مونکي مست رهڻو پئي ٿو توڙي دل منھنجي ڦٽيل آ (اعجاز راشدي)

'سنڌي شاعري' فورم ۾ عبيد ٿهيم طرفان آندل موضوعَ ‏31 آڪٽوبر 2018۔

  1. عبيد ٿهيم

    عبيد ٿهيم سپرايڊيٽر انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,665
    ورتل پسنديدگيون:
    6,923
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ڌنڌو:
    ڊولپر، سنڌي لئنگئج اٿارٽي، حيدرآباد.
    ماڳ:
    ٽنڊوآدم
    مُونکي مَست رھڻو پَئي ٿو، توڙي دِل مُنھنجي ڦَٽيل آ،
    ڪَئين زَخم پِيا چِڪن پَر، ھَر زَخم ڄَڻُ ڇُٽل آ.

    ھِتي مَرھمن جي حاجت، نَڪا ڪَنھن جي دَم دُعا جي
    مُنھن جي درد غَم جي صُورت، غَمِ عام کان مَٽيل آ.

    ھَڻي دَمِ ديوانگيءَ جو، دَنھيان آئون وَڃي جي دَر دَر،
    مَستانگي مُنھنجيءَ جو، پوءِ تہ مَرتبو گهَٽيل آ.

    جيڪي داغ ڦَٽ ھِجر جا، اھي وَصل جهوريا ويتر،
    ٿو فِراق ڀايان فَرحت، حُب ملڻ کان ھَٽيل آ.

    مُون سان حال پُرسي ڪَھڙي، مُنھنجي پاس خاطري ڇو،
    مُنھنجي شخصيت بہ ڇاھي، مُنھنجو کَٽ بہ ڇائنيل آ.

    کِل مُک ھُجڻ اعجازا، مُنھنجي طَبع ۾ آ شامل،
    ڪِٿي ڪَنھن سان مُنھن گهُنجائڻ، اِھو لَڇَڻ ھِت لُٽيل آ.
    _
    پير اعجاز راشدي
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو