ڪالي لنڪس، هيڪرن جي دنيا

'سنڌي ڪمپيوٽنگ' فورم ۾ شمشير نظاماڻي طرفان آندل موضوعَ ‏28 آڪٽوبر 2018۔

  1. شمشير نظاماڻي

    شمشير نظاماڻي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏11 آڪٽوبر 2016
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    نوٽ: هي تحرير صرف ڄاڻ ڏيڻ لاءِ آهي..!! هِن کي غلط ڪمن ۾ استعمال نه ڪريو
    تقريبن دوستن ڪالي لنڪس جي باري ۾ ٻڌو هوندو، ڪيترن ئي دوستن کي اهو سوال ذهن ۾ هوندو ته ڪالي لنڪس ڇا آهي، هيڪر ڪالي لنڪس کي ڇو ۽ ڪئين استعمال ڪندا آهن. اڄ انهي باري ۾ پاڻ پڙهنداسين ته ڪالي لنڪس ڇا آهي ۽ ان مان ڪهڙي ڪم وٺي سگهجي ٿو
    اسان هتي پڙهنداسين وائيٽ هيڪ جي باري ۾ بليڪ هيڪ يا گري هيڪ اسان جو ڪو به تعلق ناهي،
    ڪالي لنڪس هڪ سادو آپريٽنگ سسٽم آهي، لنڪس جو هڪ شاخ آهي، جيڪڏهن اوهان کي لنڪس جي باري ۾ خبر ناهي ته جلد مان ان تي لکندم، جيئن توهان ونڊيوز ايڪس پي، ونڊيوز ست، ونڊيوز ڏهه يا اوهان ميڪ او ايس استعمال ڪندا آهيو ائين ئي ڪالي لنڪس به هڪ آپريٽنگ سسٽم آهي، جنهن کي اوهان انسٽال ڪري پنهنجي ڪنهن مشين ۾ لڳائي اوهان ان تي ڪم ڪري سگهو ٿا، بدقسمتي سان جيڪڏهن اوهان کي ونڊيوز ۾ يا ميڪ او ايس ۾ ڪنهن ويبسائيٽ جي سيڪيورٽي چيڪ ڪرڻ چاهيو ٿا ته اوهان تمام کي گھڻي ڪوڊنگ ڪرڻي ٿي پوي ۽ اوهان وٽ ان ۾ ڪنهن به قسم جو بيس موجود ئي ناهي هوندو ۽ اهو ڪم تمام گھڻو ڏکيو آهي پر جيڪڏهن اوهان کي ڪي اهڙا بلٽن ايپ ملن جتي اوهان آساني سان ڪم ڪيو ۽ اوهان کي صرف ٿوري گھڻي ڪم ڪرڻي پوي ته اهو بهتر آهي، ها ٿوري گھڻي ان تي ڪمانڊنگ ڪرڻي پوي ٿي، اهي شيون اوهان کي انسٽال ٿيل ڪالي لنڪس ۾ ملنديون آهن، هتي توهان کي پنج سئو کان وٺي ڇهه، ست، سئو ايپ ملندا آهن جنهن تي توهان مختلف طريقي سان مختلف ڪم وٺي سگهو ٿا ڪنهن به ويبسائيٽ جون غلطيون ڪڍڻ لاءِ، هِن جو مُک ڪم هوندو آهي جئين پينيٽريشن ٽيسٽنگ، سڪيوٽي انالائيسز، ريورس انجنيئرنگ يا هيڪنگ، هاڻ هِن ۾ بليڪ هيٽ ۽ گِري هيٽ هيڪرس به آهن، جيڪڏهن انهن کي ڪنهن به ويبسائيٽ مان ڪا ڪم جي شئي ملي ويندي آهي اهي پنهنجي فائدي لاءِ به ان شئي کي استعمال ڪندا آهن، ڪنهن به سسٽم کي ٽورڻ لاءِ به ڪالي لنڪس کي استعمال ڪري سگهبو آهي ۽ ائين ڪرڻ سان اهي ڪنهن کي نقصان به پهچائي سگهن ٿا، ڪالي لنڪس بلڪل مفت ۾ ملي ٿي اسان گوگل تان ڪالي جي ويبسائيٽ کولي آساني سان ڊائونلوڊ ڪري سگهون ٿا، انسٽال لاءِ اوهان ڊيوئل بوٽ به استعمال ڪري سگهو ٿا يا وري اوهان ونڊيوز ۾ وي ايم وئير سافٽوئير انسٽال ڪري ان جي اندر انسٽال ڪري سگهو ٿا، ان کان علاوه اوهان انڊرائيڊ موبائيل ۾ به استعمال ڪري سگهو ٿا، پر شرط اهو آهي ته اوهان سڪيوٽي سسٽم ڄاڻو هجو، ڪافي مزيدار شئي آهي، ائين ناهي ته غلط آهي يا غير قانوني آهي جيڪڏهن ان مان اوهان سهي ڪم ڪرڻ چاهيو ٿا ته پوءِ اها شئي غير قانوني ناهي جيڪڏهن اوهان ڪم ئي غلط ڪرڻ جي نيت سان ان ۾ داخل ٿيندئو ته اها سراسر غير قانوني آهي.
     
    شڪارپوري ۽ محمد راشد شر هيء پسند ڪيو آهي
  2. راشد چنه

    راشد چنه
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 سيپٽمبر 2020
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    تمان بھترين ڄاڻ ادا اسان کي ڪالي لينڪس ڪيئن استعمال ڪجي ان کي استعمال ڪرڻ جو طريقو ڪمانڊس ۽ ان تي ھيڪنگ ڪيئن ڪجي ٿوري اسان کي معلومات ڏيندا ته اوھان جي مھرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو