ليلائيندڙ زندگي....!

'ڪهاڻيون' فورم ۾ مير سردار چنڙ طرفان آندل موضوعَ ‏1 نومبر 2018۔

  1. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    59
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    178
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    ڪهاڻي
    عين سحر

    روزانو ساڳئي بس ۾ سفر..... ساڳيو سفر ساڳيو معمول... سفر دوران معمولي ۽ غير معمولي واقعا.....
    بس ۾ چڙهڻ کان لهڻ تائين جو سمورو وقت عجيب سوچ ۽ خيال ۾ ..! زندگيءَ جيان هلندڙ بس، پنهنجي رفتار سان هلندڙ.... ڪنهن تحرير جيان ڪامان ڪولون، ٿوري ساهي اڌ دم سان رڙهندڙ .... ڪٿي به ته فل اسٽاپ نه ...!
    بس جي سيٽ تي ويهڻ، پنهنجي ئي ڪنهن خيال ۾ گُم... بس جا زوڪاٽ به ڄڻ ٻڌڻ ۾ نه اچن ... اکيون الائي ڪهڙي خواب ۾ اٽڪيل....جنهنڪري ماڻهن جي تِکي گُهور به ڄڻ وسريو وڃي دنيا جهان کان بي خبر پنهنجي ئي دنيا ۾ مگن.....
    اوچتو بس جو بريڪ... خيالن جو سمورو جهان ٽُٽي پوڻ ...اکيون ڄڻ کُلي پون ڪَن ڄڻ ٻُڌڻ لڳن...
    هڪ نِهار اُن تِکي گُهور ڏانهن جيڪا مسلسل کيس تَڪي رهي آهي ... آهستي آهستي نظر ڦيرائڻ، بس ۾ ويٺلن جو جائزو وٺڻ... هڪ ئي نه پر ڪيئي نظرون کيس گُهوريندڙ.... ڄڻ ڪو عجوبو هجي هوءَ... نِهارڻ تي گُهوريندڙ نظرون ويتر تِکيون ڄڻ ته اڪيلي عورت کي کائي وينديون...!
    هي ڪهڙا ماڻهو آهن؟ هي ڪهڙيون نظرون آهن، پنهنجي ئي تَر ۾ هي بگهڙن واريون نظرون... اُف خدايا....!
    زائفان ذات هِنن نه ڏٺي آ ڇا؟ سندن گهرن ۾ به ته عورتون آهن...
    امڙ به ته عورت آهي ... ڀيڻ به ته عورت آهي ........ پوءِ اهڙيون تِکيون گُهوريندڙ نظرون ڇا لاءِ...!؟
    ڪاسائي واري نظر ڇو.....؟
    عورت کي بس ڪنهن هڪ نگاهه سان ئي ڇو ٿو ڏٺو وڃي..؟ هڪ سوچ سندس ذهن ۾... دل چويس ٿي ته جيڪر کين ٻڌائي ته عورت ... سندن ماءُ به ته آهي... عورت اُها هستي آهي جنهن کين به ته جنم ڏنو آهي... عورت رچناڪار به ته آهي هڪ تخليقڪار به ته آهي... پوءِ ڇو اُهي نظرون کيس تڪي توري رهيون آهن...! هڪ عورت جيڪا ڪنهن مجبوريءَ تحت گهران نڪري ٿي... پنهنجي نوڪري لاءِ ... پنهنجي ڳوٺ کان ڪنهن شهر جي اسڪول تائين...
    هُن اڳ ڪڏهن به اِهو اندازو نه لڳايو هو ته سندس تر جا ماڻهو ڪو ايڏا اڻاسا آهن، ايڏا سڪڻا آھن سندن نظر ايڏي اُگهاڙي....!؟ ايڏي تکي آ؟
    بس جو سفر روزانو جيان جاري...روڊ جي آس پاس پوکون ۽ وڻ ٻوٽا گاھ گل .... پاڻيءَ جا دُٻا ننڍيون ننڍيون کَڏون ... پٻڻ ... ڪنول جا گُل پنهنجي خوبصورتين سان اکين کي وڻندڙ .. فطرت سان رچيل...ٻاهر جو هر نظارو پنهنجي رنگ ۾ نوان نوان سنديس ڏيندڙ .. روح جي گهرائين ۾ لهي ويندڙ ... هڪ لمحي لاءِ وري سوچن جو اڻکٽ سلسلو شروع.......!
    ”ڪيڏو اُتساهه بخشين ٿا هي نظارا ... ڪيڏو ويساهه ڏي ٿي هي وڻ راهه.!؟ گهٽ ۾ گهٽ ماڻهن جيان آزارين ته نٿا... نه وري ڪي بيهودا جملا پٿرن جيان اُڇلائين ٿا، بسم الله ......صدقو وڃانء....۽ پوءِ ٿڌا شوڪارا...جيڪي هڪ اڪيلي عورت جي سموري وجود کي سموري هستيءَ کي ڄڻ ڀوريو ڊاهيو ڇڏين... “ چند ڪلوميٽرن جي سفر ۾ هوءَ روزانو الائي ته ڪيترن جملن ۽ فقرن ۾ ٽُٽندي آهي ڪيترن خيالن ۽ سوچن ۾ وکرندي ۽ سمائبي آهي... الائي ته ڪيترين نظرن کان لِڪندي آهي......ڀنڀورين جهڙي دل رکندڙ ۽ پوپٽ جهڙا رنگ ۽ نزاڪتون ساهيندڙ هوءَ چاهيندي آهي ته جيڪر ڇڏي ڏي اُها نوڪري ... ٻئي لمحي وري سندس اکين ۾ ڪيئي ارمان ڪَرَ کڻي بيهندا آهن، ڪيئي مجبوريون.. دل ئي دل ۾ پنهنجي خيال کان ڄڻ نهڪر ڪندي آهي ۽ سوچيندي آهي...
    ” ڪجهه به آهي ڪجهه ئي گهڙين جي هي مسافت ڪجهه ڪلوميٽرن جو هي مفاصلو کيس فطرت سان گڏيندو آهي رنگيندو آهي ... فطرتي نظارن جون نِهارون ۽ مُرڪون کيس ڪا معنى بخشينديون آهن... ڪو بانور ڪرائيندي ڪو احساس ڏيارينديون آهن... ڪجهه لمحن لاءِ سُنسان ۽ ويران گهر کان نجات ڏيارينديون آهن کيس اِها نوڪري... گهر ۾ ويهي رهي ته ٻوساٽجي مري ويندي.“
    بس مان لهندي ڪنهن بدلجندڙ پردي جيان زندگيءِ جو ٻيو رُخ ٻيو ڏيک شروع...شهر جو گوڙ گمسان...ٽرئفڪ .. سوڙها رستا سنهڙيون گهٽيون.....ماڻهن جي پيهه ...اچ وڃ... زوري ڪُلهو هڻڻ جي ڪوشش .....وري سندس ذهن ۾ سوچن جو سلسلو شروع...
    ”ڇا ٿو مِلي ماڻهن کي ايئن ڪرڻ سان...ڪنهن گهٽي ڪنهن رستي تي اڪيلي عورت ڏسندا ته اجايو کيس ڪُلهو هڻي ويندا يا وري سندس پيڇو ڪندا....هڪ لمحي لاءِ به اِهو نه سوچيندا ته سندن گهر جي به ڪا عورت ايئن گهٽي يا رستي تان ايندي ويندي هوندي...“
    سندس ڪنن تي ساڳيو آواز... ’الله الله...الله هي الله‘ اُهو آواز کيس ليلائيندڙ زندگيءَ جو اذيتناڪ آلاپ لڳندو آهي.....گهٽي جي ڪُنڊ کان چونڪ تائين رڙهندڙ جُهور ڪُراڙي عورت... ڪپڙا ليڙون ليڙون...اکين جي جهيڻي نهار ۾ ڪيئي تاريخون ڪيئي اتهاس..چهري جي گُنجن ۾ غربت جون ڪيئي ڪهاڻيون...چيلهه ڀر رڙهندڙ بيوسيءَ واري حالت ۾ پنهنجي هڪ هٿ سان جست جو وڏو پيالو سوريندي ويندي آهي اڳتي، جنهن جو کڙڪندڙ آواز ڄڻ ته زندگيءَ تي چِٿرون ڪندي محسوس ٿيندا اٿس... ڪڏهن ڪڏهن اُها پينو عورت کيس نظر نه ايندي آهي ته نِگاهون کيس هيڏانهن هوڏانهن ڳولهينديون آهن.. سوين سوال سندس اندر ۾ گُمان ۽ انديشا بنجي پوندا آهن...
    ”ڪيڏانهن وئي اڄ... ڪٿي هوندي؟ ڪٿي شديد بيمار ته نه پئجي وئي هوندي ... يا وري ڪنهن گوليءَ جو کاڄ ته نه بڻجي وئي هوندي جيئن ڪجهه ڏينهن اڳ اڻڄاڻ گولين جو کاڄ ڪي نوجوان بنجي ويا هئا...رستي تان ويندڙ راهي ٻه ڀائر... نه ڪو داد ٿيو نه ڪو فرياد.“

    معمول ساڳيو، ساڳيو اسڪول، ساڳيا ٻار، ساڳيون ماستراڻيون... سڀ پنهنجي پنهنجي خيال ۾ سڀ پنهنجي خول ۾ .... عجيب عادتون عجيب انداز.... عجيب ڳالهيون عجيب ٻول...
    ”باجي! هن کي نه پڙهايو... هن جو پيءُ هيروئن پيئندو آهي، ڏسو نه ٿا هن جا ڪپڙا به گدلا ۽ ميرا آهن، چپل به ڪونهين، خرچي به ڪونهين، اسان هن کي پنهنجي ڀرسان ويهڻ نه ڏينداسين، هن سان کيڏنداسين به نه...“ معصوم ٻار حسرت ڀري نهارَ....اکين ۾ ڄڻ پاڻي... هڪ لمحي لاءِ وري دل ئي دل ۾ پنهنجو پاڻ سان ڳالهائڻ،
    ” هي هيڏيون ساريون نفرتون...فرق ۽ ويڇا .. ڪنهن ڀريا آهن ٻارن جي ذهنن ۾، سماج کي ڇا ٿي ويو آهي؟ هي ڪهڙي واٽ جو ڏس آهي؟ هي ننڍڙا پِتڪڙا معصوم ٻار، ڪنهن سندن ذهنن ۾ اِهو گند ڀريو آهي...ڪنهن کين مت ڀيد واري سوچ ڏني آهي؟“
    هڪ ڪلاس جو منظر...ٻار جر تِريءَ تي سزا طور وسندڙ رُول... ٻار جي اکين ۾ لڙڪن سان گڏ عجيب خوف...
    ”ٻار کي به ڪو ماربو آهي ڇا؟ سزا جو هي ڪهڙو طريقو آهي...پنهنجون محروميون ۽ ڪاوڙون ٻار مان ڪڍڻ... اف...!!؟“

    واپسي ... ساڳئي بس... ساڳيو سفر... ساڳيو مفاصلو... الائي ڇو کيس محسوس ٿو ٿئي ته ظاهري مفاصلن کان وڌيڪ ڪو مفاصلو آهي ماڻهو ماڻهو جي وچـ۾... سوچ وچـ۾..... دري کان نظرون ٻاهرين طرف نِهاريندڙ دور دور تائين ڄڻ سانت، پري کان ويندڙ اُٺ.... اُٺن جو قافلو .. ايئن جئين زندگيءَ جو ڪاروان وڏيون وڏيون ٻرانگهون کڻي وڌندڙ...
    بس جو بريڪ سندس ننڍڙي شهر جي چؤنڪ تي جتي ڪو لوهار لوهه کي ڪُٽيندڙ سَٽيندڙ... پويان هلندڙ ڌونڻي ڄڻ ته ليلائيندڙ زندگيءِ جو ڏيک .... اُٺن جي ڪاروان جيان... بس جي رواني جيان..... سنهيون گهٽيون...خاموش ۽ مُئل گهٽيون بي رنگ زندگيءَ جيان جيڪا سندس گهر جي چؤکٽ تي سندس ئي انتظار ۾ بيٺل آهي.....۽ گهر جي چؤکٽ پريان درن ۽ ديوارن وارو بنا ڇانوَ وارو گهر جنهن ۾ رڳو اُساٽ ئي واڪا ڪندي آهي... سوال سوالن مان نڪرندڙ سوال...فقرا... ۽ پوءِ وري هڪ گهاڻو...گهر جو گهاڻو جنهن ۾ اکيون صفا پُوريل زبان ڄڻ ته سِبيل... هڪ لمحي لاءِ ياد ايندڙ پينو فقيرياڻي ...
    زندگيءَ لاءِ ليلائيندڙ ...
    پنهنجي حق لاءِ واجهائيندڙ...
    حق! حق ڪهڙو؟ سُک جو.....سُک جي ساهه کڻڻ جو.. جيئڻ جو حق........!
    لمحي لاءِ کيس محسوس ٿيو ته سندس زندگي به شايد اُن پينو فقيرياڻيءَ جي پيالي جيان آهي جنهن ۾ سواءِ صدائن جي ڪجهه به ڪونهي... نٽهڻ اُس جهڙو سندس اڱڻ جنهن ۾ ڪوبه ته گُل ڪابه ته مُکڙي ڪونهي......ليلائيندڙ زندگي ۽ خوشين لاءِ کنيل خالي پيالو....!!
     
    علي گل ۽ ساجد سنڌي هيء پسند ڪيو آهي
  2. ساجد سنڌي

    ساجد سنڌي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏7 فيبروري 2018
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    شاگرد
  3. علي گل

    علي گل
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2021
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ضلعو لاڙڪاڻو ڳوٺ سامٽيا سيھڙ
     
  4. علي گل

    علي گل
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2021
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ضلعو لاڙڪاڻو ڳوٺ سامٽيا سيھڙ

هن صفحي کي مشهور ڪريو