قسم جي انگريز شاعرن جي پيغام سان هڪجهڙائي رکي ٿو يا نه؟ شاهه جي شاعريء ۾ عاشقاڻي تصوف جو وهڪرو آهي جيڪو ”شيلي برائوننگ“ جي عاشقاڻي تصوف سان ملندڙ جلندڙ آهي، ” بليڪ“ جي جھنگلي مذهبي توانائيء جو ڪجهه رنگ به منجهس نظر اچي ٿو ۽ ”واٽس“ ۽ ” ڪراشا“ جو سادو انساني آدرش به ملي ٿو.

    اصل ۾ اسلام ۽ عيسائيت ٻنهي مذهبن ۾ تصوف نهايت ئي منجھيل ۽ مبهم فلسفو رهيو آهي ۽ مختلف مرحلن ۾ ايترو ته هڪٻئي سان ملندڙ جلندڙ آهي جو ٻنهي ۾ انهن اثرن ۽ محرڪن کي ڳولهي سگھجي ٿو جن جي سنگم سان اهو فلسفو تيار ٿيو آهي.اها حقيقت آهي ته جرمن ۽ انگريز فيلسوفن جن شاهه لطيف کي دنيا جي سامهون متعارف ڪرايو تن ۾ ”ارنيسٽ ٽرمپ“ جو نالو اڳيان اڳيان آهي.ٽرمپ 1866ع ۾ شاهه جو رسالو منظر عام تي آندو.ان کان سواء ” اين ميري شمل“ جون اسلام ۽ صوفي ازم جي حوالي سان ڪيل خدمتون تحسين جي لائق آهن.هن مولانا رومي ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيء جي فن ۽ فڪر تي ڪيترائي تحقيقي مقالا لکيا.”ايلسا قاضي“ به جرمن فلاسافر ۽ مفڪر آهي جنهن شاهه جي شاعريء جو انگريزيء ۾ ترجمو ڪيو.اهو ترجمو بنيادي مرڪزي خيال جي ويجھو آهي ۽ نهايت خوبصورتيء سان ڪيو ويو آهي.سچ اهو آهي ته روميء کي انگريزيء جا بهترين ترجمو ڪندڙ مليا جنهن ڪري رومي اڄ يورپ ۾ گھڻو مقبول صوفي شاعر آهي.لطيف سائين به روميء جي حسن نظر جا ايڏا قائل هئا جو قرآن مجيد سان گڏوگڏ مثنوي مولانا رومي به هروقت پاڻ سان گڏ رکندا هئا ۽ سندس شاعريء ۾ ڪيترين ئي جڳهين تي مولانا روميء جو ذڪر ڪيو اٿن.شاهه لطيف ۽ روميء جي شاعريء جو بنيادي خيال پاڻ ۾ ملندڙ جلندڙ ۽ هڪ ٻئي جي گھڻو ويجھو هئڻ باوجود به اظهار ۽ بيان جا رستا منفرد ۽ الڳ آهن.رومي طبعي زندگيء کان بلند ۽ بالا جڳهه تي بيهي ڪري زندگيء جو نظارو ڪندي نظر اچي ٿو،توڙي جو ڪيف ۽ سرور،وجد، بي خودي ۽ سرمستيء ۾ رومي طبعي زندگيء جي سمورن سوادن ۽ ذائقن کان واقف نظر اچي ٿو.اظهار جا اهي رستا روح ۾ جسم جي موجودگيء جو پتو لڳائين ٿا جڏهن ته شاهه صاحب جسم جي دروازي مان گذري روحاني منزلن تائين پهچ حاصل ڪري ٿو.روزمرهه جي زندگيء جو مشاهدو جنهن ڪمال جي حد تائين شاهه صاحب جي شاعريء ۾ ملي ٿو اها جھلڪ شايد ئي ڪنهن ٻئي شاعر جي سوچ ۾ نظر ايندي هجي.گلن،وڻن،پکين،جانورن،ٻيٽن،رڻن ۽ ريگستانن، ٻنين،ڍنڍن ڍورن،برن ۽ بحرن جو ذڪر سندس شاعريء ۾ جنهن خوبصورت انداز سان ملي ٿو ۽ انساني زندگيء سان انهن شين جي ڳانڍاپي کي جنهن خوبصورت تمثيلي انداز سان بيان ڪيو ويو آهي اها خوبي شاهه صاحب جي ڪلام کي ٻين شاعرن کان منفرد بڻائي ٿي.شاهه لطيف انهن صوفين جيان نه هئا جيڪي دنيا تياڳي دنيا کان بلڪل بي تعلق ٿي وڃن ٿا بلڪه شاهه صاحب جي شاعري اهو پتو ڌئي ٿي سندن رابطو وقت جي هر لمحي سان فعال ۽ ڳنڍيل هو.سندن روزمرهه جي زندگيء جو مشاهدو ڪمال درجي جو هو.ڪائنات جي حسن کي ڏسي ڪائنات جي خالق تائين پهچڻ جي رستي جو سفر، مشاهدي جي حيران ڪندڙ نتيجن سان سينگاريل نظر اچي ٿو.

    پاڻ ئي جل جلاله. پاڻ ئي جان جمال،

    پاڻ ئي صورت پرينء جي،پاڻ ئي حسن ڪمال،

    سڀ سڀوئي حال، منجهان ئي معلوم ٿئي.

    ڪائنات جا راز پاڻهي صوفيء جي من ۾ منڪشف ٿين ٿا جڏهن ته سائنس لاڳيتو ان راز جي کوجنا ۾ مصروف رهندي ٿي اچي. شاه لطيف جي شاعري وحدت ۽ ڪثرت جو خوبصورت سنگم آهي. سائنس ٻڌائي ته انساني خليي يا سيل جو مرڪز ئي زندگيء جو مرڪز آهي جنهن جو بنياد امائنو ايسڊ سان پيو.ڊي اين اي امائنو ايسڊ سان ئي جڙيل آهي جيڪو ڪروموسوم جوڙي ٿو.ايمونو ايسڊ پروٽين جو ايڪو آهي،زمين جيو گھرڙي جو ظهور امائنو ايسڊ ذريعي ئي ممڪن بڻيو جنهن ملي ڪري مرڪز بڻايو ۽ ان نيوڪلس يا مرڪز سان ئي جيوگھرڙي کي وجود مليو.هڪ نظريي مطابق پاڻي ۽ امائنو ايسڊ زمين تي ڪنهن پڇڙ تاري ذريعي پهتا.زمين تي ڪرندڙ اسٽار ڊسٽ ۾ امائنو ايسڊ جا آثار مليا آهن.ڪنهن ڪيميائي ماهر جي چوڻ مطابق؛ ” هڪ مقرر ٿيل سانچو آهي جيڪو هر جڳهه تي استعمال ٿي رهيو آهي،ڪنهن ڏينهن اهو به معلوم ٿي ويندو ته اها قوت ڪهڙيء طرح هڪ هنڌ جمع ڪئي ويئي آهي جنهن مان مادي جا ڍير تيار ڪيا وڃن ٿا.“

    حقيقت اها آهي ته هڪ منظم قوت هن ڪائنات ۾ سفر ڪري رهي آهي جنهن هر شيء کي پنهن جي مرڪز جو پابند ڪري رکيو آهي.شين جي وچ ۾ معيار ۽ مقدار جي گھٽ وڌائي يا توازن سان تشريح جو انداز بدلجي وڃي ٿو.اها منظم قوت انسان جي اندر ذهن جي صورت ۾ موجود آهي.ذهن جيڪو قدرت جي ڪرشماتي تخليق آهي پر ان کي انتشار کان مرڪزيت طرف آڻڻو ٿو پوي ۽ اهو مرڪز انسان جو شعور آهي جڏهن ته لاشعور وري روحانيت جو مرڪز آهي.لاشعور ۾ لامحدوديت جنون جو سبب بڻجي ٿي ان ڪري شعور سان رابطو موجود لمحي جو ادراڪ بخشي ٿو.ان نقطي کي ذهن ۾ رکي جيڪر شاهه صاحب جي ڪلام جو مطالعو ڪبو ته ڪيتريون ئي لڪيل ۽ نيون حقيقتون نڪري نروار ٿينديونن وينديون ۽ زندگيء جي ڪيترن ئي منجھيل مامرن تران پردو کڄندو ويندو.
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو