پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ مير سردار چنڙ طرفان آندل موضوعَ ‏2 نومبر 2018۔

  1. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    61
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    [​IMG]
    تبصرو مير سردار چنڙ
    پاٽ شريف دادو ضلعي جو اهم ماڳ آهي جنهن کي علمي ادبي تاريخي سياسي ۽ سماجي لحاظ کان تمام گهڻي اهميت آهي پاٽ شريف پنهنجي مٽيء مان سوين عالمن بزرگن درويشن صوفي ۽ اديبن ۽ اهم شخصيتن کي جنم ڏنو آهي جن پنهنجي زندگي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري دنيا آڏو پنهنجو ۽ پنهنجي شهر پاٽ جو نالو روشن ڪيو آهي پاٽ شريف ۾ اصل کان علم جو فيض جاري رهيو آهي تنهن ڪري پاٽ کي قبة الاسلام نالي سان سڏيو ويو آهي ڪتاب لکن ٿا تہ سمہ حڪمرانن جي دور ۾ سنڌ جوٽيون وڏو مدرسو پاٽ ۾ هو ڪجہ ديني عالمن جو چوڻ آهي تہ بغداد جي مدرسن ۾ اڄ بہ پاٽائي بزرگن جي لکين ڪتابن جو درس ڏنو ويندو آهي .
    ويجهڙائيء ۾ سنڌي ادب ۾ ڪيترائي تاريخي ڪتاب شايع ٿيا آهن جيڪو انتهائي سٺو عمل آهي هر ليکڪ کي لکڻ جو ڏانءۡ طور طريقو پنهنجو هوندو آهي دادو ضلعي جي اهم شهر پاٽ شريف سان تعلق رکندڙ آرٽسٽ سماجي اڳوڻ ليکڪ گلزار ڪلهوڙو پاٽائي طرفان هي ڪتاب پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾ شايع ڪرايو ويو آهي جنهن ۾ ماضي کان حال تائين پوري طرح سان شاندار معلومات بيان ڪيل آهي ليکڪ لکي ٿو تہ پاٽ پراڻي وارو قديمي شهر سن 403هجري ۾ قائم ٿيو جيڪو 795 سال آباد رهڻ کانپوء ڦٽي ويو ان وچ ۾ پاٽ کي مختلف نالا ڏنا ويا جن ۾ پهريون نالو پاتر رکيو ويو جيڪو فارسي ٻولي جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ تخت آهي ائين کڻي چئجي تہ ماضي ۾ ڪو تخت گاهہ هيو تہ ڪو بہ وڌاءۡ نہ ٿيندو ڪجهہ ڪتاب اهو بہ لکن ٿا تہ هن شهر ۾ ڪو وڏو تخت بندرگاهہ هيو جنهن جي ڪري اهو نالو پيو بعد ۾ هن شهر جا نالا پواترا پوتر رسول آباد قبةۡ السلام قبلةۡ الاسلام الاسلام رکيو ويو .
    سن 1202 هجري ۾ ڪجهہ ماڻهن سنڌو درياءۡ کان اولهندي طرف هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي موجوده شهر پاٽ جو بنياد رکيو ويو هتان جا ماڻهو تمام پيارا شريف ۽امن پسند هئا انڪري هن شهر جو نالو پاٽ شريف رکيو ويو جيڪو اڄ بہ هزارين گهرن تي آباد آهي
    گلزار ڪلهوڙو پاٽائي چويهين آڪٽومبر 1971ع تي پاٽ شريف جي پير بخش ڪلهوڙو جي گهر ۾ جنم ورتو . والدين سندس نالو غلام حيدر رکيو جيڪو اڳتي هلي گلزار ڪلهوڙو جي نالي سان مشهور ٿيو .
    پاڻ ميٽرڪ ڳوٺ پاٽ شريف ۽ انٽر استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو بي اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪيائين پيشي جي لحاظ کان هڪ استاد آهي گلزار ڪلهوڙو سنڌ جي نالي وارن شاعرن اديبن سان ويجهرائي ڪري ادبي دنيا ۾ پير پاتو 1998ع ۾ سنڌي ادبي سنگت پاٽ شريف جو شاخ بنياد وجهي ان ڪو پهريون باني سيڪريٽري ٿيو جيڪا اڄ بہ فعال آهي پاڻ مختلف ۾ رهيو آهي 2009ع سگا شاخ پاٽ شريف جو اطلاعت سيڪريٽري ٿيو ۽ 2012ع کان اڄ تائين هن شاخ جو جنرل سيڪريٽري آهي پاڻ اداڪاري ۾ بہ پنهنجو مٽ پاڻ آهي 50 کان مٿي اسٽيج ڊارما ڪري چڪو آهي سندس ادبي سماجي خدمتن جي عيوض کيس مختلف ادارن تنظيمن طرفان ايوارڊن سان نوازيو ويو آهي پاٽ شريف جي تاريخي جاين ۽ پاٽ شريف سان تعلق رکندڙ شخصيتن جا تصويري ايلبم بہ شامل آهي
    گلزار ڪلهوڙو پاٽائي جو هي ڪتاب پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾ اڳتي هلي سنڌي ادب ۾ ضرور پنهنجي جاء ٺاهيندو .

    [​IMG]
    هن ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي نامياري ليکڪ اديب محقق ڊاڪٽر حبيب اللّٰه پاٽائي لکيو آهي هن ڪتاب ۾ محمد سليمان وساڻ ساجد سنڌي پيرل کوسو رفيق سرهيو مخدوم اظهار الحق صديقي سميت ٻين پنهنجا ويچار ونڊيا آهن هن ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل ڊاڪٽرمحمد سليمان شيخ سهڻي نموني سان لکيوآهي سنڌ جي نامياري شاعرسليم چنا ڪتاب جي ليکڪ جو تعارف شامل ڪيو آهي هي ڪتاب پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾ سگا پاٽ طرفان ڇپرايو ويو آهي 288 صفحن واري ڪتاب جو ملهہ 500 رکيو ويو آهي
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو