"سنڌو ۽ سونهارو"

'ڪهاڻيون' فورم ۾ مير سردار چنڙ طرفان آندل موضوعَ ‏1 نومبر 2018۔

  1. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    59
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    178
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    "مير سردار چنڙ "
    اڳاٽي زماني جي ڳالهہ آهي تہ ڪنهن ملڪ ۾ سلطان نالي هڪ بادشاهہ حڪومت ڪندو هو ملڪي نظام توڙي رعيت سان سٺو سهڻو عمل ڪندو هو ۔تنهنڪري عوام هن مان تمام گهڻو خوش هو ڪافي حد تائين نالو مشهور هئس ۔ هن هڪ راڻي بانو بيگم سان شادي ڪئي ۔جنهن مان کيس پهريان تہ اولاد ڪون ٿي ٿيو نيٺ مالڪ راضي ٿيو هن کي هڪ سدا ملوڪ جنهن جو نالو هڪ خاص صلاحڪار جي چوڻ مطابق "سنڌو" رکيائين ۔پنهنجي نياڻي کي تعليم ۽ تربيت لاء وڏا جتن ڪري تعليم ڏنائين ۔ سنڌو جڏهن جواني ۔ پير پاتو تہ سندس حسن ڏسي هرکجي ٿي ويو سندس چهرو چوڏهين جي چنڊ وانگر چمڪندڙ هو سندس
    ڳچي ڊگهي مرڪڻ ۾ جيئن گل جو گلاب ٽڙي واتۡ کلي تہ ڏند جهڙا ڏاڙهو جا داڻا ڳل ڳاڙها ڀرون جاڙا جهڙوڪر تلوار جي ڪٽ هجن زلف ڪارا سندس ديدار لاء سوين ديوانا مسڪراهٽ ڏسڻ لا سوين مستانا سندس حسن جي هاڪ پوري نگر ۾ هئي هر هڪ جي وات ۾ صرف سنڌو لاء واکاڻ هئي ڇوجو هوءۡ لڇڻن ۾ لاکيڻي گۡڻن ۾ گهنور هئي انڪري سڀڪو ماڻهو سنڌو جي ساراه ڪرڻ کان ڍاپندوء ئي ڪون هو سنڌو کي سندس پيءۡ سلطان ڪافي تعليم حاصل ڪرائي هئي هاڻي هن کي حويلي رهايو هئائين .
    سنڌو جڏهن حويلي ۾ رهڻ لڳي تہ ڪجهہ سالن ۾ سندس ماءۡ بانو بيگم روح پرواز ڪري وڃي حقيقي مالڪ سان ملي ۔جنهن جو تمام گهرو اثر پيو سنڌو تي
    جنهن سنڌو سڄي عمر مسڪرائيندي گذاري اڄ ان جي نازڪ ڳلن تي ڳوڙها وهڻ لڳا هئا ڪيترائي ڏينهن ماءۡ جي صدمي ۾ روئندي رهي اڪيلي اداس رهڻ لڳي .
    ڪجهہ ٽائيم کان پوء سلطان بادشاهہ هڪ ياسمين نالي عورت سان شادي ڪئي ان کي پنهنجو همسفر ڪيائين سير سفر ۾ ساڻس گڏ کڻندو هو ياسمين ان ٽائيم ۾ سنڌو سان بيحد پيارڪندي هئي .
    سلطان بادشاهہ کي ياسمين مان هڪ ڌي ڄائي جنهن جو نالو ڪونج رکيائون ۔سلطان بادشاهہ ڪونج کان وڌيڪ سنڌو کي ڀائيندو هو ۔ ڇو جو سنڌو ننڍي هوندي کان دنيا جي غظيم ماءۡ جهڙي رشتي کان محروم هئي ۔ جيڪو ياسمين کان برداشت نہ ٿيندو هو هو اندر ئي اندر ۾ سڙندي هئي ڪير ڪجهہ نہ پئي سگهي .
    بادشاهہ ڪنهن ملڪ ڪم سان ويو هو ياسيمن کي
    سنڌو جي پارت ڪري ويو هو ۔جڏهن بادشاهہ ويو تہ ياسمين پنهنجو روپ بدلائي ڇڏيو ۔سلطان بادشاهہ جي غير موجودگي ۾ سنڌو جي سڀني ٻانهين کي جواب ڏئي ڇڏيائين ته ! سڀاڻي کان اوهان هتي نہ اينديون ڪيو هاڻي توهان جي ڪا ضرورت ناهي ويچاريون ٻانهيون نوڪري ڇڏي هليون ويون
    ياسيمن سنڌو تي ظلم ڪرڻ شروع ڪيا کائنس سڄو گهر جو ڪم ڪار ڪرائيندي هئي .پنهنجي ڪونج ڌي کي هار سينگار ڪري ويهاريندي هئي ۔
    کاڌو بچيل پائڻ لاء ڦاٽل ڪپڙا هن کي ڏيندي هئي ۔ هڪ ڏينهن سنڌو کان چانهہ جو ڪوپ هٿ مان ڪري پيوجنهن جا ڪجهہ ڇنڊا ڪونج جي شاهي پوشاڪ تي لڳا تنهن تي ڪونج ۽ سندس ماءۡ هن کي ڏاڍي مار ڏني ۔سنڌو ڪاوڙ مان گهران نڪري هلي وئي وڃي جهنگ پهتي تہ اتي شهزادو سونهارو شڪار ڪري رهيو هو سونهاري جو سنڌ کي ڏٺو تہ هن کان وات مان لفظ نڪري ويا : ڇا تہ حسين آ هرڻي وارا ڇلانگ اٿس لڳي تہ شاهي گهراڻي جي ٿي پر روئي ڇو رهي آهي .
    ويجهو وڃي چيائين ! اي شهزادي تون روئين ڇوٿي تنهن چهري تي لڙڪ نہ پر مرڪ سونهي ٿي .
    سنڌو ....! سونهاري کي پنهنجي پوري ڪهاڻي ٻڌائي جيڪاٻڌي شهزادو ڏاڍو ڏکارو ٿيو .
    شهزادي سونهاري سنڌو کي مڃائي گهر موڪليو .
    شهزادي هن سان شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو رشتو وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو شادي جي تاريخ رٿيل هئي شادي واري رات ياسمين سنڌو کي جادوئي سۡيون هڻائي ڇڏيون جنهن کان پوء سنڌو جهرڪي ۾ تبديل ٿي اۡڏامي هلي وئي ياسمينياسمين پنهنجي ڌي ڪونج سان شهزادي سونهارو جي شادي ڪرائي ڇڏي .
    شهزادي گهر ڏٺو تہ اها سنڌو ناهي ڪاٻئي ڇوڪري آهي ڏاڍو ڪاوڙيو ٻنهي ماءۡ ڌي تي انهن کي قيد ڪرائي ڇڏيائين ۔
    شهزادو ڏاڍو گمگين رهڻ لڳو کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنائين ۔شهزادو سونهارو پنهنجي خوابن جي راڻي جي ڳولها ۾ نڪري پيو . ڳوٺ جهرجهنگ وستي واهڻ ۾ ڳولها ڪندو رهيو مهينا گذري ويا پر ڪٿي بہ ڪو ڏس پتو نہ مليو تہ شهزادي سنڌو کي ڪٿي رکيو ويو آهي .
    هڪ دفعي شهزادي سونهاري کي ڏس مليو تہ گلستان جي شهر ۾ هڪ فقير آهي جيڪو سڀن جي دلين جا حال ٻڌائي ٿو . جيڪو پڇجي ٿو اهو يڪدم ٻڌائي ٿو
    ٻئي ڏينهن شهزادو فقير ڏانهن نڪري پيو پڇا ڳاڇا ڪري وڃي اتي فقير جي آستاني تي پهتو .
    السلام عليڪم فقير سائين شهزادي نوڙي چيو
    وعليڪم السلام اچو ويهو بابا فقير چيو
    سائين مان هڪ مسئلوکڻي آيو آهيان شهزادي پورو قصو فقير کي ٻڌايو .
    فقير چيو بابا اوهان پنهنجو ساڄو هٿ هيڏانهن ڪيو ڪجهہ ڏينهن اوهان کي هڪ شهزادي سنڌو سان جهنگ ۾۾ ملاقات ٿي هئي جنهن کي اوهان دل ڏئي ويٺا هيو جڏهن اوهان جي شادي ٿئي پئي تہ اوهان ٻنهي سان ٺڳي ٿي وئي هئي شهزادي سنڌو کي جادوئي سۡيون هڻي جهرڪي ۾ تبديل ڪيو ويو هو هوء اڄ بہ هتي منهنجي علائقي ۾ رهي ٿي اوهان هڪ ڪم ڪيو گلستان شهر جي ڀر پاسي ۾ هڪ باغ آهي اتي وڃي رهي پئو جيسي جهرڪي اوهان جي ڪلهي تي نہ ويهي ع اتان ڪاڏي نہ وڃجو .
    شهزادي سونهاري فقير پنهنجي ڳچيء مان سونو نؤ لکو هار لاهي فقير کي گفٽ ڪيو۽ پاڻ فقير کان موڪلائي هليو ويو . گلستان شهر جي ڀر واري باغ ڏانهن رک ڪيائين اتي پهچي هڪ جاء تي ويهي رهيو ۔ڪجهہ ڏينهن کان پوء شهزادي سونهاري جي هٿ تي جهرڪي ويٺي سونهاري جيئن ئي سندس مٿي تي هٿ ڦيرايو تہ هن کي سۡيون لڳل هيون هن اهي سۡيون ڪڍيون تہ جهرڪي مان واپس اها سدا ملوڪ حور پري سهڻي شهزادي سنڌو ٺهي وئي شهزادي سونهاري جو اهو سڀ ڪجهہ ڏٺو تہ ڏاڍو خوش ٿيو ۔شهزادي سونهاري سنڌو جي ويڳي ماءۡ کي سندس ڪئي جي سزا ڏني کيس ڦاسي تي لٽڪايو ويو .
    ڪجهه ڏينهن ۾ بادشاهه سلطان به واپس ملڪ آيو ان شهزادي سونهاري ۽ شهزادي سنڌو جي وڏي جوش جذبي سان شادي ڪرائي سڄي ملڪ ۾ دعوت ڏنائين پورو هفتو ڪاج هليو ڪجهہ ڏينهن ۾ شهزادو سونهارو پنهنجي زال شهزادي سنڌو کي پنهنجي ملڪ وٺي ويو اتي خوشي سان رهڻ لڳا .




    [​IMG]
    ReplyForward
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو