ماءُ (عين سحر)

'ڪهاڻيون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 آڪٽوبر 2018۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,294
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ماءُ ...

    عين سحر

    هيءَ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ جي ڳالهه آهي جڏهن عبدالقادر پنهنجي بردبار ۽ حليم طبيعت هئڻ ڪري ماڻهن جي دلين ۾ وسيل هو، عبدالقادر شيخ راڄ جو معزز ۽ ديندار ۽ نيڪ، صالح انسان ھو، نماز جو پابند. ماڻهو اڪثر ڪري دعا ڏيندي اُمالڪ چوندا ته ´شل عبدالقادر جهڙو ديندار ٿئين’ عبدلقادر شِڪل شبيهه ۾ انتهائي سهڻو شخص هو اڌروٽ وهي ۾ به سندس شخصيت موهيندڙ هئي. بس سندس هٿ جي مٿين حصي کان ڪارائي تائين سڙڻ جو بي هودو نشان هو.
    هُن ننڍڙي ڪاروبار مان محنت ڪري پنهنجو ڪاروبار خوب مچايو هو، ويتر ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ سندس ڪاروبار ۾ وڏي برڪت وڌي هئي.
    عبدالقادر معمول مطابق گودام جي سار سنڀال کان پوءِ گهر ڏانهن وڃي رهيو هو. اِها خزان (اَسو) جي موسم هئي، ڪڻس پٽ عبدالرحمان به ساڻ هئس جيڪو اڪثر ڪري ڪاروبار ۾ دلچسپي وٺندو هو ۽ ڏيتي ليتي ۾ ٻين واپارين کان ويندي گودام ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن ۽ ڪامين سان به لهه وچڙ ۾ رهندو هو. پڻهس جي به خواهش اِها هئي ته عبدالرحمان دلچسپي وٺي ته اڳتي لاءِ ڪاروبار کي هلائڻ ۾ سولائي ٿيندس ڇو ته آخر سندس وڏو اولاد هو ۽ سڀاڻي اهو سڀ ڪجهه کيس سنڀالڻو هو. گودام ۽ گهر جي وچ جو رستو گهڻو وڏو نه هو، ان وچ رستي ۾ هڪ وڏو مندر ايندو هو جتان گذرندي اڪثر ڪري عبدالقادر گهڙي سوا لاء بيهي رهندو هو، ۽ مندر ٻاهران رکيل دُرگا ديوي جي مورتي ڏسي ٿڌو ساهه ڀريندو هو. اڄ به جڏھن مندر کي ڏسي ٿڌو ساهه ڀريائين ته عبدالرحمان جي ذهن ۾ اوچتو سوال اُڀريو، پيءُ کان پڇيائين،
    “بابا اڪثر ڪري اوهان ڪجهه پل ترسي هن مندر کي گهوريندا آهيو، ڇا اِن ۾ ڪا خاص ڳالهه آ؟”
    سوال ڪندي، عبدالرحمان عبدالقادر ڏانهن ڏٺو، کيس وڌيڪ حيرت ٿي جڏهن عبدالقادر جون ڀنل اکيون ڏٺائين. عبدالرحمان ٿورو حيران ڪجهه وائڙو ٿيندي مندر تي هڪ نظر وڌي، مندر ۾ ڪو ميلو متل هو، شايد نوراتري ‘درگا پوڄا’ هئي. عبدالرحمان غور سان پيءُ ڏانهن ڏٺو. عبدالرحمان سمجهي نه سگهيو، ڇو ته عبدالقادر جي اک جي پُتلين تاريخ جا ورق ٿي ورايا جيڪي ٻئي جي سمجهه کان گهڻا مشڪل هئا. وقت جي تيز گهوڙي جي سنبن جي دز انهن ورقن تي ضرور هئي پر عبدالقادر جي احساسن اُن کي ڇنڊيو ڇاڻيو پئي. جيسين عبدالقادر جواب ڏئي، عبدالرحمان ڳالهائڻ شروع ڪيو.
    “بابا اوهان مندر کي جڏهن غور سان ڏسندا آهيو ته آءٌ اهو ئي سمجهندو آهيان ته پراڻيون ۽ مذهبي عمارتون پرڪشش ٿينديون آهن ۽ انهن جا تاريخي سؤ وراڪا قصا ۽ داستان ھوندا آھن جيڪي اکيون پڙھڻ جي ڪوشش ڪنديون آھن.”
    “هزارين سال اڳ اسان جو به مذهب اهو ئي هو نه!؟ شايد ان ڪري مندر....” عبدالقادر سُڏڪو دٻائيندي پٽ ڏانهن نِهاريو ۽ آڳوٺي ۽ اَشهد آڱر سان ٻنهي اکين جي ڳوڙهن کي جڏهن اُگهيو ته عبدالرحمان جو تجسس وڌي ويو. عبدالقادر چپ ڀڪوڙي ڪيئي سڏڪا ۽ اڌما دل جي پنهان خانن ڏانهن واپس ڪري ڇڏيا جتان سُڏڪي نڪتا هئا.
    “اف.....” جهڙي اندر جي اونهاين مان نڪتل هلڪڙي دانهن ڪڍڻ کان پوءِ هلندي هلندي ڳالهائڻ شروع ڪيائين.
    “اهڙي ئي نوراتريءَ جي رات هئي..” چوندي چوندي عبدالقادر رُڪجي ويو. عبدالرحمان پيءُ کي اڳ ايڏي ڳنڀيرتا سان ڳالهائيندي ڪونه ڏٺو هو،
    “درگا ماتا جي پوڄا جو ئي ڏينهن هو، آخري پوڄا جي رات جڏهن آءٌ گيانچند ولد مولچند” عبدالرحمان جون اکيون حيرت مان پٽجي ويون ۽ دماغ جي دري کُلي ويس هو حيرانگيءَ وچان پيءُ کي ڏسڻ لڳو. ماضيءَ جا ورق اٿلندا ويا ۽ پردا ڪرندا ويا. پيءُ ڳالهائيندو ويو....
    “پنهنجي گهران ڀڃي نڪتو هوس. ها مان هندو هوس. ماتا درگا به منهنجي امڙ وانگر آهي.” عبدالقادر يادن جي پيرن سان پوئين پير هلندو ويو سوچن جي وهڪرن ۾ ڄڻ لڙهندو ويو.
    “درگا جي مورتي ڏسڻ سان مون کي امڙ ياد ايندي آهي، جيڪا ماتا درگا جي وڏي پوڄارڻ، ڀڳتياڻي هئي. ان تي ماتا درگا جو وڏو اثر هو، شفقت صبر ۽ سهپ، ديالو محبت جي ديوي هئي منهنجي امڙ. مون کي ياد آ جيڪو پاٺ هوءَ پڙهندي هئي سو سندس مٺي آواز ۾ گيتا جو ورد ئي هوندو هو. صبح جو امڙ جي خاص ڀڄن تي اک کُلندي هئي اڄ به امڙ جا لفظ محفوظ ٿيل آهن. منهنجي دل ۽ ذهن تي. امڙ مون کي ٻڌائيندي هئي ته،
    ‘ ماتا درگا جي ٻئي سوَروپ جو نالو برهمچارڻي آهي. برهم جي معنيٰ تپسيا آهي. ماتا سخت تپسيا ۽ صبر جي انتها آهي. ڪٺور سچ جي چارڻي هئڻ ڪري، برهمچارڻي جي نالي سان مشهور ٿي. وڏا وڏا رشي مني به ماتا جي سخت تپسيا ڏسي دنگ رهجي ويا. سندس سوَروپ تمام روشن ۽ تيج وارو آهي، ماتا جي ساڄي هٿ ۾ جپ مالها ۽ کاٻي هٿ ۾ ڪمنڊل ۽ مٿي تي سهڻو سونو مڪٽ هوندو آهي. نوراتريءَ جي ٻئي ڏينهن ماتا جي اپاسنا ڪرڻ جو دستور هلندو اچي جُڳن کان، ماتا درگا جو هي ٻيو سوَروپ ڀڳتن کي تمام گهڻو ڦل ڏيندو آهي. ماتا جي اپاسنا سان ماڻهوءَ ۾ تياڳ، ويراڳ ۽ حد کان وڌيڪ صبر جو واڌارو ٿيندوآهي. ماتا برهمچارڻي جي ڪَرپا هر هنڌ هر ميدان ۾ سَڌي ۽ ڪاميابي ڏيندي آهي. ماتا برهمچاڻي کي مصري، کنڊ ۽ پنج امرت جو ڀوڳ لڳايو وڃي ٿو. انهن شين جو دان ڪرڻ سان وڏي عمر جو سوڀاڳيه پڻ حاصل ٿئي ٿو.”
    عبدالرحمان پهريون ڀيرو پيءُ جو اِهو روپ ڏٺو هو، جنهن ڪري حيرت ۾ ٻُڏل، يڪ ٽِڪ نهاريندي پيءُ سان گڏ هلي رهيو هو. ته ھلندي ھلندي رڪجي ويو ۽ مندر کان ڪجهه وکن تي وڻ هيٺان رکيل وڏي پٿر تي اچي پڻهس ويهي رهيو. عبدالرحمان کي تصور به نه هو ته سندس پيءُ هندو هو ۽ هو هڪڙو عجيب داستان ۽ راز اندر ۾ رکيو ويٺو هو. عبدالرحمان کي پيءُ متعلق ڄاڻڻ جي بيقراري وڌي وئي.
    “هل ته گهر ٿا هلون.. دير ٿي ويندي”.... پڻهس اُٿندي چيو. عبدالقادر ڊگهيون ڊگهيون وکون کڻڻ لڳو. عبدالرحمان تڪڙو تڪڙو پٺيان هلڪي ڊڪ ڀريندي پيءُ سان مخاطب ٿيو،
    “بابا! اڄ مٿين ماڙ تي گڏجي ماني کائينداسين. مون کي پنهنجي باري ۾ سڀ ڪجهه ٻُڌائجو، خاص ڪري ڏاڏي امڙ جي باري ۾ جيڪا ممتا جي مورت هئي.....”
    “هون..... ها....!” عبدالقادر بس ايترو ڀُڻڪيو.... باقي جو ٿورو رستو خاموشيءَ ۾ گذريو. مانيءَ ۾ مڱن جي اڻ ڇلهيل دال، تورين جي ڀاڄي پاپڙ ۽ سانداڻو رکيل هو. ماني خاموشيءَ سان کاڌائون پر ٻنهي پيءُ پٽ جي بک ڄڻ مري چڪي هئي. ماني دوران عبدالقادر ڳالهائڻ پسند نه ڪيو، جيئن هو هميشه ڪندو هو. مانيءَ کان پوءِ ورانڊي ۾ لوهين ڪرسين تي ٻئي پيءُ پٽ اچي ويهي رهيا.
    فانوس جي روشنيءَ ۾ عبدالقادر ڪنهن وڏي سفر تان آيل اهڙو مسافر لڳي رهيو هو جنهن جي اندر جي اک ٿڪل هئي ۽ پنبڙين تي ڄڻ رستن جي دزچڙهيل هئي. هو ڊگهو ۽ طوفاني سفر طئه ڪرڻ کان پوءِ به پختي وجود جو اهڃاڻ بڻيل هو. ايڏي دردناڪ ۽ خطرناڪ زندگيءَ جي پنڌ جو نتيجو سندس مهندار ۽ سگهاري شخصيت هئي. عبدالقادر ڳالهائڻ شروع ڪيو.....
    “ورهاڱي کان اڳ جو دؤر هو، ملڪ ڏاڍو محبتي ۽ خاشو شاهوڪار هو. مون هڪ شاهوڪار هندو گهراڻي ۾ اک کولي منهنجو ننڍپڻ شهزادن جيان گذريو. ‘طلب هُو ته مِل هُو’ واري ڳالهه هئي، جا شيءِ چاهيندو هوس اڳ ۾ ئي حاضر هوندي هئي. ڪا ڪمي ڪونه هئي. ڪا اوڻاٺ نه هئي. دور به سستائي ۽ ايمانداريءَ جو هو، ڳوٺ ننڍڙو هو پر ڪجهه به اوپرو ڪونه هو.
    سڀ مون سان پيار ڪندا هئا، پر امڙ سان گهڻي اُنسيت هئم، بابا ٿورو کُھَرو ماڻهو هو پر اصول اخلاق وارو ماڻهو هو. بابا کي آءٌ ڏاڍو مٺو هئس، بابا منهنجو تعارف ئي سڪيلڌو پٽ چئي ڪرائيندو هو. تن ڏينهن ۾ شاديون ننڍي وهيءَ ۾ ٿينديون هيون، بابا تِن ڏينهَن ۾ پنهنجي پياري دوست پرساڌ رام جي ٽيون نمبر ڌيءَ سان منهنجو مڱڻو وڏي ڌام ڌوم سان ڪرايو هو. ان وقت آءٌ مشڪل سان ٻارهن سالن جو هئس. منهنجي پتا سيڻن کي به سوَنَ جا تحفا ڏنا هئا. مون کي تڏهن محبت جي ته خبر نه هئي پر ان ڇوڪريءَ سان اُنسيت هئي. ٽن سالن کان اسان جو اچڻ وڃڻ هو. ڪنهن خاص ڏڻ تي سوکڙيون تحفا ڪافي شيون جئين پاڻ عيدن تي ڏيون وٺون ٿا ويساک ۽ بسنت رت جا لهندڙ نوان تازا ڦل فروٽ ويسن وڳن سميت نوڪرن کي کڻائيندو ھو بابا مونکي نوڪرن سان گڏ سندس گهر موڪليندو هو. هڪ دفعو پنهنجي جعفري واري دروازي ۾ ورانڊي مان بيهي ڏسي رهي هئي ته مون کيس سڃاتو هو. جو سندس ئي پاڙي ۾ کيڏڻ ڪڏڻ دوران اڳي هڪ دفعو مون کيس ڏٺو هو. پر هاڻي ته هوءَ به مون جيڏي ٿي وئي هئي سو ٻاهر ڪونه ٿي نڪتي، ستر ۾ ويٺل هئي. هوءَ لڄاري شرم واري ڇوڪري هئي تڏهاڪو زمانو مروت لحاظ ۽ حياداري وارو هو. عورت کي ڏسڻ مها پاپ هو، اِن ڪري چاهيندي به آءٌ ساڻس ڏسڻ ملڻ جي ڪوشش نه ڪري سگهيس، پر اهو سچ هو ته مون کي اُها ڇوڪري وڻيل هئي.
    مڱڻي کي ٽي سال ٿي ويا اوچتو ان دؤر ۾ هڪ وبائي بيماري پکڙجي وئي جنهن کي ماتا چوندا هئا، منهنجي منڱيتر جمنا به ماتا جو شڪار ٿي پئي ۽ پرلوڪ پَڌاري وئي. مون کي دلي صدمو پهتو، تڏهن محسوس ٿيم ته آءٌ کيس پيار ڪندو ھوس. هُن سان ملي بغير وڇوڙو منهنجي ٻاراڻي وهيءَ ۾ مون لاءِ اَسهائيندڙ درد هو. منهنجي تڪليف جو امڙ کي اندازو هو. آخر انتم سنسڪار جو وقت اچي ويو، منهنجي دل ۾ اها آرزو جاڳي ته سندس آخري ديدار ڪيان، اڳلي جنم ۾ ملون الائي نه!! پر هندن ۾ اهو ممڪن ئي نه هو ته ڪو ڪو منڱيتر پنهنجي مڱيتر جو مُنهن ڏسي. منهنجي دِل جمنا جي لوڪ پڌارڻ سبب ڏاڍي ملول هئي ڪابه ڳالهه نٿي وڻي. اُن رات ننڊ به نه آئي هئم سو پرهه ڦُٽيءَ مهل ئي مان مسڻ هليو ويس اِن خيال سان ته انتم سنسڪار ڪرڻ کان اڳ ضرور جمنا جي ۾ مُنهن تان ڪپڙو لاهيندا ۽ کيس ڪاٺين تي رکندا سو مان اُن وقت جمنا جو مُنهن ڏسي سگهندسُ. آءُ مسڻ جي آخري ڪُنڊ ۾ بيٺل هڪ نم تي چڙهي لِڪي ويٺس. آءُ جمنا جي خيالن ۾ گُم هوس ته ‘رام رام ستئه آ’ جا آواز آيا ۽ ڪجهه ماڻهو هڪ آرتي کڻي آيا ۽ آرتي مان چتا کي لاهي ڪاٺين تي رکيائون اُن وقت مون ڏٺو ته اُها چِتا جمنا جي نه هئي ڪنهن ٻئي عورت جي هئي، مون اُن چِتا جو انتم سنسڪار ڏسندي جمنا جي آرتي اچڻ جو انتظار ڪيو. ڪافي دير کان پوءِ سڀ ماڻهو جمنا جي چِتا سان پهچي ويا. مسڻ ۾ داخل ٿيا ته منهنجون نظرون جمنا کي ڏسڻ لاءِ آتيون هيون پر جمنا ڪپڙي ۾ پوري بند هئي ڏسڻ جي آس بي تابيءَ ۾ بدلجي وئي پر مجبور نم تي خاموش ويٺو رهيس، رسمن پوري ٿيڻ کان پوءِ ڪاٺين جي ڍير تي تيل هاريو ويو، جمنا کي کڻي ان تي رکيائون، جڏهن ڪاٺين ڏانهن کيس نيو پئي ويو، تڏهن منهنجي اکين مان ڳوڙها مينهن جيان وسي رهيا هئا. منهنجي دل تيز تيز ڌڙڪي ٿي، خوف ۽ عجيب ڪيفيت طاري هئي. جمنا جي منهن تان ڪپڙو هٽيو تڏهن مون ڏٺو شهزادين جيان سُتل هئي جمنا، البته رنگ ميرو ٿي ويو هئس، ساهه نڪرڻ جي ڪري يا شايد بيماريءَ جي ڪري.
    سندس مٿان ڪاٺيون رکيون ويون، جڏهن کيس باهه ڏني ٿي وئي ته منهنجي پوري جسم مان سِسراٽيون نِڪري ويون. مان باهه جا ڀڀڪا ڏسندي ئي ڏڪي ويس باهه ٻرندي رهي. هڪ پل جمنا جو جسم اڪڙجي اُڀو ٿي ويو، جيئن ماڻهو اُٿي ويهندو آهي. ائين لڳم ته جمنا اوڙاهه مان نڪري مون ڏي اچي رهي آهي، پر مردو جسم اتي ئي ٺڪاءَ سان هار مڃي ڪِري پيو، نه ڄاڻ ڪڏهن کان اکين مان نير جاري هئا. منهنجي اندر ۾ وڍ پئجڻ لڳا، جسم مان ساهه ست نڪرڻ لڳو، اِهو سڄو عمل مون لاء ڏاڍو ڇرڪائيندڙ هو. مون کي مولوي صاحب جو جمعي وارو خطبو ياد اچڻ لڳو، جيڪو مون دوست محمد جي گهر جي ڀر واري مسيت ۾ ٻڌو هو، منهنجو مٿو چڪرائجي ويو پر نم جي ڏار ۾ مون کسڪندڙ هٿ مضبوطيءَ سان جهليا. وهندڙ ڳوڙهن کي اگهڻ به مشڪل هو. سڀ ٻرندڙ جمنا کي ڇڏي هڪ هڪ ٿي جڏهن نِڪري ويا ته مان به وڻ کان لٿس ڄڻ پنهنجي حصي جي سزا ڪاٽي چڪو هوس.
    ٻرندڙ لاش جي ويجهو وڃي ڏٺم دل ڏرڻ لڳي ، منهنجي ننڍپڻ جي سنگتي دوست محمد جي گهر جي ڀر واري مسجد ۾ ڏنل مولويءَ جو خطبو ياد اچي ويو، اسين جڏهن جمعي جي ڏينهن دوست محمد جي گهر جي ٿلهي ٻاهران ويهندا هئاسين ته اڪثر مولوي صاحب جي خطبي جو آواز لائوڊ اسپيڪر تي ٻڌبو هو. جنهن ۾ مولوي اڪثر قيامت ڏينهن دوزخ ۾سڙڻ جي ڳالهه ڪندو هو. مون کي لڳو ته اِهو دوزخ هو جنهن ۾ جمنا سڙي رهي هئي. پر هوءَ ته معصوم هئي، جنت جي پرِي هئي، اڇي اُجري هئي، پر هي دوزخ ....ھي ته انسانن ٻاريو هو، هيءِ هٿرادو باهه ته ماڻهن ئي ڪاٺيون گڏ ڪري ٻاري هئي. مونکي اُن لمحي اِهو به ياد آيو ته مولوي چوندو هو ته
    “نيڪيون ڪرڻ وارن ۽ معصومن لاءِ جنت آهي ۽ بدڪارن، گناهگارن لاءِ دوزخ آهي. پوءِ ڇو جمنا!!؟” منهنجو مٿو ڦرڻ لڳو، هڪ ويل سوچيم ته مان به اِن چتا ۾ جلي وڃان، پر پاڻ سنڀاليم. اچانڪ خيال آيو ته آءُ مرندس ته مونکي به ته اِن باهه ۾ ساڙيندا نيٺ. پر آءُ باهه ۾ نه سڙندس. آءُ ثواب ڪمائيندس آءُ جنتي ٿينديس. آءٌ مسلمان ٿيندس. منهنجي عجيب ڪيفيت ٿي وئي، ڇاڪاڻ جو مونکي باهه کان ڏاڍو خوف ٿيندو هو انڪري جو ننڍي هوندي مان هڪ ڀيرو ڏياريءَ تي ڦٽاڪا ٻاريندي سڙي پيو هوس. منهنجي هٿ ۽ ڪارائي تي هي نشان اُن سڙڻ جو آهي، اُن حاڊثي ۾ منهنجا سٿر به سڙيا هئا. سڙڻ کان پوءِ مون ڪيئي مهينا لوڙهيو هو، مهينن تائين منهنجو جسم ڪُرندو ۽ جلندو هو، مان رڙيون ڪري روئيندو هوس. ان لمحي منهنجي حالت ڏسي امان ڏاڍو روئيندي تڙپندي هئي. آءُ روئيندي روئيندي امان کي چوندو هوس،
    “امان آءُ ڪڏهن به ڏياري تي ڦٽاڪا نه ٻاريندس. مان ڪڏهن به ڏياريءَ جون خوشيون نه ملهائيندس. مونکي باهه کان ڊپ ٿو لڳي.”
    خوف سبب مسڻ ۾ خود کي اڪيلو ڏسي ڊڄي به ويس، سو مون مسڻ مان نِڪري گهر طرف ڊُڪڻ شروع ڪيو. عجيب ڪيفيت ۽ حالت هئي، پر ڄڻ اندر مان ڪو ٻولي رهيو هو، ها آءُ مسلمان ٿيندس، قبر ۾ دفن ٿيندس باهه ۾ نه سڙندس.
    اِهو سڀڪجهه اُن ڳالهه کان بي خبر سوچي ڊڪندو ٿي رهيس ته مسلمان ٿيڻ ۾ ڪيترا اهنج ۽ ايذاءَ منهنجا منتظر هئا. پر اُن وقت هڪ واڻيءَ جي گهر طرف ڊوڙي رهيو هوس. آءُ گهر پهچڻ ساڻ گهر جي اڱڻ ۾ رکيل کٽولي تي ڪري پيس. اکيون کُليون ته آءُ گهر جي ڪوٺيءَ ۾ هيس، امان کٽ جي سيرانديءَ کان ويٺي هئي، اک کُلندي پيشاني چمي چوڻ لڳي،
    “ٻچا! ڪالهه شام کان به اڳ سُمهيو آهين، هاڻي منجهند جو اک کلي اٿئي. بخار ۾ تپيل آهين، طبيب به ڏسي ويو اٿئي دوا ڏئي ويو آهي، تاڪيد ڪيائين ته تنهنجي آرام جو خيال رکون جي منجهند تائين اک نه کُلي ته کيس ٻيهر سڏايون.”
    مان وري اُها باهه ياد ڪرڻ لڳس ۽ امان کي ڏسي روئي ڏنم، امان هنج ۾ منهنجو مُنهن رکي ڳوڙها اگهندي خود به روئيندي رَهي، جو هُن ڄاتو ٿي ته مون کي جمنا جو صدمو آهي.
    اُن ڏينهن کان پوءِ امان دريءَ ۾ رکيل مورتين جي آڏو ڳچيءَ ۾ ڳارو وجهي ڪي منتر يا پاٺ پڙهندي هئي. پوءِ مون کي به شوڪارا هڻندي هئي ۽ هڪ ڇمڪڻي وڄائيندي هئي. آءُ مهينو بيمار هيس ۽ عجيب ڪيفيت ۾ خود سان جسماني ۽ ذهني طور جنگ جي محاظ تي گذاريم. جسم ان صدمي ۽ اُڻ تُڻ جي ڪري ڪمزور ٿي پيو، هفتو بخار رهڻ کان پوءِ ڪمزوري ۽ اوڪارن جو معاملو هليو، سو ته ٺهيو پر ذهني آنڌ مانڌ ۽ ڇڪتاڻ جيئڻ ڪونه ٿي ڏنو. هر پل گهر مان ڀڄڻ جا منصوبا ٺاهيندو ڊاهيندو ٿي رهيس. گهر وارا خراب طبيعت جي ڪري گهر کان نڪرڻ نه پيا ڏين، خاص ڪري امان جو مون ۾ ساهه هو، تنهن پنهنجي اکين کان پري ٿيڻ ڪونه ٿي ڏنو. آخر مهيني کان پوءِ اسڪول وڃڻ جي اجازت ملي، اسڪول وڏو ڪو سرڪاري بلنڊنگ وارو نه هو، هيڊ ماستر جي گهر جو هڪڙو ڪمرو هو ۽ اسين پنج ٻار هئاسين. آءٌ اسڪول کان موٽي انهيءَ ڏينهن سڌو دوست محمد وٽ ويس، مون کي ڏسي دوست محمد ڇرڪي ويو. چوڻ لڳو،
    “مِيان ڳري چٽ ٿي پيو آهين، ڇا ٿيو اٿئي؟” مون دل جهلي سَموري ڳالهه ٻڌائيمانس ۽ کيس چيم،
    “يار مان مسلمان ٿيندسُ....؟” اِهو ٻُڌندي تارا پٽجي ويس، حيرت وچان چيائين،
    “چرچا ڇڏ.....”
    “نه نه چرچو يا مذاق نٿو ڪريان، مان سچ ۾ مسلمان ٿيندس، ڪملو پڙهندس، الله ۽ اُن جي رسول تي ايمان آڻيندس.” مان مسجد واري مولويءَ جا خطبا ٻڌي اڳ ئي ايمان آڻي چڪو هوس، جيڪا منهنجي اندر جي ڳالهه هئي، ٻيڻو هن واقعي مون کي سُک ويهڻ نٿي ڏنو. هِن گهڙيءَ مسلمان ٿيان ٻي گهڙي نه وجهان. هڪ سمجهه ۾ نه ايندڙ ڪيفيت هڪ جنون هو.
    مون کي سڙڻ کان خوف هو، سڙڻ اُهو آڙاهه اُها پري کان ساڙيندڙ ڄڀي جيڪا مون وڻ تان لهي جمنا جي سڙندڙ چِتا جي ويجهو وڃي ڏٺي هئي. مون کي مسلمان ٿيڻ ۾ جيڪي ڏکيائون يا پيچدگيون درپيش هيون سي به ارادا لوڏي نه سگهيون هيون. مون کي ان سفر ۾ موت به منظور هو، پر هندو کان مسلمان تائين جو سفر طئي ڪرڻو هو. دوست محمد ڊڄي ويو ۽ حيرت ۾ اهڙو گم هو، جهڙو آءُ جمنا کي سڙندي ڏسي درد سان گڏ حيرت ۾ سراپجي ويو هوس. دوست محمد چيو هو،
    “تون ته هيڏو امير ايڏو خاشو ماڻهو، واڻين جي امير گهر جو ٻار آهين. اسين مسلمان غريب آهيون اسان تي هميشه تون خرچ ڪندو آهين، سڀني سنگتين جي مدد ڪندو آهين، اسين ڀلا توکي ٽڪي ٽڪر ۾ ڪهڙي ٽيڪ ڏئي سگهنداسين، ٻيڻو تنهنجي مالڪن جو زور پئجي ويو ته توسان گڏ پنهنجو به سِر رُلي ويندو.”
    “اوهان کي تڪليف نه ڏيندس نه ڏياريندس. مان هي تر ڇڏي ڏيندس بس مسلمان ٿيڻ تائين ساٿ ڏيو، رهي اميري ته اُن جي پرواهه ڪونه اٿم، اهو طئي آ ته مون کي اسلام قبول ڪرڻو آ. باقي آچار، ابراهيم صالح ۽ ڪريم کي به ان صلاح ۾ شريڪ ڪرڻو آهي.”
    مان ٻي ڏينهن تي نڪري نه سگهيو هوس. ٽئين ڏينهن اسڪول مان سوير موڪل وٺي دوست محمد وٽ آيس، انجام موجب سڀ دوست گڏ هئا، دوست محمد سڄي صورتحال کان سڀني کي آگاهه ڪري ڇڏيو هو، سڀ حيرت، خوشي ۽ غير يقيني ڪيفيت ۾ مون کي ڏسي رهيا هئا، سڀ مليا ته گرم جوشيءَ ۾ پر سندن سواليه نظرون منهنجي وجود تي سواليه نشان جيان پئجي رهيون هيون. مون اُتي ٿوري بيوسي محسوس ڪئي ته ڪاش! مان ائين سمجهائي سگهان جيئن سمجهي رهيو آهيان. آءُ سينو ڦاڙي دل ڪونه ٿي ڏيکاري سگهيس. مون جيئن محسوس پئي ڪيو تيئن محسوس ڪرائڻ ۾ شديد ناڪام وڃي رهيو هوس. هو منهنجا پيارا دوست هئا، ٿورو منهنجي خاندان جي اثر رسوخ کان ڊنل ۽ هيسيل هئا، غريب ماڻهو ته ڊڄندو ئي آهي نه!.
    ٻن منٽن جي خاموشي کان پوءِ آچار ڳالهايو،
    “گيانا! يار تون ڪيئن ٿيندين مسلمان وڏو مسئلو آ، مسلمان جي ٿيندين ته هتي توکي واڻيا رهڻ ته ڪونه ڏيندا، مري نه پئين.”
    “اڙي تون ماٺ ڪر، جي هو دل سان دين تي اچي ٿو ته اسان به بي وڙا نه ٿينداسين، ساٿ ڏينداسونس، يار تان سر قربان آ. مان نعرو هڻي بيهندس مٿس، مٺي مرسل جي دين تان گهور ٿيس ته خير آ.” ابراهيم جوش ۾ ننڍڙي تقرير ڪري ويو.
    “گيانا! اسين سڀ ساٿ ڏينداسين تنهنجو، مولوي به هٿ ڪبو رک الله تي.”
    پهرين جڏهن هي خاموش هئا ته به آءُ پنهنجي ارادي تي قائم هيس پر هينئر دل وڏي ٿي وئي هئي، گهر موٽي ته آيو هوس پر جهڙو دوست محمد جي گهر منهنجو روح رهجي ويو هو. رهجي ته آءٌ ان ڏينهن تي ڪٿي ٻاهر ويو هوس، گهر ڪين موٽيو هوس، جنهن ڏينهن جمنا جو انتم سنسڪار ڏٺو هئم. جمنا جو ديهانت ڇا ٿيو هو ڄڻ ته منهنجو به ديهانت ٿي ويو هو. جمنا جي ديهانت کان پوءِ مون ۾ آءُ ڪونه هوس، ڄڻ ڪو ٻيو روح هو جيڪو هلي ڦري ۽ مون کي ڦيرائي رهيو هو.
    شروع ۾ منهنجو گُم سُم رهڻ ۽ اُداس رهڻ گهر ۾ وڏي پريشاني يا سوالن جو سبب ان ڪري نه ٿيو هو، جو سڀني ڄاتو ٿي ته جمنا جي صدمي ۾ آهيان، پر جڏهن مان گونگن وانگر گهر ۾ بي آواز ۽ موجود هوندي غير موجود رهڻ لڳس. نه آواز نه انگل، نه ٻاراڻي شوخي شرارت تڏهن سڀني مون کان طبيعت جو پُڇيو ۽ جيڪا ڀڳوان جي مرضي چئي وري وساري ڇڏيائون. پر امڙ ڪين وساريو اُن کي منهنجي حالت حيران پريشان ڪرڻ لڳي. هڪ ڏينهن صبح جو اسڪول موڪلڻ کان اڳ پڇڻ لڳي،
    “ابا اسڪول جو ڪم ڳرو آهي يا پنهنجي جمنا جي ياد ۾ ڳرندو ٿو وڃين، جي چوين ته چيٽ ۾ ڀڳوان داس جي ڌيءَ وٺي ڏيانءِ کيس ست ڌيئون آهن، جنهن تي هٿ رکين.”
    مون خالي نظرن سان امڙ ڏي نهاري ڪنڌ هيٺ ڪيو، امڙ منهنجي وجود جي هر تحرير پڙهي ٿي سگهي، پر ڄڻ هي لکاوت سمجهه ۾ ڪونه ٿي آيس. ايتري ۾ منوهر لال، چيلارام ۽ آنند اسڪول هلڻ لاءِ اچي پهتا، مان تڪڙ ۾ انهن سان نڪري ويس.
    امڙ جي تڙپ دل ۾ چهنڊي وڌي پر هڪ اڻ ڏٺل ڪشش ۽ قوت ان تي حاوي هئي. ائين مسلمان ٿيڻ جا پُور پچائيندي سال کان مٿي ٿي ويو. دوستن کي ڪو مولوي ڪونه ٿي سُجهيو. دوست منهنجي حالت تي پريشان هئا. جيسين ڪو مولوي هٿ اچي آءُ دوست محمد سان سندس گهر جي ڀر واري مسجد ۾ نماز پڙهڻ ويندو رهيس، جڏهن مسجد مان سڀ نمازي هليا ويندا هئا. دوستن مون کي نماز سيکاري ۽ ياد ڪرائي هئي. قرآن جو سبق به ڏيندا رهيا، وڏن کان چوري دوست محمد جي گهر جي ڪچي ڇن ۾ دين جون ڳالهيون ڪندا هئاسين، نماز قرآن پڙهندا هئاسين. آءُ ذهين هوس سو ڪا ڏکيائي نه ٿي، سڀڪجهه جلدي ياد ڪري ويس. آءُ سترهن سالن جو ٿي ويس، آءُ ڪابه نماز نه گسائيندو هوس، ڪيئن به ڪري لِڪي نماز پڙهندو هوس ۽ دعا ۾ باهه کان پناهه گُهرندو هوس.
    مون پنهنجي مذهبي ڏينهَن ۽ پوڄا پاٺ ۾حصو وٺڻ ڇڏي ڏنو هو. سڀني گهر وارن کي منهنجو اِهو رويو پسند نه هو. اِن ڳالهه تي سڀ دڙڪا به ڏيندا هئا. سواءِ امڙ جي. بابا کان وڌيڪ چاچا دڙڪا ڏيندو هو. چاچا وڏي رعب ۽ دٻدٻي وارو شخص هو، جيتوڻيڪ چاچا پتا کان ننڍو هو، پر وڏي مڻيا ۽ ڏيا وارو شخص هو، خانداني فيصلا به گهڻو ڪري چاچا ڪندو هو، جو بابا گهر توڙي خانداني مسئلا سندس حوالي ڪري ڇڏيا هئا.
    اُهو شايد آچر موڪل جو ڏينهن هو آءٌ دوست محمد وٽ ويس ته پُرجوش طريقي سان مليو زور سان ڀاڪر پائي خوشخبري ڏنائين ته،
    “گيان تنهنجو ڪم ٿي ويو آ، سونڍا کان سوٽ آيو آهي، مولوي جو ڏس ڏنو اٿائين جيڪو سندس گهڻ گهرو آ، چاچي جو دوست آ، مون کيس رات رهايو آ، سڀاڻي يار تنهنجي ڪم سان ساڻس رلجي وڃان ٿو. ڪم پڪو ڪري مولوي سان ڳالهائي موٽ ڪندس پوءِ وري هتان گڏجي هلنداسين. بس سڀاڻي نڪرنداسين.” هو پنهنجي سوٽ کي سڏي آيو، ٻاهرين ڇن ۾ ويٺاسين، کوڙ ڪچهري ٿي. سندس سئوٽ ڀلو ماڻهو هو.
    عبدالقادر جو ٿڌو ساهه نڪري ويو پٽ کان پاڻي گُهريائين. عبدالرحمان ڪٽوري ۾ پاڻي ڀري ڏنس....يڪ ساهي پاڻي پيئڻ کان پوءِ عبدالقادر وري ڳالهايو.
    “آءٌ هفتي کان دوست محمد وٽ وڃي نه سگهيو هوس. هفتي کان پوءِ جڏهن وٽس ويس ته دوست محمد خوشخبري ٻڌائي ته مولوي مڃي ويو آهي، ميار ڏيڻ لڳو ته آءٌ تنهنجي ڪري سوٽ جي منٿن تي به اُتي نه رهيس. تنهنجو ڇهن ڏينهن کان انتظار ويٺي ڪيم. دوست محمد خوشيءَ ۾ ڪونه ٿي ماپيو. دوست محمد پنهنجي والد کي به اِها ڳالهه ٻڌائي چڪو هو. ٻن ڏينهن کان پوءِ مولويءَ وٽ پهچڻو هو. سو انجام موجب جڏهن بيل گاڏيءَ تي ڀرواري ڳوٺ پهتاسين ته دوست محمد جا مائٽ اسان سان ملي ڏاڍا خوش ٿيا. دوست محمد جا مِٽ مائٽ گڻائتا ۽ قربائتا ماڻهو هئا، ڀَلي آجيان ڪيائون. سٺو ڀانيائون، هنڌ ٽپڙ ماني ٽڪي خاشي خدمت ڪيائون.
    ٻئي صبح تي مولوي سان ملياسين مولوي صاحب به خوش ٿيو. منهنجي مسلمان ٿيڻ تي مولوي صاحب کي جا سرهائي منهن تي آئي، تنهن مون کي به سرهو ڪري ڇڏيو. مولوي صاحب چيو ڪجهه ڏينهن مهماني کائو. ڏسجي ته پٺيان جاچ جوچ ڳولها ڦولها ڪيتري ٿئي ٿي! پنهنجو به بچاءُ لازمي آهي، ٻيو تون اڃان ڪچو آهين. انگريزن جي حڪومت آ ڪٿي ڪاٺ نه پئجي وڃون. اسين بابا اڀرا ماڙهو ڪنهن ڦڏي مان ڪين ڄاڻون.
    ستين رات بابا اوچتو چاچي سان اچي ڳولهي لڌو، ڳوٺ وارن دوستن سڻس ڏئي ڇڏي هئي، چاچا جي رعب آڏو دوستن زبان کولي وڌي، شايد کين مار موچڙو به ٿيو هو. بابا جڏهن آڏو آيو ته رڦڻي وٺي ويم، رت ست ڇڏائي ويو، ڪنڌ هيٺ ڪري بيٺس، چاچا ڪاوڙ ۾ اچي ساڄي ڳل تي چپاٽ وهائي ڪڍي، هٿ چاچا جو ڳرو هو، چپاٽ ڄڻ ڳل تي ٺهي پئي. بابا مولويءَ کي ڏاڍو سوڙهو ڪيو، چيائينس قانوني ڪارروائي ٿيندي... مولوي صاحب منٿ ميڙ ڪيس، هٿ ٻڌائينس ته
    “بابا امانت وٺي وڃو، مون کيس ڪلمو ڪونهي پڙهايو. ڇوڪرو اڃان مسلمان ناهي ٿيو.”
    “مسلمان ٿيندو به ڪيئن اڃان هو ارڙهن سالن جو به ناهي ٿيو.” بابا ڄڻ شينهن وانگر گجگوڙ ڪئي هئي.
    “اوهين ته دين دنيا ڄاڻو ٿا، هي اوهان غير مناسب قدم ڪيئن پئي کنيو، قانون موجب اوهين ڏوهاري آهيو.”
    “ديوان سائين! مسلمان ڪيو ته ڪونهي اڃان، پنهنجي خوشيءَ سان پٽ اوهان جو آيو آهي اسين کيس زوري ته ڪونه وٺي آ يا هئاسين، جيئن پهتو آ تيئن ويٺو آ، مون نه ڪو مسلمان ڪيو آ نه وري هاڻي ڪو ڪندس. پنهنجي پٽ کان پُڇي سگهو ٿا. هي دين آ زوري ناهي ٿيندي دين ۾. اِهو آءٌ به ڄاڻان ٿو.”
    بابا وارن بيل گاڏي ۾ مون کي ويهاريو، ڀلين جُهلن وارا ٻه ڏانڌ ، وڏا وڪڙ کاڌل سڱ ڍڳا ڄڻ ته بيل گاڏي اُڏائيندا ٿي ويا. آءٌ خوف ۾ هئس ته شايد ماريو وڃان. گهر پهچي چاچا ڏاڍي ڇنڊ پٽي هئي ته “شرم ڪونه آهي توکي راڄ ۾ وڏي عزت وارا آهيون، ستن پُشتن ۾ اسان مان ڪو مسلمان نه ٿيو، توکي اهو خيال ڪٿان آيو، بڻ بڻياد تنهنجو ڪيڏو مانائتو آ، توکي پنهنجي ڌرم جو ڀرم شرم ناهي.”
    امڙ منهن تي پردو ڪري منهنجي ڀرسان بيٺي رهي هئي، امڙ چاچن کان پردو ڪندي هئي. پوءِ چاچا مون کي کٽولي سان ٻڌي ڇڏيو هو، چاچا ۽ بابا اِهو چيو ته هي تيسين ٻڌل رهي جيسين آڻ نٿو مڃي. جي سڌو نه ٿيو ته ڪا ٻي ڪارروائي ڪبي. باقي نڪ کڻڻ جهڙو ڪونه ڇڏيو اٿائين. دل تان لهي ويو آهي. آءٌ مسلمان هوس، دل سان روح سان سا ڳالهه ڪير به سمجهڻ لاءِ تيار ڪونه هو، مون کي تڪليف ڏئي ويتر باغي ڪري رهيا هئا. مون کي فقط امڙ جو اونو هو، باقي رشتا دل تان لهي چڪا هئا. جڏهن سڀ ڪمري مان نڪري ويا ته امڙ لالٽين کڻي اچي منهنجو چهرو ڏٺو هو، ڳل تي چاچا جي چپاٽ سَودي ٺهي پئي هئي، امڙ ڏسي ڊڄي وئي، مون ڏٺو ته امڙ جي جسم مان سيسراٽ نڪري ويو. لڳم ته مون کي نه پر ڄڻ امڙ کي اُها چپاٽ لڳي جڏهن منهنجي ڳل تي چپاٽ جي ڇاپ ڏٺائين. امڙ جي اکين مان رُڪيل ڳوڙها ڪري پيا ۽ مسلسل ڪِرندا رهيا، سڏڪو روڪي پڇيائين،
    “ماني کائيندين؟” مون انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو، منهنجو منهن ٻنهي هٿن ۾ جهلي چوڻ لڳي
    “منهنجا لال مُڙي وڃ، ضد چڱو ناهي. آءٌ ممتا کان مجبور آهيان، مون کي ڪين مار.”
    پوءِ منهنجا ٻئي هٿ چمندي رهي. منهنجا هٿ سندس ڳوڙهن جي مينهوڳيءَ ۾جل ٿل ٿي ويا هئا. مون اُن لمحي امڙ کي چيو هو ته،
    “امڙ مان اِن آڙاهه ۾نه سڙندس جيڪا منهنجي چتا کي هڪ ڏينهن ڏني ويندي، مونکي نرڳ دوزخ جي باهه نه، پر سوَرڳ جنت جي طلب آهي. سا لهڻ ۾ منهنجي مدد ڪر امڙ!” ٻئي ڏينهن صبح جو زوري ماني پنهنجي هٿن سان کارائي هئائين. کيس پڪ ٿي چڪي ھيس ته آءُ نه مُڙندس، هوءَ هارائي چڪي هئي. درگا ماتا جي ڀڳت هارائي چڪي هئي. هڪ ماءُ ممتا هٿان هارائي آڻ مڃي چڪي هئي. هوءَ مڪمل ممتا هئي درگا ماتا جهڙي شفيق. مون سڄي رات ننڊ نه ڪئي هئي ڀڄڻ جا پور پچائيندو رهيو هوس. جسم نٻل، بي حال نستو هو، جهڙو بي جان. صبح جو مون امان کان حاجت روائي جي اجازت گُهريم، امڙ سڏڪو دٻائيندي هٿ جي اشاري سان چيو هليو وڃ. نوراتري جي لاءِ سڀ تيارين ۾ مندر ويل هئا. امان کي منهنجي رکواليءَ لاءِ رهائي ويا هئا. منهنجي هٿن پيرن جون رسيون کولي ڇڏيائين. ان مهل سج جا ڪرڻا امڙ جي چهري تي پيا هئا. مون کي لڳو ته سورهيه ونش امڙ جي ممتا کي ڄڻ سلام ڪري رهيو آهي.
    عبدالقادر سڏڪو چپن ۾ چيڀاٽي اندر ڏانهن موڪلي ڇڏيو. جيڪو عبدالرحمان محسوس ڪري ورتو. وري عبدالقادر ڳالهايو
    “ويندي ويندي امان مون کي زور سان ڀاڪر پاتو ۽ ڪجهه پئسا منهنجي کيسي ۾ وڌائين.” مان گهر جي پوئين پاسي ڍنگهرن جي لوڙهي تي پاڻ اڇلايو. ڪيئي ڪنڊا جسم رهڙي ويا پر ساهه بچائڻ ۽ مسلمان ٿيڻ جو مقصد منهنجي جسم کي چُرڻ تي مجبور ڪري رهيو هو. منهنجي ٺونٺن ۽ پٺي ۾ ڪنڊا ڇڀي ويا هئا، لوڙهو ٽپي ڊوڙ پاتم چپل پير مان ڪڏهوڪي لهي وئي ڪا سڌ ڪين هُئم. پٺتي ڪونه ڏٺم، ٿورو ئي پري ويس ته چاچا گهوڙيءَ تي اچي رهيو هو. آءٌ ڏڪي ويس شڪر الله جو آڏو سگهارو ٻير جو وڻ هو، ان جي اوٽ ۾ لِڪي ويس. چاچا ڪونه ڏٺو. مون وري روڪيل ساهه کنيو ۽ وري پيرن تي زور ڏنم. ڊڪيس ۽ ڊڪندي ڀڄندي واهه جي ڪپ تي پهتس اکين اڳيان اونداهي ڇائنجي وئي آءٌ اُتي ئي ڪري پيس. عبدالقادر ڪجهه لمحا خاموش ٿي ويو... فانوس جي روشنيءَ کان منهن هٽائي عبدالرحمان پهراڻ سان پنهنجا ڳوڙها اگهي ورتا جيڪي پيءُ جي ڪهاڻي ٻُڌندي وهي پيا هئس. عبدالقادر وري ڳالهائڻ شروع ڪيو ته عبدالرحمان منهن روشني طرف ڪيو.
    جڏهن هوش آيم ته هڪ غريب ميربحر جي ڀُنگيءَ ۾ هيم. ان مونکي سڃاتو هو، جو روزانو اسانجي ڳوٺ مڇي کڻي ايندو هو. آءٌ ڏڪي ويس. غلامون ميربحر شفقت سان نهاري چيو ته، “سيٺ مولچند جو پٽ آهين نه؟” مون هائوڪار ۾ هلڪو ڪنڌ لوڏيو.
    “ٻچا تون غشي ۾ واهه جي ڪپ تي پيو هئين ۽ اهو حال ڪيئن ٿيو ٿي؟”
    مون کين سڄو حال ٻڌايو.....
    “ابووو....” غلامون ڪجهه سوچيندي چيو،
    “ڊڄ نه اسين دين خاطر توسان گڏ آهيون، جيڪو حڪم ڪرين.” پيار سان مٿي تي هٿ رکيائين ۽ چيائين،
    “اَبا ريل ڪار ۾ چڙهي وڃي شهر ۾ ڪو مولوي ڳولي هٿ ڪر، هتي ته تون پڌرو ٿي پوندين.”
    اُتي مون کي خيال آيو ته دوست محمد کي نياپو غلامون هٿان ڪرايان جو هو روز مڇي کڻي ڳوٺ ويندو آهي. غلامون سان ڳالهه ڪيم ته کيس سرهائي ٿي ۽ هائوڪار ڪيائين. ڏينهن اڌ ۾ دوست محمد، پيءُ ۽ ٽنهي دوستن سوڌو اچي پهتو.
    رات واري ريل ڪار ۾ مان ۽ هو ٽيئي دوست ڪراچي روانا ٿياسين. مون کيسي ۾ هٿ هنيو ته امڙ جا سڪا ۽ سونيون گُينيون هٿ ۾ آيون. ٽڪيٽون مون سڀني جون ورتيون خرچ ڪرائڻ جي عادت ڪڏهن ڪونه هئي سو ڪجهه پئسا دوستن کي به ڏنم. ريل گاڏي ۾ منهنجي ڪيفيت مٽ ٿي وئي هئي، ڪنهن پل نور جي روشني سيني ڏانهن ويندي محسوس ٿي ٿي ۽ جسم ۾ حيرت انگيز سگهه پيدا ٿي وئي ته ڪنهن لمحي وري مائٽن جو ڊپ ۽ باهه جو خوف پئي ٿيم. مون کي پنهنجي ڪَئي تي پڇتاءُ ڪونه هو، پوءِ آءُ خوش هوس جو پنهنجي مقصد جي پوراءُ لاءِ ڪراچي وڃي رهيو هوس.
    ڪراچيءَ ۾ هڪ مشهور عالم دين ۽ معروف بزرگ هستيءَ سان وڃي ملياسين. مون ۽ منهنجي دوستن سڄو حال کيس ٻڌايو. مولوي سڀ سوال مون کان ٿي پڇيا ته ڪٿي هي زبردستي ته نه کيس کڻي آيا آهن. مون اعتماد سان جواب ڏنا. منهنجو حوصلو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. مٿي تي هٿ رکي چيائين،
    “هي مدرسو ۽ منهنجو گهر تنهنجا پنهنجا آهن، تنهنجي عمر ارڙهن سال ٿيڻ تائين توکي ڪلمو نه پڙهائبو، توکي تيسين اسلام جي باري ۾ سڀ سمجهائيندس پوءِ مسلمان ڪندس. سو ٽي مهينا تون ڄاڻ حاصل ڪر، پوءِ آءُ توکي مسلمان ڪندس.” منهنجا دوست موڪلائي واپس روانا ٿي ويا جيئن منهنجي وارثن کي ڪو شڪ نه پئي. ٽن مهينن گذرڻ کان پوءِ مولانا صاحب مون کي مذهبي رسم سان مسلمان ڪيو، ڪلمو پڙهايو. هندو برادري ۽ منهنجي وارثن ۾ وڏو چوٻول متل هو، وڏي ڦڙڦوٽ هئي، هو هر هنڌ مونکي ڳولهي رهيا هئا.
    منهنجي مسلمان ٿيڻ کان هفتو پوءِ اچي نيٺ مونکي ڳولهي پهتا. مولانا صاحب مون کي سندن سامهون اچڻ نه ڏنو. پهريان سڀ دليل ثبوت، منهنجو قسم نامو ۽ پوري عمر کين ٻڌايائين. پوءِ کائن مون سان ملڻ جي لاءِ پڇيائين جنهن تي هنن مونسان ملڻ کان انڪار ڪيو ۽ ڏک ڪاوڙ ۾ واپس هليا ويا. مولانا صاحب منهنجو مسلمانڪو نالو عبدالقادر رکيو هو، نه صرف ايترو پر منهنجي وارثن جي لادعوى هُجڻ ڪري مونکي پنهنجي ولديت جو نالو به ڏنائين، مان قومي سڃاڻپ موجب عبدالقادر ولد مولوي عبدالستار بڻجي ويس. مونکي نالي متعلق سمجهائيندي چيو هيائين عبدالقادر يعني قادر مطلق جو عبد، بندو. مون کي پاڻ وٽ سال ترسائي مڪمل ديني تعليم ڏنائين پوري سِکيا ڏنائين. جڏهن مان هر ڳالهه سمجهي سِکي ويس ۽ دلي طور مطمئن ٿيس ته مون مولانا صاحب کان موڪلايو. مولانا صاحب مونکي ولديت ڏني هئي سو پنهنجو پُٽ ئي سمجهندي سموري زندگي پاڻ سان رهڻ جي آڇ ڪئي. مون سندس ٿورا مڃيا ۽ زندگي پنهنجي انداز ۾ جيئڻ جي اجازت گهري. مولانا صاحب دعائن ۽ تحفن سان رخصت ڪيو ۽ اِهو تاڪيد ڪيائين ته ڇٽي ڇهه ماهي مان کيس مُنهن ڏيکاريندو ضرور رهان.
    آءُ سنڌ جي سڀني روضن ۽ زيارتن، ديني بزرگن وٽ ويس. سڀ گاديون گهُميس. آءُ هاڻي ويهن سالن جو جوان ٿي چُڪو هئس. امڙ جو ڏنل سون ۽ پئسا مون وٽ سنڀاليل هئا. آءُ روز گذر لاءِ ڪڏهن مزدوري به ڪري وٺندو هوس، پر انهن پئسن کي هٿ نه لاٿم.
    نيٺ پنهنجي ڳوٺ ويجهو ننڍڙي شهر ۾ اچي هڪ مولوي سان مليس. مولوي صاحب مون کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. پوري شهر ۾ منادي ڪرايائين، گهوڙو سجائي، نئون خوبصورت جوڙو تيار ڪرائي پارائي اُن تي ويهاري شهر ۽ شهر کان منهنجي ڳوٺ تائين جو سرگس ڪرايائين. ڳوٺ جي مندر ۽ مسڻ کان گذرندي منهنجي لونءُ ڪانڊارجي وئي، سڀ يادون سمورا عڪس اولڙا ذهن جي ڪينواس تي تري آيا. هلندي جڏهن پنهنجي گهر کان گذريس ته مٿين ماڙ تي نظر پيم عورتون بيٺل نظر آيون. سڀ زارو قطار روئي رهيون هيون. سڀن جي اکين ۾ ڳوڙها هئا. مون ڪنهن کي ڳولهيو پئي. جڏهن امڙ تي نظر پيم ته دل ئي ڄڻ ڌڏي وئي اکين ۾ پاڻي اچي ويو، پر پاڻ سنڀالي ورتم. امڙ ويجهو ڏسي هڪ ڳوٿري ‘هڙ’ مون ڏانهن اُڇلائي جيڪا اچي منهنجي جهولي ۾ ڪِڙي مون اُها هڙ کنئين. سوچيم واپس امڙ ڏانهن اڇلايان پر هيڏي ميڙاڪي ۾ ايئن ڪري نه سگهيس. خبرناهي ڪنهن ڏٺو، ڪنهن نه ڏٺو، وڌيڪ ڪنهن کي خبر نه ڏيڻ ئي بهتر هو. وڏي احترام سان جلوس وري واپس شهر مولوي جي گهر طرف رخ ڪيو.
    مون گهر پهچي ٿيلهي کولي ڏٺي، ڪافي پئسا ۽ سون هو. آءٌ نماز جو پابند هيس، پر مولوي جي مسجد ۾ رهندي تهجد، اشراڪ ۽ چاشت نماز به پڙهندو هوس، مون جلدي انهن سڀني پئسن مان هي گهر ۽ مسجد جوڙايا ۽ هڪ دڪان کوليم.
    مولوي ڪجهه ئي مهينن ۾ ڌيءَ جي سڱ جي آڇ ڪئي، جيڪا مون اڻڏٺي قبولي. سڄي دنيا چيو ته تون مولوي جي ڪوجهي ڌيءُ سان ڪيئن ها ڪئي. پاڻ ته ٺاهوڪو سهڻو جوان آهين. توجهڙو شهزادو ته پوري تر ۾ ڪونهي. مون کين چيو سڀ مالڪ جو جهان آ، دنيا باغ آهي ۽ ان ۾ هر رنگ هر قسم جا گل آهن، مالڪ جي ٺهيل ڪابه شئي خراب ڪونهي. منهنجي شادي ٿي وئي...
    عبدالرحمان کان رهيو نه ٿيو، چيائين،
    “بابا اوهين واقعي سدا ملوڪ حسين آهيو، امان ۽ اوهان ۾ ڏينهن رات جو فرق آ.” عبدالقادر کِلندي وراڻيو سڀ صورتون اُن ذات جون خلقيل آهن. ڪنهن صورت مان وِڏ ڪڍڻ اُن مالڪ جي شان مان وِڏ ڪڍڻ برابر آهي، مون کي سندس ذات ۽ صورت ۾ ڪڏهن ڪو عيب نظر نه آيو آ. خير سان جڏهن عبدالنبي ڇهن مهينن جو ۽ تون ٽن سالن جو هئين تڏهن امڙ نياپو ڪرايو هو ته مون کي پوٽا ڏيکاري وڃ. دم حياتي الائي ڇا موت ملاقات جي ڪا خبرناهي، مون انڪار ڪيو هو. وري امڙ اِهو نياپو ڪرايو ته،
    “پُٽ جي تون هڪ واياڻيءَ سان نٿو ملڻ چاهين ته اُها تنهنجو مذهب اختيار ڪرڻ لاءِ تيار آهي. آخري ڀيرو تنهنجي ۽ تنهنجي ٻچن کي ڏسڻ ڪاڻ هوءَ پوئين وهي ۾ به پنهنجو مذهب ڇڏي ڏيندي. مَذهب ڇڏڻ سان، سندس مانگ اُجڙي ويندي، منگل سُوتر بي معنيٰ ٿي پوندو، هوءَ مڙس هوندي به ڄڻ وڌواهه يعني سُهاڳڻ هوندي به ڏُهاڳڻ ٿي پوندي، سو به قبول آهي ٻچا تو لاءِ.” هوءَ مڪمل ماءُ هئي هُن جنهن دل سان چيو هو سو ڪري به ڏيکاري ها جيڪڏهن مان نه مڃان ها، وٽس توهانکي ڏيکارڻ نه وڃان ها. اُن وقت تنهنجي ماءُ مون کي چيو هو ته ‘آءُ به ماءُ آهيان، ۽ هڪ ماءُ جي دل ۽ محبت جو اندازو اٿم. ماءُ مذهب کان بالاتر هوندي آهي. جي تون نه هلندين ته آءُ ساڻس ٻارن سميت وڃي ملندس.” نيٺ اسان ٻئي اوهان ٻنهي کي بيل گاڏيءَ ۾ وٺي ويا هئاسين.
    اوهان جي ڄمڻ تي جا مون کي خوشي هئي، امڙ کي ان کان وڌ خوشي اوهان کي ڏسي ٿي هئي. پتا ۽ چاچا سڀ خاندان مليو هو، سڀ آڻ مڃي چڪا هئا. بس مون کي زندهه ڏسي ٻچڙي وال ڏسي ٽُٽي پيا هئا، بس ڪُڇيا ڪونه پئي پر اندر ئي اندر ۾ روئي رهيا هئا. امڙ اڳ جيان سڏڪن کي گُهٽي ڳالهائيندي رهي ۽ مون کي ڪا مهل ڏسندي رهي.
    امڙ واپسي مهل تنهنجي امڙ کي سون ۽ ٻيا تحفا ڏنا هئا. مون تحفا وٺڻ کان انڪار ڪيو ته ٻانهون ٻڌي بيهي رهي.
    “ابا ايئن انڪار نه ڪر، تنهنجو انڪار مون لاءِ نرڳ جي باهه کان وڌيڪ ساڙيندڙ آهي، ابا مونکي جيئري نرڳ جي باهه ۾ نه اُڇلاءِ ...”
    اُن لمحي منهنجي اکين ۾ مسڻ واري ڏينهن جي ياد اچي وئي هئي، جڏهن مان جمنا جي انتم سنسڪار ڏسڻ لاءِ صبح جو سوير وڃي مسڻ ۾ نم جي وڻ تي چڙهي لِڪي ويٺو هوس. جمنا جي آرتي کان اڳ هڪ ٻي آرتي مسڻ ۾ جيڪا آئي هئي ۽ اُن جو انتم سنسڪار ٿيو هو جيڪو مون پنهنجي اکين سان ڏٺو هو. رسمن موجب چتا کي ڪاٺين تي رکي باهه ڏنائون جهٽ پل ۾ باهه جا شعلا ڄڻ ته آسمان کي ڇُهڻ لڳا. ڪجهه ئي لمحن ۾ اُن چتا جو جسم اُڀو ٿي ويو جيئن جمنا جو جسم اُڀو ٿيو هو، کن پل ۾ چتا وري باهه ۾ ڪِري گم ٿي وئي. اوچتو ڪنهن شيءِ جي ڦِسڻ جي آواز سان ڪو باهه جو گولو چتا مان اُڏاميو. سڀ ماڻهو حيرت ۾ پئي ويا مان ته صفا ڊڄي ويس ته ڪٿي اُهو ٻرندڙ گولو مونتي نه اچي ڪِري. گولو ٿورو مٿي وڃي وسامي ويو ۽ زمين تي اچي ڪِريو. منهنجا ته تارا ئي ڦاٽي ويا اُهو گولو هڪ پتڪڙو ڪچو ٻار هو جيڪو چتا مان اُڏامي ڪِريو هو. ماڻهو ته حيرت ۾ پئجي ويا پر آءُ صفا سراپجي ويو ھوس، مساڻ جي سنڀاليندڙ ڊوڙي وڃي ٻار کنيو ۽ ڪپڙي ۾ ويڙهي هڪ پاسي رکي ڇڏيو. چتا جي وارثن مان هڪ همراهه ماڻهن سان مخاطب ٿيندي چيو،
    “چتا واري عورت ڳورهاري هئي شايد، سو باهه ۽ جسم آڪڙجڻ تي ٻار اچي ٻاهر ڪِريو آهي.”
    اُن لمحي منهنجي اکين مان بي بها نير وهڻ لڳا هئا. مونکي جڏهن دوست محمد ۽ سندس پيءَ پنهنجي مائٽن جي ڳوٺ واري مولوي وٽ وٺي ويو هو، ته مونکان اُن مولوي سوال ڪيو هو، ته آخر مان مسلمان ڇو ٿو ٿيڻ چاهيان. جنهن تي مون جمنا ۽ ڳورهاري عورت جي ٻار وارو واقعو کيس ٻڌايو هو جيڪو منهنجي مسلمان ٿيڻ جو وڏو محرڪ هو ۽ کيس چيو هئم ته مان باهه آڙاهه يا دوزخ ۾ سڙڻ جَلڻ نٿو چاهيان. مان جنتي ٿيڻ ٿو گهران. مولوي صاحب مون کي سمجهائيندي صرف ايترو چيو هو ته،
    “پُٽ! تنهنجي مسلمان ٿيڻ سان ٻئي ڪنهن کي ڀل ڪا پرواھ نه ٿئي پر تنهنجي ماءُ صفا مري پوندي، ماءُ اُها هستي آهي جيڪا مرڻ کان پوءِ به ٻچن لاءِ دعاگو هوندي آهي. پاڻ آڙاهه ۾ سڙندي به پنهنجي ٻار کي سڙندو ڏسڻ نه چاهيندي آهي. جنهن جو مثال مسڻ واري اُها ڳورهاري عورت آهي، جنهن پنهنجي ٻچي کي باهه کان ڪڍي ٻاهر اُڇلايو. جنهن جي ڳالهه تو پاڻ ئي ٻُڌائي آهي. سو وري، به پُٽ سوچ ٻيو ڪنهن جو نه ته، گهٽ ۾ گهٽ ماءُ جو، جنهن جي پيرن ۾ ئي تنهنجي جنت آهي.”
    عبدالقادر اوڇنگار ڏئي روئي پيو جيڪو شخص ايڏي دير کان هڪ وڏي ضبط سان ڳالهائي رهيو هو سو صفا جھُري پيو. هُن وري ڳالهه جاري ڪئي،
    “الائي ڇو ايڏو وڏو مذهبي عالم ۽ مولوي هوندي به آءُ اُن لمحي امڙ جي پيرن تي ڪِري پيو هوس. الائي ڇو هڪ لمحي لاءِ منهنجي اندر مان ئي ڪو آواز آيو ته،
    ‘او گيانا، او مولوي عبدالقادر تنهنجي اصل جنت ته اِنهن چرنن ۾ آهي جيڪا تون مذهبن يا دينن ۾ ڳولهي رهيو آهين، ڪيڏو ڀٽڪيو آهين او مورک تون”
    مون امڙ جي پيرن کي چُميو، سندس هٿ وٺي اکين تي رکيم، هوءَ بي وس ٿي بس مونکي ڏسندي رهي کن پل لاءِ ايئن لڳم ڄڻ امان جو روح پرواز ڪري چُڪو آهي. مان اکين جا لُڙڪ روڪيندو واپس هليو آيس. ڇهن مهينن کان پوءِ امان ديهانت ڪري وئي. مان امان جي آخري رسمن ۾ نه ويس الائي ڇو شايد مون ۾ اُن ماءُ کي آڙاهه ۾ سڙندي ڏسڻ جو حوصلو همٿ نه هئي. امان جي گُذاري وڃڻ کانپوءِ ننڍي کنڊ جو به ورهاڱو شروع ٿي ويو. منهنجا سمورا اصل مائٽ لڏڻ لڳا. چاچا ۽ بابا مون وٽ موڪلائڻ آيا، پنهنجي سموري مُوڙي جايون ملڪيتون منهنجي حوالي ڪرڻ چاهيائون جيڪي مون نه ورتيون، بابا مونکي هڪ پرچي ڏني جيڪا کوليم ته امڙ جا هٿ اکر هئا.
    “ٻچا منهنجا، مان دُرگا جي روپ ۾ سدائين توسان گڏ هونديس. تون منهنجي آتما جي شانتي خاطر ڪجهه به هُجي ڏينهن ۾ هڪ دفعو ضرور مون ڏانهن نِهارجان، پڪ ڄاڻ تون نهاريندي ته مان تنهنجي آس پاس هونديس.”
    “سو پُٽ عبدالرحمان مان تڏهن اُن مندر ٻاهران رکيل درگا جي وڏي مورتي کي نِهاريندو آهيان ۽ دل ئي دل ۾ کيس امڙ جو روپ سمجهندو آهيان. پر پُٽ عبدالرحمان مان وڏو مُورک آهيان، پاڻيءَ مٿي جهوپڙا هئم ته اُڃ مُئس، هاڻي ته بار بار الائي ڇو باهه بدران اِهو خوف رهندو اٿم ته، مان جنهن باهه جي خوف کان عبدالقادر بڻجي امڙ جيجل کان ته ڏور هليو ويس، پر ڇا قادر مطلق مونکي پنهنجو عبد قبوليو به الائي نه!؟ ” عبدالقادر هڪ وڏي اوڇنگار سان لڙڪن جي سيلاب ۾ لُڙهي ويو ۽ لُڙڪن جي اُن سيلاپ مان ڪهڙي مهل واپس آيو! واپس آيو به الائي نه!؟ جو عبدالرحمان به ساندهه لڙڪن جي سيلاب ۾ ٻُڏل هو.
     
  2. عبيد ٿهيم

    عبيد ٿهيم سپرايڊيٽر انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,719
    ورتل پسنديدگيون:
    6,947
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    ڊولپر، ثقافت کاتو، حڪومتِ سنڌ
    ماڳ:
    ٽنڊوآدم
    عين سحر جي طويل ڪهاڻي (ماءُ) پڙهيم ته ڪجهه وقت کن مان حيران ٿي ويس! ڪهاڻي جو پلاٽ، ڪلائمڪس ۽ منظرڪشي شاندار آهي. زبردست
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.
  3. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    59
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    178
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    بهترين
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو