هو مري ويو!!!!!!!!

'ڪهاڻيون' فورم ۾ مير سردار چنڙ طرفان آندل موضوعَ ‏1 نومبر 2018۔

  1. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    59
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    178
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
    ﻫڪ ﮘﻮﭞ ۾ ﻫڪ ﭔڪﺮﺍﺭ ﺭﻫﻨﺪﻭ ﻫﻮ . ﻫﻮ ﺳﭵﻮ ڏﻳﻨﻬﻦ ﭔڪﺮﻳﻮﻥ ﭼﺎﺭﻳﻨﺪﻭ ﻫﻮ ﺷﺎﻡ ﺟﻮ ﻭﺍﭘﺲ ﺍﻳﻨﺪﻭ ﺩﻧﻴﺎﻭﻱ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺟﺎ ڪﺠﻬﻪ ﺩﺭﺟﺎ ﭘڙﻫﻴﻞ ﻫﻮ ﮀﻮڪﺮ ﺻﺒﺢ ﺟﻮ ﺑﺎﮎ ﭰٽﮡ ﮐﺎﻥ ﭘﻬﺮﻳﻦ ڪﺮﻳﻮﻥ ڪﺎﻫﻲ ﻭﻳﻨﺪﻭ ﻫﻮ ﺟﻬﻨﮓ ۾ ﺍﻧﻬﻦ ﭼﺎﺭﻱ ﺷﺎﻡ ﺟﻮ ﻭﺍﭘﺲ ﮔﻬﺮ ڪﺎﻫﻲ ﺍﻳﻨﺪﻭ ﻫﻮ .
    ﮀﻮڪﺮ ﺭﻭﺯﺍﻧﻮ ڏﺳﻨﺪﻭ ﻫﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺟﺎ ﺩﻭﺳﺖ ﭘﺎﮠ ۾ ٽﻮﻟﻮ ڪﺮﻱ ﻭﻳﻬﻨﺪﺍ ﻫﺌﺎ ﺳﻲ ﻣﻮﺑﺎﺋﻞ ۾ ﻟﮙﺎ ﭘﻴﺎ ﻫﻮﻧﺪﺍ ﻫﺌﺎ . ﻫﻲ ﺑﮧ ﺭﻭﺯ ﺍﻧﻬﻦ ﮐﻲ ڏﺳﻨﺪﻭ ﻫﺮ .
    ﻫڪ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻫﻦ ﺳﻮﭼﻴﻮ ﻣﺎﻥ ﺑﮧ ﻣﻮﺑﺎﺋﻴﻞ ﻭﭠﺎﻥ ؟
    ﺍﻣﺎﻥ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻣﻮﺑﺎﺋﻴﻞ ﻭﭠﻲ ڏﻳﻮ ﻣﻨﻬﻨﺠﺎ ﺳﭛ ﺩﻭﺳﺖ ﺷﺎﻡ ﺟﻮ ﻣﻮﺑﺎﺋﻴﻞ ﻫﻼﺋﻦ ﭤﺎ ﭘﺮ ﻣﻮﻥ ﻭٽ ﻧﺎﻫﻲ ﮀﻮڪﺮ ﻋﺎﺟﺰﻱ ﻣﺎﻥ ﻣﺎﺀۡ ﮐﻲ ﭼﻴﻮ
    ﭘٽ ﺍﺳﺎﻥ ﻭٽ ﺁﻫﻲ ﮀﺎ ﺟﻮ ﺗﻮﮐﻲ ﻣﻮﺑﻞ ‏( ﻣﻮﺑﺎﺋﻴﻞ ‏) ﻭﭠﻲ ڏﻳﺎﻥ ﭔﻴﻮ ﺗﮧ ﭘﺎﮠ ﻭﺍﺭﻱ ﭔڪﺮﻱ ﺑﮧ ﻟﮙﻲ ﺁﻫﻲ ﻭﻳﺎﻣﻲ ﺗﻪ ﻓﺮ ﮐﭙﺎﺋﻲ ﻭﭠﺠﺎﻥ ﻣﺎﮢﺲ ﻣﺠﺒﻮﺭﻱ ۾ ﻫڪ ﺳﺎﻫﻲ ﺍﻧﺪﺭ ﺳﭛ ڪﺠﻬﻪ ﭼﺌﻲ ﻭﺋﻲ
    ﻧﻪ ﺍﻣﺎﻥ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻫﺮ ﺣﺎﻝ ۾ ﻣﻮﺑﺎﺋﻴﻞ ﮔﻬﺮﺟﻲ ﻧﻪ ﺗﻪ ﻣﺎﻥ ﺳﭝﺎﮢﻲ ﮐﺎﻥ ﭔڪﺮﻳﻮﻥ ﺑﻪ ﻧﻪ ڪﺎﻫﻲ ﻭﻳﻨﺪﺱ ﻭﭸﻲ ﭘﺎﮠ ﭼﺎﺭﻱ ﺍﭼﺠﻮ ﮀﻮڪﺮ ڪﺎﻭڙ ﻣﺎﻥ ﻣﺎﺀۡ ﮐﻲ ﭼﻴﻮ
    ﭠﻴڪ ﺁ ﭘٽ ﻣﺎﻥ ﭘﺎڙﻱ ﻭﺍﺭﻱ ﻣﺎﺳﻲ ﭜﺎﮘﻞ ﮐﻲ ڏﺳﺎﻥ ﭤﻲ ڪﺠﻬﻪ ﭘﺌﺴﺎ ﺍﮄﻭﺭﺍ ﻭﭠﺎﻧﺲ ﭤﻲ ﺗﻮﻥ ﺳﺎﻣﻬﻮﻥ ﻭﺍﺭﻱ ﭔڪﺮﻱ ﮐﻲ ﺑﻬﮧ ڪٽﻲ ﻭﺟﻬﻲ ﺍﻧﺪﺭ ﭔﮅﻱ ﻣﺎﮢﺲ ﭔڪﺮﻱ ڏﺍﻧﻬﻦ ﺍﺷﺎﺭﻭ ڪﻨﺪﻱ ﭼﻴﻮ
    ﭠﻴڪ ﺁ ﺍﻣﺎﻥ ﮀﺎﺑﻪ ڪﺮﻱ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺳﭝﺎﮢﻲ ﻣﻮﺑﺎﺋﻴﻞ ﮐﭙﻲ ﮀﻮڪﺮ ﺭﻭﺋﻲ ڏﻧﻮ
    ﮔﻼﻥ ﭘﻴﺎﺭ ﻣﺎﻥ ﮘﺮﺍﭠڙﻱ ﭘﺎﺋﻲ ﭼﻴﻮ ﺣﺎﺿﺮ ﭘٽ ﺳﭝﺎﮢﻲ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺻﺒﺮ ڪﺮ ﻣﺎﻥ ﻭﭠﻲ ڏﻳﻨﺪﺱ
    ﮔﻼﻥ ﭜﺎﮘﻞ ﺟﻲ ﮔﻬﺮ ﭘﻬﺘﻲ ﭜﺎﮘﻞ ﭘﺮﻱ ﮐﺎﻥ ﮐﻴڪﺎﺭﻳﻨﺪﻱ ﭼﻴﺎﺋﻴﻦ ﭜﻠﻲ ﺁﺋﻴﻦﺀ ﮔﻼﻥ ڪﻴﺌﻦ ﺍﭼﮡ ﭤﻴﻮ ﺁ
    ﻣﺎﺳﻲ ﭜﺎﮘﻲ ﺗﻮﮐﻲ ﺗﮧ ﺧﺒﺮ ﺁ ﮘﻮﭞ ﺟﺎ ﮀﻮﺭﺍ ڪﻴڏﺍ ﻧﻪ ﺧﺮﺍﺏ ﭤﻲ ﻭﻳﺎ ﺁﻫﻦ ﻧﻪ ﭤﺎ ﭘڙﻫﻦ ﻧﻪ ﻭﺭﻱ ڪﻮ ڪﻢ ڪﺎﺭ ﺍﭤﻦ ﺳﭵﻮ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻣﻮﺑﻞ ‏( ﻣﻮﺑﺎﺋﻴﻞ ‏) ۾ ﺍﮐﻴﻮﻥ ﻭﺟﻬﻲ ﻭﻳﭡﺎ ﺁﻫﻦ ڪﻦ ﺍﻻﺋﻲ ﮀﺎ ﭤﺎ
    ﻣﺎﺳﻲ ﭜﺎﮘﻞ ﮔﻼﻥ ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺍﮄ ۾ ڪٽﻴﻨﺪﻱ ﭼﻴﻮ
    ﻫﺎ ﺍﻣﺎﻥ ﺍﻫﻮ ﺗﻪ ﺁﻫﻲ ﺳﻮﻣﺮ ﻭﺍﺭﻭ ﮀﻮﺭﻭ ڏﺱ ﻫﻦ ﻣﻬﻞ ﺋﻲ ﺍﻧﮅﻭ ﭤﻲ ﻭﻳﻮ ﺁ ﺍﺳﺎﻥ 60 ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎﻥ ٽﭙﻲ ﻭﻳﺎ ﺁﻫﻴﻮﻥ ﺍﭸﺎ ﺍﺳﺎﻥ ﺟﻮ ﻧﻮﺭ ﺍﻳﺘﺮﻭ ﭼٽﻮ ﺁ ﺟﻮ ﺳﻮﺋﻲ ۾ ﮄﺍﮘﻮ ﺑﻪ ﻣﺎﻥ ﭘﺎ ﻭﺟﻬﻨﺪﻱ ﺁﻫﻴﺎﻥ
    ﺲﺑۡ ﮀﺎ ڪﻴﻮﻥ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﮀﻮڪﺮﻱ ﮐﻲ ﺑﻪ ﺍﻧﻬﻦ ﺟﻮ ﺍﺛﺮ ﭤﻲ ﻭﻳﻮ ﺁ ﺿﺪ ڪﻴﻮﻥ ﻭﻳﭡﻮ ﺁ ﺗﻪ ﻣﻮﺑﺎﺋﻴﻞ ﻭﭠﻲ ڏﻱ ﻧﻪ ﺗﻪ ﻣﺎﻥ ﭔڪﺮﻳﻮﻥ ﻧﻪ ﭼﺎﺭﻳﻨﺪﺱ ﻣﺎﺳﻲ ڪﺠﻬﻪ ﭘﺌﺴﺎ ڏﻳﻮ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺗﺎﺭﻳﺦ ﻣﺎﻥ ﺳﻴﭟ ﮐﺎﻥ ﺍﻭﻫﺎﻥ ﮐﻲ ﻭﭠﻲ ڏﻳﻨﺪﺱ
    ﺍﮀﻲ ﻣﭥﻲ ﻭﺍﺭﻱ ﺍﮄڙﻭٽ، ﭜﺎﮘﻲ ﺑﺠﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺳِﺮ ﺟﺎ ﺳﻔﻴﺪ ﻭﺍﺭ ﮔﻬﺎٽﺎ ۽ ﮔﻬُﻨڊﻳﺪﺍﺭ ﻫﺎ ﺗﻨﻬﻦ ﺳﮕﺮﻳٽ ڪﮃﻱ ﺩُﮐﺎﻳﻮ ۽ ﻫڪ ﺍﻭﻧﻬﻮ ڪﺶ ﻫﮣﻲ ﺩﻭﻧﻬﻴﻦ ﮐﻲ ﮀڏﻳﺎﺋﻴﻦ ﺗﻪ ﺳﮕﺮﻳٽ ﺟﻮ ﺩﻭﻧﻬﻮﻥ ﺳﻨﺪﺱ ﻧڪ ۽ ﻭﺍﺕ ﻣﺎﻥ ﻧڪﺮﻱ ﻣﭥﻲ ﺍُڏﺍﮢﻮ ۽ ﺳﻨﺪﺱ ﺳِﺮ ﺟﻲ ﺁﮐﻴﺮﻱ ﻧُﻤﺎ ﻭﭼڙﻳﻞ ﻭﺍﺭﻥ ۾ ﺗﺤﻠﻴﻞ ﭤﻲ ﮔُﻢ ﭤﻲ ﻭﻳﻮ، ﻫُﻦ ﺟڏﻫﻦ ﭔﻴﻮ ڪﺶ ﻫﻨﮣﻲ ﮘﺎﻟﻬﺎﻳﺎﺋﻴﻦ .....
    ﺍﭸﺎﻥ ﻫﻔﺘﻮ ﺑﻪ ڪﻮﻥ ﮔﺬﺭﻳﻮ ﺁ ﺗﮧ ﭘﺌﺴﺎ ﻭﭠﻲ ﻭﺋﻲ ﺁﻫﻴﻦ ﻭﺭﻱ ﺍﭲ ﺁﺋﻲ ﺁﻫﻴﻦ
    ﺟﻲ ﻣﺎﺳﻲ ﻳﺎﺩ ﺁﻫﻦ ﺳﭛ ﮔڏ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺗﺎﺭﻳﺦ ڏﻳﻨﺪﺍﺳﻴﻦ ﻟڏﻱ ﺗﻪ ڪﻮﻥ ﭤﺎ ﻭﭸﻮﻥ ﮔﻼﻥ ﭼﻴﻮ
    ﻣﺎﻥ ڪڏﻫﻦ ﭼﻴﻮ ﺗﮧ ﻟڏﻱ ﭤﺎ ﻭﭸﻮﻥ ﭘﻬﺮﻳﺎﻥ ﭘﺌﺴﺎ ڏﻳﻮ ﭘﻮﺀ ﭔﻴﺎ ﭘﺌﺴﺎ ﻭﭠﻲ ﻭﭸﺠﺎﻥ ﻣﺎﺳﻲ ﭜﺎﮜﻲ ﮔﻼﻥ ﺗﻲ ﺗﭙﻲ ﺑﺎﻫﻪ ﭤﻲ ﻭﺋﻲ
    ﮔﻼﻥ ﻣﺎﺳﻲ ﭜﺎﮘﻲ ﻭٽﺎﻥ ﻣﺎﻳﻮﺱ ﭤﻲ ﻭﺍﭘﺲ ﮔﻬﺮ ﻭﺋﻲ
    ﺍﺑﺎ ﻣﺎﺳﻲ ﭜﺎﮘﻲ ﻧﻪ ﭘﺌﺴﺎ ﻧﺎﻫﻦ ڏﻧﺎ ﻫﺎﮢﻲ ﮀﺎڪﻴﺎﻥ ﮔﻼﻥ ﭘٽ ﮐﻲ ﭼﻴﻮ
    ﮀﻮڪﺮ ﻣﺎﻥ ﮘﺎڙﻫﻮ ﻻﻝ ﭤﻲ ﮔﻬﺮﺍﻥ ﻧڪﺮﻱ ﻫﻠﻴﻮ ﻭﻳﻮ
    ﺍﻥ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺷﺎﻡ ﺟﻮ ﺟﻬﻨﮓ ﻣﺎﻥ ﻧﻴﺎﭘﻮ ﺁﻳﻮ ﺗﻪ ﻣﺎﺳﻲ ﮔﻼﻥ ﺍﻭﻫﺎﻥ ﺟﻲ ﭘٽ ﻭﮠ ۾ ﺭﺳﻮ ﭔﮅﻱ ﺧﻮﺩڪﺸﻲ ڪﺮﻱ ﮀڏﻱ .
    ﮀﺎ ﻫﻮ ﻣﺮﻱ ﻭﻳﻮ
    ﮔﻼﻥ ﺻﺪﻣﻮ ﻧﻪ ﺳﻬﻨﺪﻱ ﺩﻡ ﮄﮢﻲ ﺣﻮﺍﻟﻲ ڪﺮﻱ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘٽ ﺳﺎﻥ ﮔڏ ﻭﭸﻲ ﺣﻘﻴﻘﻲ ﻣﺎﻟڪ ﺳﺎﻥ ﻣﻠﻲ
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو