آخر ڪار عورت جو ڪهڙو ڏوهه آهي...شرف الدين مرکنڊ طاهري (تعلقه وارهه)

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏2 نومبر 2018۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    [​IMG]
    عورتن کي پنهنجا حق ملڻ جي بجاءِ قتل ڪيو وڃي ٿو!!

    شرف الدين مرکنڊ

    اسان جنهن معاشرو ۾ رهون ٿا اهو معاشرو اڻ ڳڻين اوڻايڻ خرابين سان ڀريل آهي، جنهن به پاسي نظر ڪبي ته رڳو خرابيو نظر ايندو آهن جن لاءِ اسان وٽ ڪو اهڙو طريقو به ناهي جو انهن کي ختم ڪري سگھون، ۽ اسان جي معاشري ۾ امن، محبت، پنهنجائپ، ۽ پيار پيدا ٿئي، ته اسان پنهنجي زندگين کي آسانيءَ سان گذاري سگھون. پر ان معاشري ۾ رتوڄاڻ جي ڪا حد نه رهئي آهي، روزانو پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي نظر وجھڻ سان پتو پوي ٿو ته ڪٿي ڪنهن کي ذاتي دشمنيءَ سبب قتل ڪيو وڃي ٿو ته ڪٿي وهندڙ شاخن مان اڻڄاتل انسانن جا لاش ملن ٿا، ته ڪٿي وري ڪنهن وقت ۽ مائٽن کان مجبور ٿي ڪري پنهنجي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو ته ڪٿي وري نياڻين کي ڪلارنهڻ جي ڪوڙن الزام هيٿ قتل ڪري سندن کان جيئڻ جو حق کسيو وڃي ٿو. اسان جنهن معاشري ۾ رهو ٿا ان کي تيزيءَ سان بدلجندڙ يا ترقي ڪندڙ معاشرو به سڏيو وڃي ٿو، جيئن ته اسان کان پهرين دور ۾ موبائيل فون نه هئي، ۽ اها اڄ اسان جي معاشري ۾ عام آهي، جيڪا هڪ ننڍي معصوم ٻار کان ويندي عورت ۽مرد وٽ به موجود آهي، جنهن جي وسيلي هر ماڻهو پوري دنيا ۾ رهندڙ انسان ذات سان رابطو ڪري سگهي ٿو، انهن سان پنهنجي من جون ڪچهريون ڪري سگهي ٿو، ۽ انهن سان حال احوال ڪري سگھي ٿو، ۽ ٻيو ته ان موبائيل تي انٽرنيٽ به هلائي سگھي ٿو. ۽ ان ئي موبائيل ذريعي اسان جي معاشري ۾ سوشل ميڊيا پڻ ترقي ڪئي آهي، جنهن جو تصور اڄ اسان پنهنجي معاشري ۾ ڏسي سگھو ٿا. ۽ موبائيل کان مٿي ڪمپيوٽر آهي، جنهن ڪمپيوٽر کي انسان ذات جو دماغ سڏيو وڃي ٿو. ۽ ان ڪمپيوٽر جي اڄ اسان جي معاشري ۾ وڌ کان وڌ ۽ سخت ضرورت آهي. ڪمپيوٽر کي اخبارن جي آفيسن ۾، مختلف شعبن ۾ ، ڪاليجن ۾ ، اسڪولن ۽ ٻين اهم هنڌن تي استعمال ڪيو وڃي ٿو. ٻيون به اهڙيون شيون آهن جن جي ذڪر ڪرڻ سان اڄ جون اخبارون ۽ ڪتابن جا ورق ڀرجي وڃن ٿا. پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته اهڙي معاشري ۾ ڪجهه عمل اهڙا به آهن جنهن سان اسان اڳتي وڌڻ کان پوئتي وڃي رهيا آهيون، اڄ اسان جي معاشري ۾ رتوهاڻ ، چوري، بيحيائي، ، هڪ ٻئي جي گھرن کي تباهه ڪرڻ اسان جي معاشري ۾ معمول بڻيل آهي. وري ان ئي معاشري ۾ عورت کي پڻ جائز مقام نه ٿو ڏنو وڃي اسان جي معاشري ۾ عورت جي ڪردار هٿ ئي هيٺ کي ڪرايو ويو آهي. حواڄائيءَ جي تعليم کي تباهه ۽ برباد ڪيو ويو آهي، کيس تشدد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو، تيزاب گرديءَ جو شڪار بنايو وڃي ٿو، معاشري ۾ عورتن کان سمورا حق کسيا ويا آهن، کيس ڪاري ڪارو ڪري مارڻ جو رواج عروج تي آهي.حواڃائيءَ کي عزت ۽ مرتبو ڏيڻ جي بدران کيس گهٽ کان گهٽ ۽ برو سمجهيو وڃي ٿو، عورت کي ڪنهن به قسم جي فيصلي ۾ شريڪ ٿيڻ جو حق نٿو ڏنو وڃي ويتر ساڻس قيدين جهڙو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو. جڏهن ته هن وقت سنڌ صوبي جي اندر عورتن کي قتل ڪرڻ معمول بڻجي ويو آهي، جنهن کي به ڪاوڙ اچي ته هو ڪنهن غريب جي نياڻي کي ڪاري ڪارو جي لقب سان نوازي ان کي قتل ڪرڻ ۾ دير ئي نه ٿا ڪن، جنهن جو تازو مثال آهي ته سنڌ جي ضلع خيرپور سان وابسته 13ورهين جي معصوم رمشا نياڻي کي سندن جي ماءُ پيءُ جي سامهون گولين جو کاڄ بڻايو ويو آهي، جنهن جي لاءِ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ به معصوم نياڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ جي لاءِ بک هرتال، احتجاج ۽ مظاهرا رڪاڊ ڪرايا ويا وڃن ٿا پر افسوس آهي جو اسان جي ملڪ جا حڪمران اڄ تائين خوش نظر اچن ٿا، ٻيو ته اسان جي ملڪ جي پوليس ٻين ڪمن ۾ ماهر هوندي آهي پر جڏهن ڪنهن کي بي ڏوهه عورت يا مرد کي قتل ڪيو ويندو آهي ته ان جي قاتلن تائين پهچڻ ان کي ڏکيو لکندو آهي. بهرحال تاريخ جي ڪتابن ۽ سيرت نگارن جي ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ سان اهو معلوم ٿئي ٿو ته اڄ کان پهرين به عورت ذات وڏي مشڪل وقت مان گذري آهي. اسلام جي اچڻ کان پهريان به عورتن جي حالت انتهائي افسوسناڪ هئي، عربستان ۾ حضور ڪريم صه جن جي آمد کان پهرين به نياڻين کي زندهه دفن ڪيو ويندو هيو، حيض جي حالت ۾ عورتن کي گھرن کان پري ڪيو ويندو هيو، کاڌي پيتي جي شين کان به کين پري رکيو ويندو هيو، ۽ ملڪيت ۾ انهن کي حصو نه ملندو هيو، اولهه جي تهذيب ته عورتن جي عظمت، شان، مان ۽ مرتبي کي ختم ڪري انهن کي عيش ۽ عشرت جو صرف راند کيڏڻ جو رانديڪو ڪري ڇڏيو هيو، عورتن کي تڪليفيون ڏنيو ويندو هيو. حضور ڪريم صه جي آمد کان پوءِ عورت کي تمام گهڻي عزت به ملي ته عورتن کي پنهنجا حق به مليا ۽ عورت جي شان کي به بلند ڪيو ويو، حضور اڪرم صه جن عورت کي غلامي کان نجات ڏياري، ۽ انهن کي ملڪيت به ۾ حصا ڏياريا، تعليم جو حق به ڏياريو، عورت کي بطور ماءُ، ڀيڻ، ڌيءَ ۽ گھر واريءَ کي عزت به عطا ڪئي. اسان جي پياري پيغمبر اسلام صه فرمايو ته ماءُ (يعني هڪ عورت) جي قدمن ۾ جنت آهي، جنهن جي تشريح هن ريت ڪجي ته عورت پهرين هڪ هوندي آهي، جڏهن اها ماءَ جهڙي عظيم مرتبي تي پهچندي آهي ته سندس شان تمام گھڻو اوچو ٿي وڃي ٿو ۽ جنهن جي هڪ دعا سان ئي اولاد جي زندگي مالامال خوشحال ٿي ويندي آهي. ماءُ جيڪا اولاد جي هر خوشي لاءِ پنهنجون خوشيون قربان ڪندي آهي. پر افسوس ته اسانجي معاشري ۾ عورت پوءِ اها ڪهڙي به رشتي ۾ ڇو نه هجي کيس سندس جائز مقام نه ٿو ڏنو وڃي، جنهن جو سبب اهو ته اسان جي معاشري ۾ تعليم گھٽ آهي، ۽ جنهنڪري اسان وٽ جھالت وڌي آهي. جيڪڏهن اسان جي معاشري ۾ تعليمي نظام بهتر هجي ها ته عورت سان ايترا ظلم نه ٿين ها. ان معاشري ۾ عورت جي تعليم کي بهتر ڪيو تعليمي نظام بهتر ٿئي پئي ته اسان جو معاشرو هر خرابين کان بچي سگھي ٿو، ۽ ان معاشري ۾ عورت جي تعليم کي بهتر ڪيو وڃي ته اڄ جيڪي عورتن جي مٿان ظلم ڪيا وڃي ٿا اهي ختم ٿي سگھن ٿا. اڄ جٿي پوري دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ عورتن کي حق ڏنا وڃن ٿا اتي اڄ به پاڪستان جهڙي ترقي ڪندڙ ملڪ ۾ پڻ عورت جي حق ڏيڻ وارو سوال جيئن جو آهي تيئن موجود آهي، عورت معاشرتي ترقي توڙي ٻين شعبن اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. پر افسوس اڄ جي دور ۾ ان عورت کي هر هنڌ ذلالت جو شڪار ٿيڻو پوي ٿو ۽ کيس معاشري ۾ برابري جي حق کان محروم رکيو وڃي ٿو، هر لحاظ کان گهٽ سمجهو وڃي ٿو. اسان جو سماج عورت کي سندس جائز مذهبي، سياسي، سماجي، قانوني ۽ آئيني حق فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهي، اها ڳالهه سموري معاشري لاءِ ڳڻتيءَ جو ڪارڻ ضرور آهي.
     
    آخري ترميم: ‏6 فيبروري 2019

هن صفحي کي مشهور ڪريو