1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 60000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 60,000
    37500

جديد سنڌي سورمين کي پيش ڪيل ڀيٽا سٺو هڪ تاريخي عمل آھي. ڪامريڊ منان چانڊيو، وارھ

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏30 آڪٽوبر 2018۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    105
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    جديد سنڌي سورمين کي پيش ڪيل ڀيٽا سٺو هڪ تاريخي عمل آھي.

    ڪامريڊ منان چانڊيو، وارھ 30-10-18

    اسين جنهن فرسوده ۽ اڻبرابري واري معاشري ۾ رهون پيا ان ۾ جديد سنڌي سورمين سان شام ملهائڻ ڄڻ ته هڪ قسم جو معجزو آھي، مصيبت جي ماريل عورتن جي ڪيل جدوجد کي ساراهڻ ۽ انهن جو ساٿ ڏيڻ ڪا معمولي ڳالھ ڪونهين، ڇاڪاڻ ته جتي رت جي رشتن جو ڀرم رکڻ بجاءِ مال ملڪيت گڏ ڪرڻ کي اوليت ڏني پئي وڃي، جتي مٽي مائٽي، ڀائپي برادري، ياري دوستي اصول، ڪردار ۽ عزت بدران ڏوڪڙن کي سڀڪجھ ڀائنيو وڃي، جتي پاڻ وڻائڻ ۽ فٻائڻ خاطر چڱا ڀلها ماڻھو مصلحت پسندي کان ڪم وٺي پيسي جي پوڄارين جي آڳاپيڇي ڪندا هجن، جتي پنهنجي پر ۾ سلجهيل يارن لاءِ ڪل ڪائنات ڀوتارن، پيرن ۽ ميرن جي چائٺ تي سر سجود ڪرڻ هجي. اتي حيدرآباد جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم حال ۾، حق موجود سٿ، پاران، باغي عورتن سان شام ملهائڻ وارن ۽ شرڪت ڪرڻ وارن جس لهڻي ان منفرد ۽ شانائتي پروگرام جي ميزبانن ۽ بهتر انتظام ڪندڙن اهو ثابت ڪري ڏيکاريو آھي ته هڪڙي اها سنڌ آھي جتي ڪي درٻاري ڌريون تنظيمون، ۽ فرد عوام کان لاتعلق بنيل توڙي نفرت ڪندڙ وزيرن، ڪبيرن، ڀوتارن، جاگيردارن ۽ قارون جي خزاني واري ڍڳ تي ويٺلن يا وري ڪن خوشامندڙين شاعرن، اديبن ۽ ليکڪن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاءِ محفلون مچائيندا آھن، اهڙي ريت ساڳي قسم جي ماڻهن لاءِ رمضان مهيني جا روزا نه رکڻ باوجود به افطار پارٽين جا بندوبست ڪيا ويندا آھن، نه صرف اهو پر عيد ملن پارٽيون ۽ سالگراهون به سفيد پوش ۽ وائيٽ ڪالر جون ڪبيون يان ملهائبيون آھن. ها هڪڙي اها به سنڌ آھي جتي ڏاڍن جي ڏھڪاءَ ظالمن جي ظلمن جي ستايل ماڻھن جي همت افزائي ڪرڻ لاءِ سهڪار ۽ ساٿ جا سٿ ڪٺي ٿي حق ۽سچ جي سدا بلند ڪبي آھي، اهڙي سنڌ ۾ اهي سنڌي جوڌا جوان ۽ سٻاجهڙا اچي مڙي مٺ ٿيندا جن جي نظر ۾ ٺٺ ٺانگر، قد ڪاٺ، تڪبر ۽ غرور جي ڪابه قدر قيمت ڪونه هوندي آھي، جڏھن اهڙي مثبت سوچ ۽ سرت ڪن ساڃاح وند ڌرين ۽ فردن جي سيني ۾ سمائجي وڃي ٿي ته پوءِ انهن لاءِ، (ويھڻ مون مَ وڙاءَ ،شاھ ) واري ولوڙ پيدا ٿئي ٿي يا وري(اٿي رائو ريل ويٺن تان واري وري) ظاهر آھي ته اهڙي عوامي تڙپ ۽ جستجو جي جذبي سان سرشار انسان ئي هن مرداني سماج جي مدي خارج رسم رواج جي ڀوائتي منهن تي زوردار چماٽ ھڻي باغي عورتن جي هلندڙ لازوال جدوجهد ۽ جاکوڙ کي مڃتا ڏيڻ لاءِ جن مظلوم نياڻين جي چونڊ ڪئي وئي اها به ميرٽ جي بنياد تي ٿيل هئي، مثال طورتي ام رباب چانڊيو، تنوير آريجو، سنيتا راٺوڙ ۽ فرزانا جمالي، جتي اهي نياڻيون رياستي ادارن، اتنظامي عملدارن جي ڏاڍين جون ستايل آھن اتي وري بااثر ڀوتارن جي پالتو غنڊن ۽ ڪرائي جي قاتلن جي ظلمتن جو شڪار پڻ ٿيل آھن. ڏٺو وڃي ته ذڪر ڪيل سنڌياڻين جي دردڪٿا الڳ الڳ ۽ ذاتي نوعيت جي آھي، پر وقت گذرڻ سان ڄڻ ته هڪ جهڙائي ۽ اجتمائي صورت اختيار ڪري وئي آھي، بقول ڀٽائي گهوٽ جي(اچو سورن واريون ڪيون سور پچار ڪن گهڻا ڪن ٿورا ڪانهين سورن ڌار) يا اها عام چوڻي ته. پٿر پراوا ۽ سور پنهنجا. اهڙن سورن جي ستايلن ۽ مصيبت جي ماريلن جي عڪاسي ڀٽ ڌڻي ڪجھ هن ريت ڪئي آهي، (ڏکيون جان جان نه مڙن تان تان ڀنڊڻ نه ٿئي،پٽڻ واريون پڌريون ڳاڙھا سندن ڳل) اڄ پاڻ جن باغي ۽ بهادر نياڻين جي ڏکن ۽ ڏوجهرن جي ڳالھ ڪري رهيا آھيون انهن ۾ سرفهرست ام رباب چانڊيو آھي جنهن جو ڏاڏو، ڪرم الله، بابا مختيار ۽ چاچو قابل چانڊيو هڪئي وقت پنهنجي گهر ۾ ڪن پيشيور ڏوهارين ۽ ڪرائي جي قاتلن هٿان بيدرديءَ سان ڪٺا ويا، انهن قتلن پويان هڪ طرف اهي جلاد ۽ سفاڪ، وحشي بگهڙ صفت ماڻهو شامل آھن جن جو دنڌو ئي ماڻھو مارڻ ۽ آزارڻ ۽ ان مان تسڪين حاصل ڪرڻ هوندي آھي ۽ ٻئي پاسي وري اهي وقت جا يزيد، فرعون، هٽلر ۽ هلاڪو خان شامل آھن جيڪي صدين کان وٺي پنهنجي هٿ ٺوڪئي ۽ دقيانوسي حاڪميت برقرار رکڻ لاءِ قبيلن کي قبيلن، ذاتين کي ذاتين، پاڙن کي پاڙن، ۽ فردن کي فردن سان ويڙھائڻ ۽ مارائڻ واري غير انساني ۽ شيطاني حرڪتون ڪرڻ سندن رڳ رڳ ۾ اوتيل هونديون آھن، جيڪي پاڻ ته نسل در نسل پرڏيهن ۽ ڏيهي طاقتور قوتن جا غلام ۽ ٻڌا ٻانها رهندا پيا اچن پر مسڪين ماڻهن کي وري محڪوم رکڻ ۾ لذت ۽ فرحت محسوس ڪندا آھن، چوڻ جو مطلب ته جڏھن ڀاڙيتو ۽ بڇ ڏيندڙ طاغوتي درندن جي قاتل سازش جي انسان سوز حرڪت جي چڙھيا ۽ انهن جا رت ۾ لت پت لاش ام رباب چانڊيو جي اکين اڳيان ٽن کٽن تي رکيل هئا ته پوءِ ان نياڻي جيڪا شاهوڪار گهراڻي سان تعلق رکندڙ هئي ان جي ذھني، جسماني ۽ روحاني حالت ڇا هوندي؟ انکي ڪي ڏکايل انسان سمجهي سگهن ٿا، هن ۽ هن جي خاندان جي مٿان جيڪي مصيبتن ۽ مشڪلاتن جا پهاڙ ڪريا يا وري جهڙي ريت اهي صبر، بردباري ۽ همت جو مظاهرو ڪندي قاتلن ۽ انهن جي سرپرستي ڪندڙن توڙي سهولتڪارن کي ڪورٽ جي ڪٽھڙي تائين پهچائي ڪاميابي ۽ ڪامراني ماڻي اهو به هڪ مثال آھي. هتي اها ڳالھ به ڏاڍي اهم آھي ته جنهن ڏينهن سنڌي نياڻين جي جرئت مندي کي مان ڏيڻ لاءِ سنڌ جي دل حيدرآباد ۾ تاريخي پروگرام ٿي رهيو هيو ان ساڳي ڏينهن ام رباب چانڊيو پنهنجي پيارن جي قتل ڪيس جي شنوائي تي سکر ويل هئي ۽اتان واپسي دوران سندس گاڏي سان خوفناڪ حادثو پيش آيو پر خدا جي مهرباني سان هو ۽ سندس ساٿي محفوظ رهيا. پاڻ جڏھن سنيتا راٺوڙ جي درد ڪٿا بيان ڪنداسين ته اهو به هڪ وڏو الميو آھي ته عوام جي محافظ پوليس جي هڪ اعليٰ آفيسر عرفان بلوچ مزڪوره نياڻي جي ڪانڌ ديپڪ کي هڪ ڪوڙي پوليس مقابلي جي آڙ ۾ گولين جا مينهن وسائي معذور بنائي ڇڏيو، هوئن ته ان دبنگ پوليس آفيسر جي ايمانداري، بهادري ۽ فرض شناسي جا وڏا قصا ڳائبا آھن پر هن جي عمل مان نه صرف سندس جي ڪردار تي هڪ ڪارو داغ لڳي ويو آھي پر پوري پوليس جي ساک پڻ متاثر ٿي آھي، ويچاري سنيتا ان برادري سان تعلق رکي ٿي جنهن لاءِ هن سماج ۾ لفظ سيهڙ جي کل استعمال ٿيندو آھي مگر هن جي همت، خوداعتمادي ۽ سهپ مان معلوم ٿو ٿئي ته بهادري ۽ جاکوڙ ڪنهن مذھب، قوم، طبقي ۽ فرد جي محتاج ڪونه ٿيندي آھي،( جو وسي سو رسي شاھ) بحرهال هندو سنڌي نياڻي جنهن جوش، جذبي سان پنهنجي مڙس سان ٿيل طاقتور ڌرين ۽ فردن جي ظلم خلاف آواز اٿاريو آھي ۽ جهڙي ريت سنڌ ۽ سنڌي قوم جا خيرخواھ ۽ انصاف پسند ھلڪا هن جي درد کي پنهنجو درد محسوس ڪري رهيا آھن اهو وسارڻ جو نه پر ساراهڻ جوڳو قدم آھي، جيستائين ڳالھ آھي تنوير آريجو جي ته ان سان جيڪو ويل ۽ ويڌن ٿيل آھي اها به ڏاڍي ڀوائتي خوفناڪ ڪهاڻي آھي، ڇاڪاڻ ته سندس بابا سائين کي ڪن طاقتور قوتن جا فرد ڏينهن ڏٺي جو کنڀي کڻي ويا آھن، گذريل ڪيترين ئي مهينن کان ان جو ڪوبه ڏس پتو ڪونه ٿو ملي، اهڙي دردناڪ پيڙا ۾ هر روز تنوير پنهنجي بابا جون راهون تڪي رهي آھي ۽ هن کي ظالمن جي چنبي مان ڇڏائڻ لاءِ سڄي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ دانهيندي ۽ پوڪاريندي پئي وتي، سندس جي اهڙي جدوجهد کي به سلام پيش ڪري سگهجي ٿو هتي اها ڳالھ به ڏاڍي اهم آھي ته پاڪستان جي موجوده آئين ۽ قانون ۾ ڪنهن به ماڻھو کي اهو ڀلي ڏوهاري ڇونه هجي انکي کنڀڻ ۽ مهينن جا مهينا عدالت ۾ پيش نه ڪرڻ جي اجازت ڪونه آھي انڪري خادم آريجو کي گم ڪندڙ نه صرف سنڌي نياڻي ۽ سنڌي قوم جا ڏوهاري آھن پر خود مٺڙي ملڪ جي قائدن جا انحرافي آھن، ٺيڪ ساڳي ريت فرزانا جمالي وارو واقعو به ڪنهن ريت وسارڻ يا معاف ڪرڻ جوڳو نه آھي ڇاڪاڻ ته جن بگهڙ صفت استادن جيڪي بيغمبري پيشي سان تعلق رکن ٿا انهن جي اخلاق ۽ غيرت کان ڪريل حرڪتن نه صرف کين لڄايو آھي پر سنڌ جي سمورن تعليمي درسگاهن کي پڻ مشڪوڪ بنائي ڇڏيو آھي، اسين سنڌي نياڻي کي جس ٿا ڏيون ته هن هن معاشري جي چالو سسٽم جي پرواھ نه ڪندي ۽ لوڪ جا تعنا مهڻا سهندي به هڪ اهڙو عمل ۽ جدوجهد ڪئي جنهن جو مثال شايد ماضي ۾ ملڻ مشڪل هجي، جيتوڻيڪ فرزانا جمالي ۽ سنڌي قوم جي باشعور ماڻھن جي گڏيل جاکوڙ ۽ جستجو سان شھيد بينظير يونيورسٽي جا ڪرتا ڌرتا رسوا ٿي ويا آھن، پر ٿيڻ ته ايئن گهرجي هان ته اھڙن ماڻھن کي اھڙي مثالي سزا ڏني وڃي هان ته جيئن آئينده اهڙيون انتهائي شرمناڪ حرڪتو ڪرڻ جي ڪنهن کي جرئت ئي ڪانه ٿئي هان. اسين آخر ۾ حق موجود سٿ وارن کي مبارڪون ڏيون ٿا جن موجوده غير يقيني حالتن هوندي به سنڌي نياڻين کي مان بخشڻ لاءِ جيڪو قدم کنيون آھي اهو به سنڌ جي تاريخ ۾ سونهري اکرن سان لکيو ويندو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو