محبت ۽ عيوضو

'ڪهاڻيون' فورم ۾ مير سردار چنڙ طرفان آندل موضوعَ ‏1 نومبر 2018۔

  1. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    59
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    178
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    عين سحر

    عزت ڀڄي وئي......!ڳوٺ ۾ اِها خبر جهنگ ۾ باهه جيان پکڙجي وئي، ان خبر احمد جي گهر ۾ قهرام مچائي ڇڏيو هو. ساڳي خبر ڪليم الله جي گهر ۾ به قضئي جهڙو ماحول ڪري ڇڏيو هو. عزت ڪليم جي پٽ عليم جي نڪاح ٻڌي هئي، سندس ڀاءُ يوسف جو عيوضو، رخصتي اِن ڪري نه ٿي سگهي هئي جو عليم عزت کان ڇهه، ست سال ننڍو هو. پنهنجائپ ۾ ڪس پڪائي ڪونه ڏٺي هئائون تنهن دور جو هونئن به اِهو عام رواج هو. شاديون ننڍي عمر ۾ ٿي وينديون هيون. عليم مشڪل سان ٻارنهن سالن جو هو ته عزت پنجويهن سالن جي هئي. سندن عيوض وارو رشتو عزت جي ڀاءُ يوسف ۽ عليم جي ڀيڻ جنت جو ٿيو هو، جيڪي هم عمر نوجوان هئا، هڪ عمر جي ڪري ٻنهي جو نڪاح ۽ رخصتي گڏ ٿيا هئا.
    يوسف لاءِ اِهاَ خبر وڄ جيان ڪِري هئي، يوسف زال جنت جو ديوانو هو. جنت ۾ ساهه هئس، ڀيڻ جي ايئن نڪري وڃڻ ڪري غيرت ۽ غصو اندر کائي رهيو هئس. جنهنڪري سندس ماني ٽڪي وِهُه ٿي وئي هئي، پر کيس ان اُوني اچي ورايو هو ته ڪٿي جنت ۽ سندس رشتي تي نه اثر پوي، جو رستي بيٺل زائفن مُرادان ۽ ڄامل جي گفتگو سندس ڪِنِ پئي هئي، تنهن منجهائي وڌو هوس.
    مُرادان ڄامل کي چئي رهي هئي ته
    ”جنت کي سندس چاچو ڇنائڻ جون ڳالهيون ٿو ڪري.“ پيءُ جي وفات کانپوءِ جنت جو چاچو ئي سندس وارث هو. يوسف اِهو جو ٻڌو هو ته سندس طبيعت غمگين ۽ اُداس ٿي وئي هئي. جنت جيئن اڄ ماني اڳيان رکيس ته بجاءِ روز جيان کِلي ڏسڻ جي ڪنڌ هيٺ ڪيو ويٺو رهيو. يوسف ماحول ۽ آسپاس کان بي خبر ماضيءَ جي يادن ۾ ڇڪجي ويو. کيس ياد آيو ته ڪيئنءَ جنت جي گهر وارن يوسف کي پڪي ڪوٺي ٺاهڻ تي ضد ڪيو هو، چيو هيائون ته
    ’اسان جي ڇوڪري پڪي گهر مان ڪچي گهر ۾ اچي ڪونه رهندي‘ پوءِ ته يوسف ننڊون ڦٽائي ڏينهن رات هڪ ڪري سِرون پاڻ ٺاهي سڄي رات، بتي ’لالٽين‘ ٻاري آخر پڪي ڪوٺي ٺاهي ساڻس پرڻجي آيو هو.
    ”ماني کاءُ“ جنت جي آواز تي ڪنڌ مٿي کنيائين.
    ”ماني ڪونه ٿي وڻي، جنت خبرناهي هي مامرو ڪاٿي هڻي هنڌ ڪندو؟ توکي مان پاڻ کان پري ٿيڻ نه سهي سگهندس، منهنجو ته دم ئي نِڪري ويندو جنت.“
    ”گهٻراءِ نه مالڪ ڀلائي ڪندو ايترو نه سوچ“
    ”ڪيئن نه سوچيان؟ هي جو چوٻول ٿو ٻڌڻ ۾ اچي ته چاچو عزت جي ڪري تنهنجو مونکان نڪاح ڇنرائڻ جي پيو سوچي....! بابي کي ته مان صاف جواب ڏيندس منهنجو ڪهڙو ڏوهه جو مان زال ڇڏيان، پر تنهنجي چاچي کي ڪير سمجهائيندو؟“
    يوسف ۽ جنت جي شادي ٿي ته وڏن جي مرضيءَ سان هئي، پر ٻنهي جي دلين جا ڪُنڍا اهڙا اَٽڪيل هئا جيئن لوهر زنجير جا ڪُنڍا لپيٽيندو آهي. هو زال مڙس هوندي به ڄڻ ڪنهن رومانوي داستان جا ڪردار لڳندا هئا. يوسف جهٽ پلڪ به جنت کي نظر کان اوجهل ٿيڻ نه ڏيندو هو، جيستائين ڏسندو نه هوس قرار نه ايندو هئس، سُک نه ويهندو هو.
    شادي جا ٻه ٽي سال محبت جي انهن خمارن ۾ گذاريا هئائون. گلن جيان مهڪندڙ زندگي گهڻن جي حسد جو سبب به هئي سي حاسد ماڻهو جنت جي چاچي کي مڃرائي رهيا هئا ته ڇوڪريءَ کي (جواب) طلاق ڏياريو.
    پنهنجي راڄ ۾ هنن جي محبت جو مثال قائم هو ۽ هميشه سڀني جو موضوع بڻيل رهندو هو، جڏهن کان شادي ٿي هئن تڏهن کان ماڻهو حسرت وچان سندن جوڙي ڏسندا هئا، سندن مثال پيش ڪندا هئا. شاديءَ کي پنج ڇهه سال ٿي گذريا هئا، پر لڳندو هو ته پنج، ڇهه ڏينهن ٿيا هجن. سندن سچي ۽ بي انت محبت کي نه فقط ٻيا شادي شده حسرت سان ڏسندا هئا پر ريسون پڻ ڪندا هئا. زالون ۽ مڙسالو ٿڌا ساهه کڻي هڪ ٻئي تي ميار ڏيندا هئا ته،
    ”بلي! جيڪا محبت يوسف ۽ جنت جي وچ ۾ آهي سا ته شايد ڪنهن نصيب واري جي حصي ۾ هوندي.“
    اِن عرصي ۾ کين ٻن نياڻين ۽ هڪ پٽ جو اولاد عطا ٿيو هو، پٽ مُشڪل سان ٽن چئن مهينن جو هو، پر سونهن ۾ ڀيڻين کان سرس هو. ننڍڙو شهزادو. پٽ جي ڄمڻ تي يوسف پنهنجي حال سارو وڏي خوشي ڪئي هئي، راڄ جي دعوت مفت ۾ ڪئي هيائين. ريت موجب ‘مصري‘ مبارڪي جا پئسا به ڪونه ورتا هيائين. جنت پٽ جي ڄمڻ کان پوءِ اڃا حسين ٿي پئي هئي سندس سونهن تي نکار اچي ويو هو. هونئن به چوويهن پنجويهن سالن جي ڦوهه جوان هئي وري جو محبت ڀري زندگي ۽ بي انتها چاهڻ وارو مڙس مليو هوس ته خوشي ته لازمي ٿيندي نه. يوسف ور ور ڏئي پيو ورندو، ڏسيو پيو ڏسندو ۽ ٺريو پيو ٺرندو هئس، زال ڇڏي، ٻاهر وڃڻ ۽ ٻنيءَ ٻاري جو ڪم ڪرڻ لاءِ دل نه چوندي هيس نه ڪو دل ڪم ۾ لڳندي هيس اِهو حال ڏسي سندس چاچي طعنو به ڏنو هيس،
    ”يوسف سڄو ڏينهن گهر ۾ پيو آن، آرو ٿو ڪرين ڇا؟“
    يوسف اُن گهڙيءَ ڏاڍو شرمسار ٿيو هو، جو يوسف تمام گهڻو شرميلو ۽ سادو به هو، يوسف چاچي جي اُنهن جملن کانپوءِ اهڙو ٿي ويو جو ’چوي زمين جاءِ ڏي تي زمين ۾ هليو وڃان‘ پر سڀني ڳالهين جي باوجود يوسف هو ته جنت جو ديوانو.
    سڀ سندن حوالي سان هِن گهر سان ريسون ڪرڻ لڳا هئا، جو ڀاڳل ايترو به چئي ڏنو ”هن گهر تي الله جي ڪا خاص ٻاجهه آ، لڳي ٿو ڄڻ خوشين هن گهر جو در ڏسي ڇڏيو آ، هڪڙو منهنجو پٽ آ جو ڊڪي ڊڪي بيٺا آهيون ڪو سڱ نٿو ملي، جتي ڳالهه ٿا ڪڍئون ته اڳئين ڌر ڏانهن انڪار ٺهيو پيو آ.“ چرچو ڪندي وري يوسف کي چيو هيائين،
    ”يوسف ڪو منهنجي پٽ کي ڌاڳو ڦيڻو ڪري ڏي.“ يوسف ۽ جنت ماڻهن جون اهڙيون ڳالهيون ٻڌي کِلي ڏيندا هئا.
    اڄ جڏهن عزت گهران نڪري وئي ته سندن گهر ۾ ڄڻ طوفان اچي ويو هو، جو جاتي سو تاتي سراپجي ويو هو، گهڻي جاچ جوچ کان پوءِ خبر پئي ته پاسي واري ڳوٺ جي ڪنهن هم عمر سان نڪري وئي آهي عزت. ڪو وقت اڳي ڏاندن جي سودي ۾ ڀرسان واري ڳوٺ مان اُهو نوجوان پنهنجن عزيزن سان آيو هو، دڳ رستي ڪا اک لڳي وئي هئن پوءِ ايئن سلسلو هلندو رهيو ۽ نيٺ موقعو تاڙي عزت اُن نوجوان سان ڀڄي وئي. اُن زماني ۾ زائفان جي ڀڄڻ جي ڳالهه قانون ۾ ڏيڻ به وڏي بي عزتي ليکبي هئي ٻيو ته ڀڳل ٻانهن ڪنهن ڪم جي نه هئي سو هنن مئي سهائي ڇڏي.
    پر ڪليم الله جي ڀاءُ اسد الله زور ٻڌو ته اسان کي به پنهنجي ڇوڪري واپس ڪرڻي آ، ڏک عليم کي به ڌاڍو ٿيو هو جيڪو هاڻي چوڏهن پندرهن سالن جو هو منو مڙس ٿي چڪو هو، ٻالڪپڻو موڪلائي رهيو هوس ٻيو جو قدآور هو ته پٺيرو مردن جيڏو ٿي لڳو. ٽن چئن سالن ۾ سندس شادي به ڪرائي وٺن ها پر عزت ڪسو ڪم ڪري وڌو ۽ ٻنهي خاندان کي رولي ڀڄي وئي.
    جنت جي وڏي ڀاءُ ۽ چاچي وڏو گوڙ ڪيو ته ٻانهن يوسف وارن ڪڍرائي اسان سان ناحق ڪري ڇڏيو، اسان جي دل نٿي چوي ته اسان جي ڇوڪر اهڙن جي گهر ۾ هجي، سو ڇوڪريءَ کي جواب (طلاق) ڏيارڻ تي زور ڏيڻ لڳا. آخر چئن چڱن کان فيصلو برادري ۾ ڪرائي هنن کي مياري ڪرائي بيٺا، فيصلو راڄوڻيءَ ۾ کٽي ويا، طلاق جو فيصلو ٿي ويو.
    جڏهن يوسف کي طلاق جو چيائون ته، يوسف صفا لرزي ويو، سندس پيرن هيٺان ڌرتي نڪري وئي، صدمو ايڏو کنيائين جو پنهنجي مُنهن وڦلڻ لڳو، ننڊ آرام ڦٽي ويس، هوش ۽ حواس ڄڻ سندس وس ۾ نه هئا، چارئي پهر ڀتن سان ڳالهائڻ لڳو.
    اڄ جيئن ئي ٻنيءَ تان موٽيو ته جنت گهر ۾ نه ڏسي ماءُ کان پڇيائين، خبر پيس ته سندس پيڪا هميشه لاءِ جنت کي وٺي ويا آهن. اُن مهل مٿي تي هٿ ڏئي ڌرتيءَ تي ويهي رهيو هو، ماءُ جي آڏو روئڻ ڏکيو لڳس اندر ۾ ڳوڙها پي ويو، پر دماغ مائوف ٿيڻ لڳو هوس، تهائين جو ڌيئر کيس چنبڙي رُنيون ته هنيانءُ ۾ وڍ پوڻ لڳا هئس، ننڍڙو ٻچڙو به بُک وچان ڪيهاٽ ڪري رهيو هوس اِهو لقاءُ ڏسي يوسف صفا ڦِسي پيو، ڄڻ ته سندس دنيا ئي تباهه ٿي وئي.
    احمد پٽ جي اِها حالت ڏسي وچ وارن ماڻهن کي موڪليو، يوسف جي ڏاڏي راضل به روا ميڙيون ڪيا پر هنن جو ٺُپ جواب.
    جنت جو چاچو ضد ٻڌي بيهي رهيو ۽ چوڻ لڳو ته
    ”پنهنجي عزت غيرت جي حفاظت ڪري نه سگهيا، اسان جي عزت ڇا سنڀاليندا. عيوض واري ڀڄائي ڇڏين سو هاڻي قصو ڪوتاهه ٿي ويو. اسان جي غيرت تي حملو ڪيو اٿن، اسان جي مٽي مائٽي ختم اٿن. “
    احمد به ڪاوڙ ۾ چيو هو،
    ”عزت ڌيءَ، عزت وڃائي پٽڪو رلائي وئي، هاڻي جيڪا اوهان کي اَڇ ڪرڻي آ سا ڪيو، اسان جي جيڪا قسمت. يوسف انڌو ڪاڻو ناهي نصيب هوندس ته ٻي پرڻجي پوندو. ڪاٿئون ڪو سڱ وٺي ڏيبس.“ ايئن ٻنهي خاندان ۾ ڄڻ سرد جنگ ڇڙي چڪي هئي.
    يوسف جي حالت چرين جهڙي ٿي وئي هئي. صفا بي حال هو، ويتر معصوم ڏسي پئي ڳريو. نياڻيون ماءُ ڏانهن پنهنجي ڏاڏيءَ سان وينديون هُيون، ماءُ کان ڀاءُ کي ٿڃ ڏياري اينديون هيون، جو ننڍڙي ٻيو کير ڪونه پئي ورتو. سرد جنگ جي ڪري يوسف تي طلاق جو زور وڌندو ويو، يوسف طلاق جي لفظ تي سڙي کامي پئي ويو، سندس اندر ڳري ڳري ٿي ويو هو. آخر اهڙي دماغي حالت ٿي ويس جو جيڪي وڏا طلاق تي زور ڏئي رهيا هئس، انهن ڏي جهول ڀترن جو ڀري ٿي ويو، هر هڪ کي چوڻ لڳو
    ”وٺو هي ٽي ڀتر پنهنجي زال کي ڏيو، اوهان ڏيو پوءِ مان به ڏيندس، اڙي منهنجو گهر تباهه نه ڪيو. منهنجو گهر نه وڃايو مون ڪو ڏوهه ناهي ڪيو، ڀڳي ته ڀيڻ آ مون ڇا ڪيو آ، مون کي زال موٽائي ڏيو، منهنجو حال هيڻو آ، اوهين ڏاڍا الله کان ڊڄو. آهي ڪو رائو رائي ملڪ ۾؟ آهي ڪو جاتي فرياد کڻي وڃان....؟“
    يوسف جي اهڙي حالت تي ڪنهن به غور ويچار نه ڪيو، نه وري ڪنهن کي مٿس ڪهل آئي.
    ڳالهه ڳري ٿي وئي، جنت جو چاچو ضد تي ٿي بيٺو سو راڄ جي چڱي مڙس کي دانهين ٿيو، ’ته اسانکي ڇوڪر ڇڏرائي ڏيو.‘ چڱي مُڙس به احمد کي گُهرائي چيو ته
    ”بابا اوهان جي پاڻ ۾ ٺهو ٿا ته ڀلو، پر هوءَ ڌر جنهن ضد تي آهي سو لڳي ٿو حياتيءَ ٺاهه جي ڳالهه نظر نٿي اچي، ڇوڪري کي سمجهاءِ ته طلاق ڏئي ڇڏي.“
    يوسف جي ته ڄڻ دنيا اجڙي وئي هئي، پورن ۽ سورن ۾ پور پچائيندو رهيو اڄ چانڊوڪي رات هئي پر چانڊوڪي سندس لڱ ساڙي رهي هئي، خالي کٽولي تي آڳر ۾ چنڊ کي ڏٺائين. چنڊ به ساڳيو چانڊوڪي به پر جنت ڪونهي. سندس ٻانهن تي سمهي ٻنهي جو چنڊ ڏسڻ کيس ياد آيو. اُهي راتيون به ياد آيس جڏهن ڪمرو ٺاهيندي سوچيندو هو ته ’هڪ ڏينهن منهنجو چنڊ به منهنجي ٻانهن ۾ هوندو‘ اميد جا اُهي ڏينهن ۽ وري نااميديءَ ۽ مايوسيءَ جا هي لمحا....
    ”بابا امان ڪاٿي آ؟“ ننڊ مان جاڳيل ننڍڙيءَ ڌيءُ جي آواز تي باهه جيان ساڙيندڙ حقيقت جي دنيا ۾ موٽي آيو، جتي ساڙيندڙ لوهائيندڙ لُڪ جهڙا رويا هئا، زماني جي بي حسي ۽ پٿردلي هئي. سڀني کي جنت کي طلاق ڏيارڻ جي تڪڙ هئي. کيس لڳو ته، طلاق..... گوليءَ جيان آهي، جي ڏيندو ته اُڦٽ مري پوندو. دنيا ڄڻ کيس پنهنجي موت جي خواهشمند ٿي لڳي. جنت کان کيس جدا ڪري ماڻهو خوش هئا، الله کان به ڄڻ بي خوف هئا.
    نياڻي کي پاسي ۾ سمهاريائين ته ماڻهس ننڍڙو به روئندو کڻي آئي ”اَبا هيءُ مينهن جو کير نٿو پئي.“ پُٽ ماءُ کان ورتائين، ويهي رات ڪيائين. ٻئي رات به ٻار سندس ماءُ پاڻ سان سمهاري ته وري پيءُ ڏي کٽ تان لهي هليا وڃن، سڄي رات چرين جيان ڪڏهن ڳوڙها ڳاڙيندي ڪڏهن روڪيندي ڪن يادن ۾ گم ٿي کِلندي ۽ روئندي گذاريائين.
    هوڏانهن طلاق جي ڳالهه تي جنت به ڏاڍو رُني، چاچي مارڻ جي ڌمڪي به ڏنس ۽ چيائينس ته،
    ”بي غيرت آهين جو دشمنن در ويندئينءَ، جي وئين ته پوءِ نه رهندو اِهو يوسف نه وري تون.“ جنت بيوس پکيءَ جيان ڦٿڪي پر زائفان ذات مردن آڏو ڪڇي ڪين سگهي. صفا ڊڄي وئي، گهر جي سڀني ڀاتين جي هڪ راءِ آڏو خاموش ٿي وئي، جهڙو سراپجي وئي.
    يوسف جو دماغ سالم نه رهيو هو، سندس خاموشي ۽ مايوسي، اندر جي صورتحال ڪنهن ڪونه ٿي ڄاتي..... سڄي دنيا پنهنجي گهرن، ورن، ونين، ٻارن ٻچن سان خوش ريهان کيهان هئي، پر جا قيامت ڪڙڪي هئي سا يوسف ۽ جنت جي مٿان ئي ڪڙڪي هئي. يوسف جي حالت ڏسي سندس ماءُ به گهڻو ڦٿڪي پاند پلو راڄ جي چڱن مڙسن کي ڏنائين، پر ڪجهه نه ٿيو. سڄي رات ٻارڙو ٿڃ ڪاڻ رنو هو، هونئن ته ننڍڙيون ڏاڏيءَ سان وڃي ٿڃ پيارائي اينديون هيون پر اڄ يوسف نڪتو هو.
    ٽيپهريءَ جو وقت هو، در کڙڪايائين ته جنت ئي در کوليو ٻيا سڀ ڀاتي ڪوٺين ۾ هئا، ڏيڍيءَ جي ڪري ڪنهن جي نظر ڪونه ٿي پئي. در کوليندي جنت جيئن يوسف کي ڏٺو ته کيس ڏاڍو ڏک ٿيو، پر جنت ڄاتو ٿي ته ’طلاق ئي هِن ڪهاڻيءَ جو انجام آ،‘ سو يوسف کي اِهو محسوس ڪرائڻ ئي گهرئين ته، ’جنت اُن جي ناهي. يوسف دل پَڪي ڪري، پنهنجي زندگي جو آسرو پلي وڃي. ائين نه ٿئي جو چاچهنس، يوسف سان وڙهي يا ڪو مسئلو ٿئي. ڇو جو هوءَ ڊڄي وئي هئي، کيس خبر هئي ته اِنهن ڳالهين تان خونن جو مسئلو ٿي پوندو آهي.
    يوسف کي چوڻ لڳي ”ٻڪريءَ جو کير پياريوس، مان ڪيترو ڏيندس ٿڃ روز روز ؟“
    ”پر هي ڌاريو کير نٿو پيئي، هي معصوم آ مان مجبور آهيان، مان هن کي ڪاڏي ڪيان....؟
    ڪاڏي وڃان؟“ يوسف بيوسيءَ وچان چيو، جنت ڏسي نه سگهي پٺي ڏئي بيهي رهي.
    ”تو لاءِ روئي ٿو هر وقت، ڇا ڪيانس؟ ماري ڇڏيانس....؟“ يوسف ڄڻ روئڻهارڪو ٿيندي چيو،
    ”وڃي ماريس، ڪُهيس، مان ڪجهه به نٿي ڪري سگهان، مون کي وساري ڇڏ ۽ اِن کي به کڻي وڃ، آئيندا نه آڻيندا ڪريو هن کي هيڏانهن.“ ائين چئي جنت تڪڙي اندر هلي وئي.
    يوسف مئل قدمن سان هلندو رهيو، الائي ڪهڙن خيالن م گهر تائين پهتو، گهر جي آڳر ۾ سج جو پاڇو اچي لڙيو هو. ڀت جي اوٽ ۾ هڪ سِر رکيل هئي، ڪوڏر کڻي آيو، پٽ کي ڪڇ مان لاهي، سندس ڳچي سِر تي رکيائين. معصوم پُٽ جي مُنڍي سر تي رکي، ڪوڏر سان سِسِي ئي لاهي وڌائين. يوسف جون اکيون بي رونق ۽ مئل لڳي رهيون هيون. جن ۾ سڀ منظر اوندهه ٿي چڪا هئا، هن ۾ ساهه کڄي رهيو هو پر اصل ۾ مري ويو هو. ڇو جو حواس ختم ٿي ويا هئس، هو دماغي توازن وڃائي چڪو هو.
    ماڻهس ڪوٺيءَ ۾ نڪتي ته اِهو قهر ڪلور ڏسي ريهان ڪيائين، ماڻهو اچي مِڙيا سڀني سوال ڪيو ته
    ”هي تو ڇا ڪيو؟“ بس هڪ جملو دهرائيندو رهيو....
    ”محبوب چيو ته ڪهيس.... پوءِ ڀلا اُن جو چوڻ ڪيئنءَ موٽايان ها.....؟؟
    ’محبوب چيو.... محبوب چيو ڪهيس.... ‘ جڏهن جنت اِها خبر ٻڌي ته ٻڌڻ سان بيهوش ٿي وئي...
    پوليس آئي جڏهن کيس هٿ ڪڙيون لڳائي وٺي ۽ وڃي لاڪ اپ ڪيائونس. هفتي ۾ انهن ڏٺو ته هو چريو الول آهي، سزا ڪنهن کي ڏجي. کيس چرين جي اسپتال نيون ويو جتان وري يوسف جو ڪو پتو نه پيو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو