ثابتي

'ڪهاڻيون' فورم ۾ مير سردار چنڙ طرفان آندل موضوعَ ‏1 نومبر 2018۔

  1. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    59
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    178
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    عين سحر

    بهار جي مُند ايندي ئي هوا ۾ چستيءَ سان گڏوگڏ مستي ۽ خمار ڀرجي ويو هو، اکين کي مست دل کي باغ و بهار ڪندڙ هوا گهلي رهي هئي، صاحبه جي گهر ۾ گُهلندڙ هوا معطر هئي خوشبو سان واسيل، خوشبو اڱڻ تي ٽڙيل گلاب ۽ رابيل جي گلن مان اچي رهي هئي ۽ من مهڪائي رهي هئي. صاحبه گلن کي پاڻي ڏيندي وڻندڙ گلن کي سنگهڻ جو شوق انهن کي پٽڻ بجاءِ ڏانڊي منهن طرف آڻي سنگهي رهي هئي. گلن کي پٽڻ جو خيال ايندي ئي ٻوٽي جي سونهن گهٽجڻ جو خيال آيس، هونئن به گل ٽاريءَ ۾ ڪجهه وقت زندگي ماڻي ٿو، پر پٽجڻ کانپوءِ جلدي ڪومائجيو وڃي. اِهو سوچي صاحبه گل پٽڻ جو خيال دل مان ڪڍي ڇڏيو ۽ رابيل جي ٻوٽي مان رابيل جون ٻه مکڙيون پٽي ڪنن ۾ پائي ڇڏيائين. رابيل جو ٻوٽو سڄو مُکڙين سان جهنجهيل هو، چَپي چَپي مُکڙيون سموري ٻوٽي ۾ مکڙين جو ڇٽو هنيل هيو.
    صاحبه کي گلن پوکڻ جو ڏاڍو شوق هو، ايلاز منٿ ڪري ڀاءُ کان چَڪيون گهرائي پوکيون هيائين کيس اڄ خوشي پئي ٿئي جو انهن گلن جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ دماغ کي سرور ۽ سڪون ڏئي رهي هئس. پر هڪدم بجليءَ جي تيز رفتار جهڙو خيال کيس اُداس ڪري ويو. سوچڻ لڳي جڏهن رابيل جا سڀ گل ٽڙيل هوندا تڏهن مان نه هوندس، گڏوگڏ اندر ۾ انتظار اُنهن خوشين جو جيڪي هتي نه هجڻ سان ملڻيون اٿس، سندس هٿان نڪرڻ ئي سندس خوشين جو حاصل هو. ممتاز جي محبت جو مٺو درد جو سيني ۾ پلجي رهيو هئس اُن سان ملڻ ۽ زندگي گذارڻ جو وچن وعدو ۽ ارادو کيس آٿت ۽ اطمينان ڏئي رهيو هيو.
    اِن معاملي ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ جا سِٽ سَٽي هيائون تنهن جي پوري ٿيڻ تائين اندر ۾ اڻتڻ ۽ آنڌ مان هيس، من اندر جو مينهن ۽ موسم بهار هڪجهڙي لڳي رهي هئس، ٻاهر جي موسم به کيس پُر بهار لڳي رهي هئي. ممتاز جو چهرو ياد ايندي ئي چپن جون گلاب جهڙيون پتيون اڃا کُليون ئي مس ٿي ته خانوءَ جي خيال سان وري بند ٿي ٿي ويون، مُرڪ دٻائي ڇڏيائين خانوءَ جو خيال يا احساس سندس لاءِ وڏو عذاب هو.
    اڄ ٽن مهينن کان پوءِ ممتاز ڳوٺ اچي رهيو هو صاحبه کي جميلا هٿان نياپو موڪليو هيائين جميلا صاحبه جي پڪي سهيلي ۽ ممتاز جي گهاٽي دوست آفتاب جي ڀيڻ هئي. ٻه گهر ڇڏي جميلا جو گهر هو. جميلا ڪڪڙ جي آنن جي پڇا بهاني کيس اِها خبر ٻڌائي ممتاز سان ملڻ جو پيغام ڏئي وئي هئي، اِنڪري صبح کان صاحبه ماءُ جي گهر وڃڻ جا بهانا ڳولهي رهي هئي.
    ”صابي ڌوتل پوتڙو ڪڍي ڏي.“ خانوءَ جي کُهري آواز تي صاحبه کان هلڪو ڇِرڪ نڪري ويو.
    ”آئي آئي.... “ بي اختيار چوندي صاحبه ڪوٺيءَ ڏانهن ڊوڙ پاتي. خانوءَ جو خيري سَلي ڳالهائڻ به وڙهڻ جهڙو هوندو هو، سندس ڳوري آواز کُهري لهجي کان ماڻهو بيزار به ٿيندا هئا. صاحبه لوهه پائي ڪوٺيءَ ۾ گهڙي پيٽيءَ مان پوتڙو ڪڍي خانوءَ کي ڏنو.
    ”گنجي ۽ خميس قميض به ڏيانءِ؟“ صاحبه نهٺائي وچان پڇيو.
    ”نه نه ڪِليءَ ۾ ٽنگيل پيون هِن ميريون ناهن ٿيون اڄوڪو ڏينهن هلي وينديون.“ خانوءَ ورندي ڏيندي ”يڪو ٻاهر ڇا پئي ڪرين؟“
    ”سرمي سرائي ڏي رات سرمو ماکئون ته وسري ويو، پر تو ڀي ياد ڪونه ڪيو.“ خانوءَ ميار ڏنس.
    ”ها ها ...اجهو کڻي ٿي اچان.“ صاحبه جهٽ پٽ وٽي ۾ پاڻي دِلي مان اوتي آئي. پيتيءَ مان ڌوتل پراڻي لٽي ٽڪر به ڪڍي کٽ تي رکيائين. سرائي وٽي مان ٻوڙيندي ڪپڙي سان اُگهي، سَرائيءَ جا ٻئي پاسا سرمي داڻيءَ مان ڀري ڏنائين. خانو سرمو پائي ئي رهيو هو ته صاحبه وجهه وٺي پيڪن ڏي وڃڻ لاءِ موڪل واري ڳالهه چوريس. دل ۾ رڦڻي هيس ته انڪار نه ڪري وجهي پر مهينو سوا نه وڃڻ واري ڍر کيس دل جو ڊهڪو ڍرو ڪيو ته وڃڻ کي وِٿي ٿي وئي آ. دل جهلي تڪڙو جملو چيائين،
    ”ٻڌ اختر جا پيءَ مان کي اڄ امان وارن ڏي ڇڏي اچجانءِ، رات اُتي هوندس صبح جو ميرو ڇڏي ويندو، توسان ڳالهه ڪرڻ وسري وئي هئي ڪالهه امان جن جي مينهن ويائي آ وَڇڙي ڏني اٿئين ڏسي به اچان کڙ به کائي اچان کڙ وارو کير گهر لاءِ به کڻي ايندس.“
    ”ماڻهين توکي گهر به ڪرڻ ڏيندي يا نه، روز نياپن تي توکي گهرائيندي؟“
    ”ڪهڙو روز ٿي گهرائي مهيني کان مٿي ٿي ويو آ وئي، اِن وچ ۾ بخي (بختاور) ٻه چڪر گهمي وئي آ رڳو راتوڪي رات آ صبح هت آهيان.
    ”چڱو چڱو مُڙڻ جي ته آهين ڪونه، ٻَنيءَ تان موٽان ته منجهند کان پوءِ ڇڏي ٿو اچانءِ، ها پر نيرن گهر اچي ڪجانءِ.“
    ”ها ها...تون امان وارن ڏي ڇڏڻ هلين ٿو ته رات جي ماني کائي پو موٽجانء.“ِ خانو ڪوڏر ڪلهي ۾ وجهي در کان نڪري ويو ته صاحبه جي لڱن ۾ ساهه پيو. خانوءَ جي اکين مان هر وقت جا نڪرندڙ اُلا صاحبه جو بُت ساڙيندا رهندا هئا، اَڌيڙ عمر جو ور صاحبه جي نڙيءَ ۾ گرهه جيان ڦاٿل هوندو هو جيڪو نه اُڳري سگهجي نه اُڇلي سگهجي. پر نڪاح جو پيل هو سو نڀائڻو هوس، ڀل اُهو نڪاح زبردستيءَ ۽ اَڻ چاهيو ڇو نه هُجي. دل ڀل کڻي سؤ دفعا انڪاري هُجي. عورت جي اقرار جي ضرورت به ڪهڙي جنهن سماج ۾ عورت ڍور ٻڪري ڪري ليکي وڃي اُتي ڀلا سندس مرضي معنى ئي ڪهڙي ٿي رکي. اهو سنڱ اِن ڪري به سولائيءَ سان ٿي ويو جو ڏي وٺ جي شادي هئي. خانوءَ صاحبه جي بدلي پنهنجي ڌيءَ بختاور جو سڱ صاحبه جي ڀاءُ مِيروءَ کي ڏنو هو. بختاور خانوءَ جي اڳئين زال مان هئي، جيڪا ڦوهه جوانيءَ ۾ بختاور کي ڄڻيندي ويم دوران گذاري وئي هئي.
    صاحبه جو ڀاءَ مِيرو صفا بيڪار ۽ خفتي ڇوڪرو هو جنهن جي وندر ۽ ڪِرت ڪبوتر ۽ ڪڪڙ هئا. سڄو ڏينهن ڪبوترن واري کڏ جو پيو طواف ڪندو، ڪبوترن جي ڄنگهن لاءِ سڳن ۾ موتي پوئي کين پيو ٻَڌندو ڪبوترن جي پرن تي گلابي، پيلا، ڳاڙها رنگ پيو هڻندو. اَڇن ڪبوترن جا رنگن لڳل پَر ائين لڳندا ڄڻ ڪبوترن سان ڪنهن هولي کيڏي هجي، ڪبوترن جو ڏوٽيون ڳڻيندو هو جڏهن آسمان ۾ اُهي گُليلي جيترا نظر ايندا ۽ چَست هڻي، ساهي مُنجهائي يڪ ساهي ٽِڪ ٻڌي بيهي رهندا هئا ته کيس ايڏو وڻندا هئا جو دل گدگد ٿي ويندي هئس، ڄڻ ڪو وڏي امتحان ۾ پهرين نمبر تي آيو هجي. مِيرو سڄو ڪبوترن جي رکوالي ٽهل ٽڪور ۾ پورو، انهن جي حفاظت مِيروءَ لاءِ ڄڻ عبادت کان به وڌ هئي، ڪبوترن جي کُڏِ ۾ وڃي ٻهاري سان کُڏِ صاف ڪندو، وِٺون ڪڍي ٻاهر ڍير ڪندو تغاريءَ ۾ وجهي ٻاهر اُڇلي ايندو، کُڏِ جي مٿان به ڦرهيو ڦيرائيندو کُڏِ اندر رکيل پاٽڙا ٻاهر ڪڍي ڌوئي پاڻي ۽ داڻو الڳ پاٽئڙن ۾ ڀري کُڏِ ۾ رکندو. کُڏِ ۾ سرن جا ننڍڙا گهر ڪبوترن جا ٺاهيندو گاري سان تن کي ليپي مضبوط ڪندو.
    سڄو ڏينهن ٻِلن جي تاڙ ۾ ٻلن جو ازلي دشمن ٿيو ڦرندو ته ڪٿي ڪو ٻلي ڪبوتر جي اچي منڍي نه مروٽي وجهي، سو ٻلو نظر آيو ناهي ميروءَ جو پادر ٻلي کي ٺڪاءُ ٿيو ناهي. کيس اِهو اونو هر وقت ته ڪو ٻِلو ڪبوتر نه ماري وجهي! کُڏِ جو مُنهن بند ڪرڻ کان پوءِ به اِهو وهم ته ڪا وِٿي ته نه رهجي وئي هجي ۽ ڪو مُئو ٻِلو وجهه وٺي ڪو ڪبوتر ماري وجهي. سو اِها ڪِرت اِها ڪار هئي سڄو ڏينهن ميروءَ کي نه کائڻ جو هوش نه پيئڻ جو خيال.
    صاحبه جي زندگي سِڪيلڌي ميرؤ جي سڱ تان خراب ٿي ۽ صاحبه جو مقدر اِهو پاروٿي ڌپ جهڙو رشتو بڻيو هو، جيڪو ڄڻ زهر جي ڳيت هو. صاحبه سونهن ۾ سرس پشم جهڙا پتڪڙا هٿ پدمڻا پير، ڊگها وار اکيون ڪٽار، چپ گلاب، ڏند موتين جي قطار، اصل پدمڻي هئي صفا صاحبه.
    صاحبه شاديءَ کان اڳ ممتاز تي موهت هئي، جيڪو سنڱ ۾ سندس ماسات هو. ننڍپڻ هڪ گهر ۾ رانديون ڪندي گذريو هئن، ٻئي هڪ ٻئي سان پيار جو اظهار ڪري چڪا هئا شروع ۾ اِهو ڏکيو هو، پر هڪ ٻئي جون ڳالهائيندڙ اکيون سندن راز نه رکي سگهيون. جنهن گهر ۾ کيڏندي جوان ٿيا هئا تنهن گهر جون ديوارون کين ڪيئي موقعا ڏينديون رهيون هو ٻئي اظهار کان انتهائن تائين وڃي پهتا، جواني ۽ جوش جي سيلاب ۾ ايئن لڙهندا ويا جو ڪوبه بند کين روڪي نه سگهيو.
    صاحبه مُند جي پاڇاٽي پالڪ اڱڻ ۾ منجهند جي ٻوڙ لاءِ سوئڻ لڳي، خانوءَ جي موٽڻ کان اڳ کيس ماني تيار ڪرڻي هئي، صاحبه ڪم بي ڌياني سان ڪري رهي هئي، سندس سڄو ڌيان ممتاز سان ملڻ طرف لڳل هو. ڪڏهن پالڪ جا سويل پن ڏانڍين ۾ رکي ٿي ڇڏيائين ڪڏهن ڏانڍيون سويل پالڪ واري ٿالهه ۾ ٿي وڌائين، سندس اِها حالت کيس به چڙ ڏياري رهي هئي پر بيوس هئي ممتاز سان ملڻ جي خوشي ۾ هوش خطا ٿي رهيا هئس.
    هڪ طرف دنيا جو خوف مٿان وري خانوءَ جو احساس، خوف جو اثر وڌائي رهيو هو. وري هن باهه مان نڪرڻ ۽ ڪامياب ٿيڻ جو اونو انهن سڀني گڏيل احساسن کان کيس بي نياز ڪري رهيو هو. صاحبه آس پاس کان بي خبر هئي بس اِن خيال ۾ هئي ته ’بختاور جي هوندي ممتاز سان ڪيئن ملندي؟‘ گذريل دفعي ماءُ جي گهر، ويم تي ويل هئي ته به مشڪل سان ڪي پنج منٽ ممتاز سان ملي هئي، پر هن دفعي ته گهران نڪرڻ جو سڄو معاملو ممتاز سان سِٽيل هو. وقت گذرڻ سان ڳڻتيءَ به وڌي رهي هئس. پالڪ سوئيندي وري ماضيءَ جي خيالن ۾ گم ٿي وئي.
    اُهي ممتاز جي ڪاليج جي پڙهائي جا شروعاتي ڏينهن هئا، هاڙهه هليو پئي هڪ تتل منجهند جو جڏهن ممتاز شهر واري ڪاليج کان سائيڪل تي موٽيو هو ۽ سڌو پيرن ڌوئڻ لاءِ نلڪي واري ننڍڙي ڪوٺيءَ ۾ گهڙي ويو جتي صاحبه اڳ ۾ سوٽيءَ سان ڪپڙا سَٽي ڌوئي رهي هئي. ممتاز کي ڏسي نلڪي واري ننڍڙي ڪوٺيءَ ۾ اڪيلائيءَ جي احساس سان پاڻي پاڻي ٿي وئي هئي، نرڙ تي پگهر اچي ويو هئس. ممتاز جڏهن يڪ ٽڪ ڏٺو هئس ته اکيون شرم وچان يا ممتاز جي اکين جي تاب کي نه سهندي جُهڪي ويون هئس. ممتاز پيرن ڌوئڻ لاءِ نلڪي ڏي هٿ وڌايو ته صاحبه نلڪي جو ڳن تڪڙو پڪڙي گيڙا ڏيڻ لڳي. ممتاز چنبڙيل مِٽي پيرن تان لاهڻ لاءِ جهڪيو ته صاحبه اُن کان اڳ ۾ منجيءَ تي ويهي پيرن تان مِٽي پنهنجي هٿن سان صاف ڪرڻ لڳس ممتاز کيس ايئن ڪرڻ کان روڪيو پر صاحبه نه مُڙي. صاحبه جي پيار ۽ سچائي جو ايترو ته قائل ٿي ويو جو اکيون ڀرجي آيس، کيس هٿ کان وٺي اٿاريائين کيس ڳلي سان لڳايائين سڄي هٿ شرم وچان سندس جهڪيل چهرو مٿي ڪيائين ته صاحبه ايترو ويجهو کان ممتاز جو مُنهن ڏسي اکيون وري جهڪائي ڇڏيون. ممتاز کن پلڪ ۾ سندس ٻئي اکيون ڪنهن صحيفي وانگر چُمي ورتون ۽ هڪڙو جملو چئي تيزيءَ سان نلڪي واري ڪوٺي مان نڪري ويو ته،
    ”مان امڙ سان ڳالهه ڪڍان ٿو تنهنجي سڱ لاءِ سِر جي بازي لڳائيندس پوءِ کٽن ڀاڳ.“
    خيران ۽ زينت هيون ته مائيتيون ڀينر پر ٻارن جي ڳالهه تان پاڻ ۾ گهٽ ٺهنديون هيون، هونئن به گهاٽي چڻ ٿيندي آ ٻنهي جا گهر گڏ هئا ڪوٺيون ته الڳ هيون پر اڱڻ مليل هئا. نلڪو به ٻنهي گهرن جو ساڳيو هو، اُن جو سبب ٻنهي جا مڙس سڳا سئوٽ هئا، سو ابن ڏاڏان کان گهر گڏيل هئن.
    ميرو زينت جو اڪيلو پٽ هئو کيس ٻه ڌيئر هيون ۽ خيران کي وري ٻه پٽ هڪ ڌيءُ هئي. خيران ۽ زينت جو جهيڙو ميروءَ سبب ٻئين ٽين ڏينهن پيو ٿيندو هو. ٻلن ڏي اڇلايل پادر جي خيران جي گهر ڪريو يا ڪبوترن لاءِ اڇلايل ڀتر ته پوءِ ٻائيتال شروع وري جي ٻنهي جي پاسي ڪنهن جو ٿانون ڌوئڻ وارو پاڻي اٿلي آيو ته به مسئلو، جهيڙي جي چڻنگ وسامندي نه هئي رکي رکي ڀڙڪو کائيندي هئي.
    اصل ۾ دليون اُن تان به ڪسريون جو خيران، زينت کان پنهنجي مُنهن ممتاز لاءِ صاحبه جو سڱ گهريو هو جنهن جي سڌ ٻنهي ڀينرن کان سواءِ ڪنهن کي ڪانه هئي، ان ڳالهه تي زينت هائو به ڪئي پر پنهنجي ڏيرياڻي هدايت جي ڪنن ڀرڻ تي ميرؤ لاءِ خيران جي ڌيءُ حميده جو سڱ گهريو هئائين. جنهن خيران کي چيڙائي وڌو هو. هدايت چالاڪ عورت هئي هن جو ڪم تي ٻن ڌرين ۾ ڏڦيڙ وجهڻ هو پڪو سمجهايائين ته سڱ ڏئي تون پٽ جي دشمن نه ٿجانءِ تون ڌيءُ ڪڍي ڏين توکي ڪير مفت ۾ سڱ ڏيندو سو زينت اُن ڏينهن کان پوءِ اکيون ڦيرائي ڇڏيون ممتاز ان قصي کان بي خبر خيران سان صاحبه سان ڪيل واعدي مطابق اچي ڳالهه ڪڍي خيران ڄڻ ڀري ويٺي هئي، شروع ٿي وئي،
    ”ابا! صاحبه مان ڄائي کان پنهنجي ڪئي هئي مون کي ڇوڪري وڻيل آ اِن ڪري پر سال زينت سان ڳالهه به چوريم پر هدايت جي چوڻ ۾ اچي ميرؤ جي اڙ ڏئي بيهي رهي ته بدلي ۾ حميده جو سڱ ڏي سو ته اک سان ڇوڏو ٻڌي ڇڏي. مان مڙي به وڃان پڻهين کي ڇورو زهر لڳندو آ سو مور نه ڏيندو. ڇورو آهي ڀي اَڻ سڌريل ماڻهوءَ جي ڪا ڌپ ئي ڪونهيس وتي ٿو سڄو ڏينهن ڪبوترن ۽ ڪڪڙن جي ڪڍ ڊُڪندو، نه ڌنڌو نه روزگار سڄو ڏينهن ٻلن کي پيو ٿو ڀڄائي، گار جي ڳهي ٿي پئيس. اهڙو ڳالهائيندو ته ڪاني پيو ساڙيندو، ڏنڊو ٿيو آ پر زينت لاءِ سال جو ٻار آ، بُسريون کارائي تُنبو ڪيو اٿائينس. چڱائي پُٽ کي نه چوندي ڇوري کي هٿ سان اڌاريو اٿائين. ڪنهن کي تتيون هن جو ميرؤ کي ڪو سڱ ڏيندو، باقي توکي ڀلي ڪنوار پرڻائيندس ڪو ملڪ کٽو آ ڇا؟“
    ممتاز ماءُ جون اهڙيون ڳالهيون ٻڌي دنگ رهجي ويو وري به همت ڪري چيائينس ”امڙ وري به مُئي مٽيءَ جي نشاني اٿئي.“
    ”نه ڙي ابا اهڙي رت گهوري ڀلي، ڀيڻ جي آ پر خير جي ٻني تي جيڪا آهي، سا به تون ڏسين ٿو جو اها لاڳ ڇوري کي نه ڏي ها، ماءُ جي ٽيڪ نه هجيس ها ته ڇورو سُڌري پوي ها پو ڪاڏي وڃان هان مان.“ خيران جون ڳالهائيندي ڳچيءَ جون رڳون سيٽجي ۽ منهن ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو هو. ممتاز چپ ٿي ويو ڪُڇي جهڙي ڀت.
    اڄ گهر ۾ وري ميروءَ تان وڏو ممڻ متو هو، ٻلي کي چڱو ڀينڊ هنيائين. سڌو خيران جي ڪنيءَ ۾ ڍڪ مٿان زور سان لڳو جنهن تي ڍڪ پاسيرو ٿي ويو. رڌجندڙ دال ۾ وڃي ڀينڊ ڪريو، دال به کائڻ کان وئي، تنهن تي خيران ست سُريون ٻڌايون ته زينت به گهٽ ڪونه ڪئي ممتاز وچ ۾ پئجي ماٺ ته ڪرائيَن، پر زينت کي پٽ جي سُڌاري لاءِ شادي ئي علاج نظر آئي، سوچ ۾ پئجي وئي. رات جو گڏ ستل مڙس غلام سرور کي چيائين ته خانوءَ صاحبه جو سڱ گهريو آهي، پنهنجي ڌيءَ بختاور ميروءَ لاءِ ڏئي ٿو. هوڏانهن صاحبه ۽ ممتاز جي گهر جي جهڳڙي تان ننڊ ڦٽل هئي، ٻنهي اڱڻ ۾ رکيل پنهنجن پنهنجن کٽن تي پاسا پئي ورايا. زينت جي ڳالهه چورڻ تي غلام سرور جواب ۾ پڇيس ته
    ”صاحبه جي مرضي به پڇ، خانُو عمر جو چڱو خاصو چڙهيل آهي.“ تنهن تي زينت وراڻيو ته،
    ”ميرو نه سُڌرندو جيسين ڪن ٽوپڻي نه لڳندس، شادي کان پوءِ ئي ڪبوترن ۽ ڪڪڙن کان ڌيان هٽائيندو، توسان دڪان تي ويهندو. زال لڳندس ته ڪمائڻ لاءِ دل چوندس هاڻي آ ڇڙو ڇانڊ کائي اوڳرائي ڏئي کُڏِ تي بيٺو آ. باقي خانو وڏو آهي، اِهو سوچي مان چپ هيس سال ڏيڍ کان چورايو هو خانوءَ پر جي اِهو ٿا ڏسئون ته ڇورو وڃي ٿو هٿن مان نڪرندو، هونئن به تون مون کان ڪيڏو وڏو آن؟ ڪڇ ۾ کڻي کيڏايو اٿئي مون کي، پوءِ اسان به ته ٺهيل آهيون نه!؟“ غلام سرور هونئن ئي زينت جي مرضيءَ پٺيان هلندو هو، تنهن چيس ته
    ”جيڪا تنهنجي مرضي ڀلي ڇوڪر به اٿار ڇوڪرو به سڪارتو ڪر.“
    ممتاز صاحبه جي کٽ تي سنهڙو پٿر اڇلايو ته صاحبه نم مان ڪرندڙ نموري جو کڙڪو سمجهيو پر ڪَر کڻي ڏٺائين ته ممتاز پنهنجي اڱڻ مان نلڪي جي طرف ويندي کيس اشارو ڪيو. ٿڌڙي هير گهلي رهي هئي چانڊوڪي رات، سانت جي رات ۾ اڱڻ تي بيٺل وڏي نِم مان رکي رکي ڪِرندڙ نمورين جي آواز جو کڙڪو پئي ٿيو، جنهن جي ٿڌي ڇانو هيٺيان هڪ صندل رکيل هوندو هو. صاحبه پير پير ۾ ڏئي نلڪي واري ڪوٺي اندر بيٺل ممتاز جي ڀرسان اچي بيٺي، صاحبه جي خوف وچان دل سيني مان ڄڻ ته نڪتي نڪتي پئي آئي، ايڏو ڌڙڪو وڌي ويو هيس خوف کان نڙي خشڪ ۽ زهر جهڙي ٿي وئي هئس.
    ”ڇو سڏيو اٿئي ڪوئي اٿي نه پئي.“
    ”بس ٿورو ويهه ته، گهر وارن جون اِهي حالتون ڏسي دل مايوس ٿي وئي آ. ٻنهي ڀينرن جي جهيڙي ۾ اسان آزار ۾ ڦاسي ويا آهيون، تون ئي صلاح ڏي ته ڇا ڪيون؟“
    ”مان ڇا ٿي چئي سگهان، وڏن جا مسئلا آهن، پر مان امان سان سڀاڻي ڳالهه ڪڍندس. ٿئي ته لڄ ٿي پر مان توکان سواءِ ڪنهن جو نٿي سوچي سگهان.“
    ”مان به ته اِهو ئي ٿو چاهيان تون پاڻ ڳالهاءِ.“ ممتاز کي ٿوري اميد نظر آئي.
    ”پر مان ڇوڪري آهيان ڪيئنءَ چوان؟ هينئر ته چوان ٿي هنيانءِ جي باهه کان، پر امڙ جي سامهون آواز ڪيئنءَ نڪرند؟“
    ”همت ڪر نه ته رُلي وينداسين.“ ممتاز صاحبه کي همٿايو
    ”ڏسان ٿي سڀاڻي، تون الله تي رک.“
    ”بس الله کي ئي پارت آ باقي ڪي به پار نظر نٿا اچن.“ ممتاز کيس ڳلي سان لڳايو ته صاحبه کان ڌرڙي نڪري وئي ۽ گڏوگڏ ڊگهو ٿڌو ساهه کنيائين. ممتاز کيس ائينءَ محسوس ڪرڻ لڳو ڄڻ صاحبه ڪنهن معصوم پر ڏکويل ٻار وانگر بيوسيءَ جي مورت پر پاڪ پوتر ڪا حور هجي،
    ”ممتاز!“
    ”جي.....“
    ”حميده جو سڱ ميروءَ کي ڏيڻ جي ڪيو، ته امان مڃي ويندي.“
    ”مان ها ڪيان ته ڇا ٿيندو!؟ ڌيءَ امڙ جي آ سا نه ڏيندي. ڪالهه ڳالهه ڪڍيم امان سان صفا نه ٿي مڃي.“ صاحبه جي اکين مان ڪوسا ڪوسا ڳوڙها ڳڙي پيا
    ”چري روئين ڇو ٿي؟“
    ”روئان نه ته ڇا ڪيان؟ مان تنهنجي آهيان ممتاز.“
    ”رک الله تي مالڪ سڻائي ڪندو.“ ممتاز دلجاءِ ڏنس چڱو مان وڃان ٿي ڪير اچي نه وڃي. صاحبه زور سا پڪڙيل ٻئي هٿ ممتاز کان مشڪل سان ڇڏايا پر هٿ ڇڏجي ويا ڇهاءُ هميشه لاءِ سندس هٿن ۾ رهجي ويو.
    صاحبه، ڪڪڙن جي وڙهڻ تي خيالن مان نڪري آئي جيئن ڪو تارو پاڻيءَ ۾ ٽُٻيءَ کان پوءِ ٻاهر نڪري اچي. ڪڪڙ ڇڏائي مريم جو ڪڪڙ سندس ڇن تي اڇلائي هڪل ڪيائين ته ’مريم ڪڪڙ هٿيڪو ڪر منهنجي ڪڪڙ سان وڙهي ٿو ٻڌي ڇڏيس روز هيڏو ڀڳو بيٺو آ.‘ وري اچي کٽ تي ويٺي سوئيل ڏانڊيون ۽ ڊڀ گاهه جا تيلا جيڪي پالڪ مان نڪتا هئا، ڪڪڙ کي پاسائتا ڪري اُڇلي ڏنائين، ڪڪڙ اُن گاهه کي ٺونگا هڻي پير تڪڙا زمين تي هڻي ڪڪِڙِ کي سڏڻ لڳو، جيڪا رسيءَ سان ٻڌل هئي، صاحبه ڪڪڙ کي به کولي ڇڏيو. ايتريءَ ۾ ڪوٺي ۾ کٽ تي چوني رليءَ تي ستل اختر جي روئڻ جو آواز ڪن پيس. ڊوڙي وڃي اختر کي ٿپڪيون هڻندي پاسيري ٿي ٿڃ پيارڻ لڳي. اختر اٺن مهينن جو هو صاحبه جي جيئڻ جو سبب ممتاز سان گڏ اختر به هو، جيڪو سندس جگر جو ٽڪرو آهي. اختر ٿڃ پيئڻ کان پوءِ به رُنو پئي ته ٻاهرين کٽ ۾ ٻڌل ڪپڙي جي لوڏ ۾ وجهي هڪ پير سان کيس لوڏڻ لڳي ۽ ٿوري بچيل پالڪ سوئڻ لڳي. ماني پچائي پوري ڪري خانوءَ جو انتظار ڪرڻ لاءِ کٽ تي اچي ويٺي، کٽ تي اُس آئي ته ڀِت جي پاڇي ۾ سوري ويٺي. ماني کائڻ لاءِ اڳيان رکيائين پر بک جو احساس ئي محسوس نه ٿيس عادت موجب ٻه گرهه کائي وري پاٽ هيٺان ماني ڍڪي کٽ تي ئي رکي ڇڏيائين.
    وري خيالن ۾ گم ٿي وئي جهيڙي جي ٻئي ڏينهن ئي زينت، خانوءَ کي نياپو ڪرايو ته مائٽي پڪي ڪري. هدايت خوش ٿي وچ ۾ پئي پنهنجي مڙس هٿان خانوءَ کي گهرايائين ۽ مائٽي جو چوَرايائين. سنڱ پڪو ٿيڻ کان اڳ ۾ صاحبه سان ماءُ ڳالهه ڪڍي، صاحبه روئي کيس چيو ته
    ”مان نه ڪندس شادي.“ پر زينت رهڙ ڏنس ته
    ”ڌيئر ڪُڇنديون ڪونهن، ابي امان جي عزت رکنديون آهن، نياڻين جي چپن تي سچي سانئڻ جي مهر لڳل هوندي آ. تون منهنجو ڪنڌ نه جهڪاءِ ڀاءُ جو سوچ پيءُ جي پٽڪي ڏي ڏس.“
    صاحبه اندر ۾ وڍجي وئي پر ڪُڇي نه سگهي شادي طئي ٿي وئي اُها خبر ممتاز کي پئي ته بيوس سڄي رات بخار ۾ ٻرندو رهيو صبح جو پڻهس ڊاڪٽر ڏي شهر وٺي ويس اتي ئي دوست وٽ ڇڏي آيس. ممتاز جي دل به گهر ڏي اچڻ لاءِ ڪونه ٿي ڪڍيو سو ڪجهه ڏينهن علاج جي بهاني اتي ٽڪي پيو. هيڏانهن زينت جو خانوءَ کي چوڻ جي دير هئي شاديءَ لاءِ تٿ ٻڌجي وئي. چنڊ جي چوڏهين تاريخ مقرر ٿي پورن ويهن ڏينهن کان پوءِ شادي ڪئي وئي صاحبه ماني کائڻ ڇڏي ڏني. ڪمزور ٿي وئي زوريءَ ماڻهس ٻه گرهه کارائيس ته ٺيڪ نه ته سڄو ڏينهن گهر جي ڪم ۾ کلڻ ڳالهائڻ وسري ويس. هيڏانهن ممتاز جي پيءُ اُن جي دوست کي چئي ڇڏيو ته اِتي ڪنهن دڪان تي بيهاريس، جيستائين نوڪري مليس ڳوٺ اچڻ نه ڏيس. ممتاز به سمجهي چڪو هو ڳوٺ جو سوچي کيس هنياءَ ۾ وڍ پوڻ ٿي لڳا ائينءَ شادي جو ڏينهن به اچي ويو صاحبه جا اِهي سڀ ڏينهن اهڙا گذاريا جهڙا ڄڻ ٽانڊن تي پير هجنس ڳري وئي رونق ئي منهن مان ڇڏائي ويس، رنگ ڪاراٽجي ويس شادي جي قيامت جهڙي رات به گذري ساڳي رات ميرو به پرڻيو.
    صاحبه خانوءَ جي گهر ۾ پرڻجي ته آئي هئي پر زندهه لاش وانگر هئي، هڪ هڪ پير مڻ جهڙو وزني ڄڻ گهلجي هلي رهي هئي.
    خانو صبح سان ئي رعب سان حڪم سان گهر جا ڪم ڪار چوڻ لڳو پر صاحبه دل ئي دل ۾ پاڻ کي غلام تصور ڪري چڪي هئي. خانوءَ جي آواز هن جو هنياءُ ٿي ڪڍيو پر صاحبه جيءُ جيءُ ڪري سڀ ڪم ٿي ڪيا.
    ميرو ۽ بختاور بيحد خوش هئا ميرو ڪبوترن جو شوق گهٽائي ڇڏيو هو ان وچ ۾ ممتاز کي شگر مل ۾ نوڪري ملي چڪي هئي صاحبه کي پٽ ڄائو هو، سڄي عرصي ۾ صاحبه ممتاز سان هڪ دفعو ٻه ٽي گهڙيون ملي هئي.
    هڪ دفعي صاحبه ماءُ وٽ رهيل هئي ته ممتاز آيو هو صاحبه دير رات جو در کي کلندي ڏٺو ته سڀني کي ستل ڏسي ممتاز ڏي هلي آئي، ممتاز اڃان اڱڻ ۾ ئي هو، شاديءَ کان پوءِ جڏهن نئين ڪنوار هئي ممتاز ڪاوڙ ۽ ميار ۾ کيس ڏٺو صاحبه ٻانهن ۾ هٿ وڌس ته ٻانهن ڇڏائي هن کان پري ٿيڻ لڳو تڏهن صاحبه ٻانهون ٻڌي ڀت جي اوٽ بيهاريو پر ممتاز نلڪي ڏانهن وٺي اچي ڇوهه ڇنڊيا. ”ڇا ٿي چوين؟“
    ”مان چوڻ واري ڪير ٿيندي آهيان؟ تون مون تي ٿو ڪاوڙ ڪرين؟“
    ”ته ڪنهن تي ڪيان؟“
    ”منهنجي امڙ هڪ نه ٻڌي جي توهان سچا ٿيو ها ته حميده جو سڱ ڪيو ها.“صاحبه ميار ڏني.
    ”حميده جو سڱ منهنجي وس ۾ نه هو“ ممتاز ڪاوڙ ۾ چيو.
    ”ته منهنجي وس ۾ منهنجي مرضي به نه هئي پوءِ ڪاوڙ ڇو؟“ صاحبه جو گلو روئڻ هارڪي آواز ۾ ڄڻ رهڙبو ويو.
    ”ٺيڪ آ جيڪو تو کان پڳو جيڪو امان کان پڳو. تو به ته شاديءَ کان انڪار نه ڪيو هاڻي ٻڌاءِ ڇا ٿي چاهين؟“
    ”مان فقط توکي ٿي چاهيان مان اڄ به تنهنجي آهيان، اٿئي دل ته شهر وٺي هل ڪو وڪيل ڪر ته، هن عذاب مان جان ڇٽي.“ صاحبه دل جي ڳالهه ڪئي.
    ”وڪيل؟“
    ”ها طلاق لاءِ...“ صاحبه پهرين دفعو پختي آواز ۽ پڪي ارادي واري لهجي سان ڳالهايو.
    ”ٺيڪ آ مهلت ڏي هيءَ سيزن ڪمند جي گذري پئسو به ٿئي واند ڪائي به.“
    ”مان انتظار ڪندس.“
    ٻئي ان وعدي کان پوءِ اڄ ملڻ وارا هئا هاڻي انهن ڪجهه مهينن ۾ خيران ۽ زينت به ٺهي ويون هيون. حالتون ڪجهه بدلجي چڪيون هيون.
    خانوءَ در کوليو ته صاحبه ماضيءَ جي يادن مان نڪري آئي خانوءَ ماني کائي ننڊ لاءِ آهلي پيو ته شام جي ڇهين وڳين تائين صاحبه ۽ خانو زينت جي گهر پهچي ويا زينت ڌيءَ ۽ ڏهٽي کي ڏسي ٺري پئي ٻهه ٻهه ڪري ٻهڪڻ لڳي. مان صدقو مان ٺران چوندي اختر کي چنبڙي وئي.
    بختاور پيءُ کي ڏسي خوش ٿي ان سان ملي، گهر ۾ رونق ٿي وئي صاحبه جي ننڍي ڀيڻ زيبي به هاڻي سانجهڻ ۾ هٿ وجهڻ لڳي هئي، ٻنهي زيبي ۽ بختاور ماني تيار ڪري ورتي. تيسين صاحبه وڃي مينهن جي نئين ڄاول وڇ ڏٺي جيڪا سُود ماءُ جهڙي هئي، مٿي تي اڇي ٽڪ جو نشان.
    زيبي خانوءَ ۽ صاحبه کي کائڻ لاءِ کڙ ڏني، ماني تيار ٿي ته ماني کائڻ کان پوءِ اڌ ڪلاڪ ڪچهري ڪيائون پوءِ خانو موڪلائي ويو.
    صاحبه جو ساهه مٺ ۾ هئو ماسهنس خيران به ملڻ آئي هيس. ممتاز جو انتظار صاحبه جي اندر ۾ ڪنڊي جيان چڀي رهيو هو، سڀ گهر ڀاتي وڃي ستا ٻنهي گهرن جا، پر صاحبه جون اکيون پٽيل هيون کٽ جي پيرن ڏي مٿو ڪري ستي ته جيئن ٻاهرين در کي کلندي ڏسي ته ممتاز سان وڃي ملي. ممتاز صاحبه جي شاديءَ کان پوءِ شهر مان ايندو به هو ته رات جو گهر ڏي دير سان موٽندو هو، عادت موجب اڄ به دير ڪئي هئائين. صاحبه جون ديدون در ۾ هيون.
    گهر جو ٻاهريون در کلندي ڏسي صاحبه جي لڱن ۾ ساهه پئجي ويو پر اندر ۾ خوف کٽ تان آهستي لٿي ۽ پير پير ۾ ڏئي پٽ تي چپل کان سواءِ پيرين اگهاڙي هلي آئي، ممتاز در کولي ٻه ٽي وکون آيو ته هيءَ به نظر آيس اتي ئي رڪجي ويو صاحبه نلڪي ڏي وڃڻ لاءِ اشارو ڪيس، ٻئي نلڪي تي پهتا. ممتاز زور سان ڀاڪر پاتس. صاحبه سواليه نظرن سان ڏٺو ممتاز سمجهي ويو.
    ”پروگرام پڪو آ چئين وڳي هتان نڪرون ٿا هاڻي هڪ وڳو آ ٻاهرين روڊ تي دوست گاڏي جهلي بيٺو هوندو، پو جوڳي نه ڪنهن جا مِٽ وڪيل به ڀلو ڪنداسي.“
    صاحبه ٿڌو ساهه کنيو،
    ”ٿڌا ساهه ته نه کڻ، ڏک ٿيندو اٿم.“ ممتاز ڏکاري انداز ۾ چيو.
    ”توکي ڪهڙي خبر ته ڪيئنءَ گذاريو اٿم؟“ صاحبه ڏک وچان چيو.
    ”بس هاڻي ڏک ختم ٿيڻ وارا آهن.“
    صاحبه کي ائينءَ چوندي ممتاز سندس چهرو ٻنهي هٿن ۾ جهليو. صاحبه کي ائين لڳو ڄڻ هوءَ منزل مقصود تي ڀڄي وئي سندس اندر جا سُور ٺرڻ لڳس..... ايتري ۾ آواز..... ڪنهن جي پيرن جو آواز ويجهو ٿيندو ويو پئي، ڇڄي ڌار ٿي پري پري ٿي بيٺا، سندن دلين ۾ خوف ۽ هيبت ويهجي وئي.... ايتري ۾ بختاور مٿان اچي بيٺي..... هنن کي گڏ ڏسي بختاور جا تارا پٽجي ويا وات پٽي وات تي هٿ ڏنائين.
    ”گهوڙاڙي هي ڇا ٿي ڪرين؟“ صاحبه بختاور جي پيرن تي ڪري پئي
    ”مان اتفاق سان نلڪي تي هلي آيس هي ته هاڻي ٻاهران آيو آ....“
    ”ڪوڙ نه هڻ صابي تون ناهين، منهنجي ماءُ! مان توکي هيڏي ايندو ڏٺو ممتاز سان ملندي ڏٺو مان سڄو لقاءُ ڏٺو اٿم، اتفاق سان منهنجي اک کلي وئي. تنهنجو فيصلو صبح ڪي سج ۾ ٿيندو...“.
    ممتاز خاموش نڪري وڃي کٽ تي سمهيو وري ساڳي صاحبه جي شاديءَ جهڙي برباديءَ واري قيامت جهڙي رات هئي....
    صاحبه بختاور کي ايلاز ڪيا ته هن مهل خاموش ٿي وڃي ڪنهن کي ننڊ مان نه اٿاري بختاور صاحبه جي اها ڳالهه مڃي وئي پر کيس طعنا مهڻا خوب ڏنائين پر سنهي آواز ۾ پوءِ ٻئي پنهنجن کٽن تي وڃي سمهيون. بختاور ته ننڊ ڪئي پر صاحبه ڄڻ ٽانڊن تي رات گذاري ممتاز جو به ساڳيو حال هو، کيس تپ نڪري پيو هو، پر صبر ۾ ستل ئي رهيو ستو ته ڏسڻ ۾ پيو هو پر دماغ تي غنودگي طاري هيس. مٿو لوندڙين کان ڦاٽس ٿي پوئين پهر ننڊ وٺي ويس پر لڱ تيپل ئي هيس. بختاور صبح جو جيئن ئي اٿي ته سس کي جيڪا مينهن جو گاهه ڪونر ۾ ٺاهي ڪٽي مٿان پئي ٻرڪيائين وڃي مٿان بيٺس ۽ جڏهن ڳالهه ڪري بس ڪيائين ته زينت چنبو وهائي ڪڍيس بختاور جا ڪلواڙا ڦري ويا هن ڪونه ٿي جاتو ته زينت کي ايڏي ڪاوڙ لڳندي.
    پوءِ ته بختاور رڙيون ڪري رني به گاريون به ڏنائين ميرو به اٿي پيو غلام سرور سوير ئي دڪان تي نڪري ويو هو. صاحبه جيڪا جاڳيل ئي هئي خوف ۾ اٿي ويهي رهي زينت سڌي ڌيءُ ڏي آئي. ڌيءُ ڏي ڏٺائين ته ڌيءُ خاموش، ان صاحبه خاموشيءَ ۾ به هن کي بي گناهي نظر آئي ڌيءُ تي پهريون دفعو کيس ڏاڍو پيار آيو، جڏهن ته پنهنجي ڪيل فيصلي تي پهريون دفعو کيس پڇتاءُ محسوس ٿيو.
    پر بختاور ۽ سندس سس وچ ۾ وڏو جهيڙو ٿيو، ميرو اندر ۾ زال جي طرف هيو پر ماءُ جي ڪري مٿان خاموش هو، بختاور برقعو پائي گهر مان نڪرڻ لڳي ته ميرو به پٺيان ويس وڃي خانوءَ جي گهر پهتا. خانو ٻنهي کي ڏسي هڪو ٻڪو ٿي ويو ڌيءُ کي روئيندو ڏسي اکيون ويتر ٻاهر نڪري آيس ۽ اکين جي ڳاڙهاڻ وڌي وئي. خانوءَ سمجهيو ته ميرو ڪو بختاور کي ماريو آ، هڪل ڪري ميرو کي ڌڪو ڏنائين ته بختاور پيءُ کي چنبڙي وئي
    ”نه بابا هي بي ڏوهي آ، سڄو ڏوهه تو واري زال جو آ.“ خانو حيرت ۽ ڪاوڙ ۾ بيهي رهيو. بختاور سڄو قصو ڪري ٻڌايو ته خانوءَ چيو ڪاريءَ جو سِر کڻندس فيصلو اِتي ٿيندو هلو مونسان ٽيئي گڏ، ٽئي اچي زينت جي گهر پهتا. غلام سرور کي به زينت دڪان تان گهرايو هو، خيران به اچي بيٺي، خبر ٻڌندي ئي ممتاز ڏي ڀڳي ممتاز جيڪو بخار ۾ تپيل هو. خيران چوي ته منهنجو پٽ بخار ۾ تپيل آ بختاور ڪوڙو الزام ٿي هڻي.
    زينت چوي ته ’منهنجي ڌيءُ اڇي آ، بختاور الزام ٿي هڻي ته جيئن صاحبه جو در بند ڪيان‘ بختاور پيءُ کي اِهو به ٻڌايو ته زينت چيو آ ته ’خانو ڪو لائق هو ڇا صابيءَ جي‘ جنهن تي اڃا به وڏو ممڻ متو. هڪ اڌ پاڙي واريون به پهچي ويون، سڀني بختاور کي گهٽ وڌ ڳالهايو. خانو چئي ’ڪاري آ‘ سڀ چون ته ’صابي شريف ڇوڪري آ ممتاز به اخلاق وارو ڇوڪرو آ‘ پر خانوءَ چيو ته بابا هي اسان جي گهر جو مسئلو آ ٻاهريان نه ڳالهائيندا پاڙيواريون چار پنج مايون نڪري ويون. خانوءَ رڙ ڪري چيو
    ”مان زال ماريندس نه ته مون کي ثابتي ڏيو.“ صابي اهڙي ڪڇي جهڙي ڀت،
    ”ڪهڙي ثابتي وٺندين؟“ زينت رڙ ڪئي
    ”جي صابي اڇي آ ته ممتاز کي صابي جي ٿڃ پياريو، صابيءَ جي پوءِ ڳالهه ثابت ٿيندي ته ٻئي پاڪ آهن، جي نه ته صابي ته ڪاري ٿي مرندي پر ٻيو سڱ به چٽي آ توهان تي.“ زينت چيو
    ”ٺيڪ آ منهنجي ڌيءُ اڇي هئي اڇي آهي، تو جهڙي جي ڌيءَ واتيريءَ وات هنيون سو ٿي پيو ڇا؟ توهان کي منهن جو موچڙو اهو به هڻنداسي. “
    ايڏي گوڙ تي تيستائين خيران ممتاز کي به وٺي اچي کٽ تي ويهاريو،
    ”اٿو غيرت ته ڏسو، منهنجو ٻچو رات کان بخار ۾ ٿو ٻري، توهان اِهي شُنيديون ٿا ڏيو خدا جي ڪا مار پويو، الله کان ڊڄو ننڍا ٿي وڏا هڪ گهر ۾ ٿيا، ڪجهه نه هو. اڄ هيءَ سيد جي ڌيءُ اچي هيڏا الزام هڻي ويٺي آ، مڇيءَ جو پاڻي به نه هاري ها، زينت خانو تي. هي ته قسمت هيس جو ههڙي ٻانهن هن گهر مان ڪڍي ويو.“
    ”ته پوءِ ڪيو نه اڇي ڳالهه، پيئي ٿڃ، تنهنجو جي اڇو آ ته!؟“
    زينت ڀرسان واري ڪوٺيءَ ۾ صاحبه کي وٺي وئي صاحبه گِهلجي هلندي وئي. زينت جهٽ ۾ وٽي ۾ هڪ ڍُڪ جيتري ٿڃ کڻي آئي، خيران يڪدم زينت کان وٽو ورتو، وٽو کڻي ممتاز جي وات تي چاڙهيئين. ممتاز اڌ مئو ڄڻ مڙئي هوش ۾ ويٺو هو، ماءُ ڄڻ ننڍڙي هوندي ڪوڙي دوا وانگر وٽو وات ۾ چاڙهي اوتيو ته ممتاز کان ته رڙ ئي نڪري وئي. پر خانوءَ به طنزيه ٽهڪ ڏيندي چيو،
    ”هاڻي سڀ حقيقت پڌري ٿيندي.“ خيران منٿ ڪندي پُٽ کي چيو،
    ”ابا منهنجي ٿڃ جو قسم ٿئي پي ڏيکار.“ ممتاز کير کي ڳيت ڏيندي محسوس ڪيو ته ڍُڪ، پگهريل شيهي جيان نڙي ساڙيندو اندر ۾ لهي ويس. ممتاز ساڻو ٿي ڪِري پيو، خيران کان دانهن نِڪري وئي،
    ”اڙي منهنجو بخار ۾ ٻري ٿو صفا.“ ڊاڪٽر ڏي کڻائي وڃوس.
    صابي اڌ مئي ٿي کٽ تي ڪري پئي. جيئري ئي ڄڻ مري وئي.
    ممتاز کي ڊاڪٽر ڏانهن کڻائي ويا، ڊاڪٽر ممتاز کي ڏٺو پر اِهو ئي چيائين،
    ”مريض ته دماغي طور ننڍڙي ٻار جيترو ٿي چڪو آ، کيس چرين جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو.“ خيران جون هيٺيون هيٺ مٿيون مٿي رهجي ويون. جڏهن ممتاز کي هوش آيو ته چرين وانگر ٽهڪ ڏيندو اِهو چوندو ٻاهر نڪتو،
    ”ٻاهرين روڊ تي دوست گاڏي جهلي بيٺو آ، مان وڃان ٿو، صابي ته نه آئي....“
    خيران ويتر جو اهڙا جملا ٻُڌا ته هٿ کڻي وات تي رکيائين،
    ”اَئي گهوڙا، مونکان هي ڪهڙو قهر ٿي ويو.“ خيران رانڀاٽ ڪري روئڻ چاهيو پر ممتاز جي ٽهڪن ۾ سڀڪجهه گُم ٿي ويو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو