ڪتاب " جهڙي سنڌ تهڙي سيتا"

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ مير سردار چنڙ طرفان آندل موضوعَ ‏2 نومبر 2018۔

  1. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    61
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    مير سردار چنڙ
    دادو ضلعي جي شهر سيتا هر دور هر وقت پنهنجو پاڻ ملهايو آهي راندين کان ويندي علمي ادبي حوالي سان ڏسجي تہ سيتا روڊ پنهنجو مٽ پاڻ آهي ستيا جي هن زرخير مٽيء مان ڪيترائي عالم بزرڳ ليکڪ شاعر پيدا ڪيا جن سموري عمر جدوجهد ڪري سيتا جو نالو نه رڳو سنڌ پر پوري دنيا آڏو متعارف ڪرايو آهي انهن ۾ محمد صالح ڀٽي مولوي محمد ص
    [​IMG]



    [​IMG]
    ديق سيتائي پيرل پرديسي بشير سيتائي منصور سيتائي انور شاد مجبور ميمڻ مشهور ميمڻ جهڙن پيارن تخيلقارن کي جنم ڏنو آهي منظور سيتائي جو تعلق بہ ان ئي سيتا سان آهي.
    منظور سيتائي جنهن کي اڪثر مان عالمي اوطاف فيسبڪ تي بڌندو ۽ پڙهندو رهندو آهيان ان سان منهنجي پهرين (فلحال آخري) ملاقات 21 اپريل 2017 تي شام جو لينگويچ اٿارٽي حيدرآباد ۾ ٿي جتي سندس ئي پهرئين ڪتاب " جهڙي سنڌ تهڙي سيتا " جي مهورت تقريب رکيل هئي اها تقريب ڀٽائي آرٽس ڪائونسل سنڌ طرفان رکيل هئي جنهن جا مهمان خاص قومي عوامي تحريڪ صدر اياز لطيف پليچو خادم سنڌ فائونڊيشن سربراهه ارشاد عباسي شوڪت شورو هئا ان کان کان علاوه ڪيترائي ليکڪ اديب شاعر اداڪار هئا
    مونکي منظور سيتائي جي ان ملاقات مان اهو فائدو ٿيو تہ اتي ويٺل ڪافي دوستن سان پهريون دفعو ملاقات ٿي ۽ سندس ڪتاب "جهڙي سنڌ تهڙي سيتا " ,مونکي منهنجي پنهنجي ليڊر اياز لطيف پليجو جي هٿان مليو ان ڪتاب کي پڙهندي پڙهندي دل خيال پيدا ٿيو ته ڇونه ڪجهه چڪا پڪااکر لکي هن ڪتاب تي راء ڏيان .
    منظور سيتائي استاد پيرل پرديسي جي خاندان سان تعلق رکندڙ باشعور نوجوان آهي پاڻ ننڍپڻ ۾ ٻاراڻي ادب جي شاعري لکڻ سان ادب ۾ پيو پاتو پاڻ شاعري جي سکيا پنهنجي چاچي استاد پيرل پرديسي کان ورتي نه رڳو شاعر پر سندس ڊارمانگار جي حيثيت سان پڻ سٺي سڃاڻپ آهي منظور سيتائي ڪيترائي ڊارما لکيا آهن جيڪي وقت بہ وقت ڪاسٽ ٿيندا آيا آهن پاڻ سائين عزيز ڪنگراڻي کان ڊامو لکڻ جا گڻ سکيا منظور سيتائي هڪ بهترين ادڪارادڪار بہ آهي منظور سيتائي پنهنجي آس پاس علائقي / ڳوٺ تر ۾ ڪيترائي اسٽيج ڊارما ڪري چڪو آهي جنهن مان کيس سٺي شهر ملي پاڻ ڪي ٽي اين سنڌ ٽي وي مهراڻ ڌرتي ۽ آواز ٽي وي تي اداڪاري ڪري چڪو آهي منظور سيتائي ڪيترائي مڃتا ايوارڊ / شيلڊ ملي چڪا آهن .
    منظور سيتائي هڪ سماجي ورڪر پڻ آهي جتي ارشاد عباسي ايس ايس پي فدا حسين مستوئي ذوالفقار قادري جهڙن سماجي ورڪرن جو ذڪر ٿيندو آهي اتي منظور سيتائي کي وسارڻ تمام ڏکيو لڳندو آهي هن جي هڪ خوابي مان تمام گهڻو متاثر آهيان ته هو سنڌ جي غريب ماروئڙن جو آواز ساڃهه وندن تائين پهچائيندو آهي وس آهر غريبن جي خدمت ڪندو پيو اچي .
    منظور سيتائي کي ڪهاڻي لکڻ جو بہ سڀني کان الڳ ڏانء طور طريقو آهي سندس ڪتاب ۾ پهرين ڪهاڻي (سيتا منهنجو ساهہ ) شامل آهي منظور ڪهاڻي ۾ پاڻ ننگر ڪردار ادا ڪيو آهي ننگر سيتا کي ڪيڏو چاهي ٿو ان سان ڪيترو پيار ڪري ٿو اهو ڪهاڻي کي پڙهي اندازو لڳائي سگهجي ٿو .
    بعد ۾ اسٽيج ناٽڪ (سيتا ننگر ) شامل آهي ان ناٽڪ جا سمورا ڊائلاگ سماج جي مسئلن کان خبر دار ڪن ٿا سماج جي مسئلن کي سٺي نموني سان حل ڪرڻ جو طريقو آهي هن ناٽڪ ۾ مزاحيہ ڊائلاگ پڻ آهن جئين
    پوپوري : مور توکان وڌيڪ مونکي پنهنجو پيءۡ به ڪونهي .
    مور : پوء هڻ پڻهين کي دون واري بندوق پوء نه رهندو بانس ۽ نه وڄندي بانسري .
    اهڙا مزاحيہ ڊائلاگ شامل آهن ناٽڪ ۾م پوپري جو ڪردار هڪ بليڪ ميل ڇوڪري جو ڏنوويو آ جيڪا هڪ ئي وقت ٽن ڀائرن کي پيار جي ڄار ايئن ڦاسائي ٿي جيئن مڇي کي ڦاسائبو آ پوپري ٽنهي ڀائرن کان شادي جي بهاني سان پئسا وٺي شادي جي رات گهر ڇڏي هلي وڃي ٿي .
    ٻيو ناٽڪ (جهڙي سنڌ تهڙي سيتا) شامل آهي جنهن ۾ سيتا جا ڏک سور پنهنجي غربت جي چڪي ۾ پيسجڻ وارو داستان ٻڌائي ٿو .
    سندس شاعري بہ ڪمال جي آهي اهڙي طرح سان سيتا کي ڀيٽا ڏني اٿس جو شايد اهڙي ڪنهن ٻئي ڏني هجي .
    سندس نظم جون هي سٽو سيتا سان پيار جو اظهار ڪن ٿيو
    سيتا ۾ آ ساهہ چوان ٿو .
    چاهت ڀريو چاهه چوان ٿو .
    هن ڪتاب جو مهاڳ الطاف ملڪاڻي لکيو آهي جڏهن بہ بيڪ پيج بشير سيتائي لکيو آهي منظور سيتائي جو هي ڪتاب " جهڙي سنڌ تهڙي سيتا " پيرل پرديسي آڪيڊمي سيتا روڊ ايٽ ڪوٽڙي طرفان ڇپايو ويو آهي 128 پيجن واري ڪتاب جي قيمت 250 رکي وئي آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو