جديد دور ۽ سنڌي ٻولي : سعيد چانڊيو

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏4 نومبر 2018۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,809
    ورتل پسنديدگيون:
    27,197
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جديد دور ۽ سنڌي ٻولي : سعيد چانڊيو

    جڏھن ذڪر جديد دور جو ڪبو تہ ڳالھيون بہ جديد دور متعلق ڪبيون ۽ ھر شيءِ کي جديد دور جي تقاضا مطابق پرکبو . ڪمپيوٽر جي اچڻ سان ڄڻ دنيا جو نقشو ئي تبديل ٿي ويو آھي . اڄ ھر شيءِ ترقي طرف وڌندي نئين روپ ۽ نئين نظام سان سامھون اچي ٿي، ڏسڻ ۽ وٺڻ وارا حيرت جي درياھ ۾ ٻڏندي نظر اچن ٿا . ڪمپيوٽر جتي جديد انساني سھولتڪاري شين کي جديد تر جديد ڪيو آھي ، اتي رابطي جي ذريعي ٻولين کي پڻ تقويت بخشي آھي . دنيا جون ترقي يافته ٻوليون ڪمپيوٽر جي اچڻ سان وڌيڪ ترقي جون منزلون طئي ڪنديون رھيون ۽ ڪنديون رھن ٿيون . ڪمپيوٽر کان پوءِ انٽرنيٽ جي انقلاب تہ اڃا وڌيڪ ٻولين جي ترقيءَ ۾ اضافو ڪيو آھي. انٽرنيٽ تي مختلف ڪمپنين جي ويب سائيٽن جو حيرت انگيز اضافو پڻ قابل ذڪر آھي . اڄڪلھه دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ خريد و فروخت آن لائين ٿئي ٿي . تنھنڪري ھر ڪمپني پنھنجو معيار وڌائڻ لاءِ وڌ کان وڌ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي پنھنجي گراھڪن جي سھولت خاطر ان خطي جي ٻوليءَ کي اھميت ڏيندي ويب سائيٽون پڻ ان ئي ٻولي ۾ ٺاھرائي ٿي . اھڙي طريقي سان ھو ڪنھن نہ ڪنھن طريقي سان پنھنجي ٻوليءَ جي بھتريءَ لاءِ بھرو ضرور وٺندا رھن ٿا . آمريڪي ، يورپي ، چيني ، روسي ، جپاني ۽ ٻين کوڙ سارين قومن جا مثال موجود آھن ، جن پنھنجين ٻولين جي ترقيءَ ۾ پاڻ موکيو آھي . انھن ڄاڻايل ملڪن مان ڪجھ ملڪن ۾ تہ ٻي ٻولي ڳالھائڻ عيب سمجھيو ويندو آھي . تنھنڪري ئي ھر نئين ايجاد سان ھو پنھنجي ٻوليءَ کي ڪنھن نہ ڪنھن طريقي سان ڳنڍيندا اچن ٿا . موبائل ۾ انپٽ لئنگويج ۾ جاءِ والارڻ کان وٺي سماجي رابطن جي ذريعن تائين ، انھن جي موجودگي وڏو مثال آھي . اھو ئي سبب آھي ته اھي ٻوليون پنھنجي ڳالھائيندڙن جي تعداد کي برقرار رکيون اچن ٿيون ، بلڪہ انھن جي ڳالھائيندڙن جي تعداد ۾ اڃا اضافو ٿيندو رھي ٿو . پنھنجي ملڪ پاڪستان ۾ جيتري ترقي اردو ٻوليءَ ڪئي آھي ، اوتري ڪنھن ٻئيءَ ٻوليءَ ناھي ڪئي . شايد ان جو سبب اھو ئي ھوندو تہ اردو قومي ٻولي آھي ، تنھنڪري سرڪاري سرپرستي حاصل ڪندي پئي اچي . انٽرنيٽ جي عام ٿيڻ سان اردو ٻولي بيحد ترقي ڪئي آھي ، ملڪي ڪمپنيون پنھنجي ڪاروبار کي وڌائڻ لاءِ ويب سائيٽن جو سھارو وٺڻ ۾ گھڻو اڳتي نڪري چڪيون آھن . انھن ويب سائيٽن جي ٻولي انگريزي سان گڏ اردو پڻ خودڪار طور رکي وڃي ٿي . اھڙي طريقي سان خبرن جي چينلن کان وٺي اخبارن جي ويب سائيٽن تائين اردو ۾ گھڻو تڻو مواد ملي وڃي ٿو . آن لائين ڪتبخانا پڻ قابل ذڪر آھن . آف لائين ائنڊرائيڊ ايپليڪشنون پڻ مشھوري ماڻي چڪيون آھن . اھو تہ ذڪر ڪيوسين ڪمپيوٽر جي ڪرشمي جو ، ھاڻ ذڪر ڪبو موبائل جي ايجاد ٿيڻ کانپوءِ ٻولين جي ترقيءَ جو. موبائل فون ايترو تہ ستت دنيا ۾ پنھنجو ڌاڪو ڄمائي چڪي آھي جو شايد ان جو ڪو ڪاٿو ڪري سگھجي . موبائل فون جي شروعاتي دور کان وٺي ، ھن عروج تائين ترقي يافته ٻولين ڀرپور فائدو وٺندي موبائل فون سان پاڻ کي لازم ملزوم بڻائي ڇڏيو آھي . موبائل جي انپٽ ٻولين واري آپشن ۾ جاءِ والارڻ کان وٺي پيغام موڪلڻ ۽ حاصل ڪرڻ تائين ٻولين پاڻ مڃايو آھي . پھرين پھرين تہ بٽڻن واريون موبائل فونون ھيون ، ان ارتقائي مرحلي کان وٺي، ھن ايڊوانسڊ مرحلي تائين آھستي آھستي پٺ تي پيل قومن پڻ پنھنجين ٻولين جي سار لڌي ۽ ائنڊرائيڊ سسٽم جي اچڻ سان ايپليڪيشنن جو ٺھڻ معمول بڻجي ويو. پنھنجي ملڪ پاڪستان ۾ استعمال ٿيندڙ موبائل فونن جي انپٽ ٻولين واري آپشن ۾ صرف انگريزي ۽ اردو ٻوليون رکيون ويون آھن . عربي ۽ فارسي ٻوليون پڻ آھن مگر اھي عام جي سمجھه کان مٿانھيون آھن . باقي رھيو سوال مقامي ٻولين (سنڌي ، بلوچي ، پنجابي ، سرائڪي ، براھوي ۽ ٻيون ) جو ته اھي نظر انداز ٿينديون رھيون آھن . اردو ٻولي پڻ موبائل جي جھان ۾ پاڻ مڃايو آھي ، پوءِ اھا ائنڊرائڊ موبائل ھجي يا بٽڻ واري ، موبائل کي آساني سان ھلائڻ لاءِ اردو ڳالھائيندڙن کي ڀرپور سھولت ۽ آساني ملندي رھي آھي . سماجي ذريعن ۾ فيس بڪ بيحد مقبوليت ماڻي چڪو آھي ، جنھن کي دنيا ۾ روزانو استعمال ڪندڙن جو تعداد 1.47بلين آھي ، جڏھن تہ پاڪستان ۾ فيس بڪ استعمال ڪندڙن جو تعداد پڻ تمام گھڻو آھي . فيس بڪ جي مقبوليت جو اندازو ان تعداد مان ئي لڳائي سگھجي ٿو . پنھنجي سنڌي سماج ۾ نہ صرف پڙھيل لکيل ۽ ٽچ اسڪرين موبائل ھلائيندڙ شخص جي آئي ـ ڊي ڊھيل ھوندي ، بلڪ اڻپڙھيل فرد سان گڏوگڏ ان فرد جي بہ فيس بڪ آئي ـ ڊي ٺھيل ھوندي جنھن وٽ ٽچ اسڪرين موبائل رکڻ جيتري سگھ نه ھوندي . فيس بڪ جتي دنيا کي ڳنڍي ڇڏيو آھي ، اتي ٻيون به انيڪ سھولتون فراھم ڪري ٿو. ڪلھ رات فيس بڪ جي سيٽنگ پئي ڏٺم، اتي مون کي پھريون دفعو ٻولين جي تبديلي جو آپشن نظر آيو . جيڪو اڳ ڪڏھن به نظر مان نه گذريو ھو . ممڪن آھي تہ منھنجو ڪڏھن ان طرف توجھه نه ويو ھجي . بھرحال جيئن ئي ان آپشن تي نظر پئي تہ مان يڪدم ان آپشن جي سيٽنگ ۾ ويم جتي مونکي انگريزي سان گڏ اردو ، عربي ، فارسي ، ھندي ، انڊونيشيائي ، فلپائني ، چيني ۽ ٻيون بہ ٻوليون نظر آيون اتي سنڌي ٻولي نظر نه آئي . سنڌي ٻولي جي نظر نه اچڻ سان بيحد مايوسي ٿي . اھا ساڳي مايوسي اڳ به ملي بھرحال جيئن ئي ان آپشن تي نظر پئي تہ مان يڪدم ان آپشن جي سيٽنگ ۾ ويم جتي مونکي انگريزي سان گڏ اردو ، عربي ، فارسي ، ھندي ، انڊونيشيائي ، فلپائني ، چيني ۽ ٻيون بہ ٻوليون نظر چڪي ھئي ، جڏھن بٽڻن واري موبائل فون جي انپٽ واري آپشن ۾ سنڌي ٻولي نظر نه آئي ھئي . پوءِ بعد ۾ ائنڊرائيڊ جي اچڻ سان سنڌي ڪي بورڊ جون ايپليڪيشنون ٺاھيون ويون .
    سنڌي ٻوليءَ کي ڪمپيوٽر تي عام ڪرڻ ۾ سائين عبدالماجد ڀرڳڙيءَ جيڪا بنا ڪنھن لالچ لوڀ جي خدمت ڪئي آھي ، ان جو جيترو به سائين ڀرڳڙيءَ صاحب کي داد ڏجي اھو گھٽ آھي . سائين ماجد ڀرڳڙيءَ کان علاوه شبير ڪنڀار ، راجا ساند ، عبيد ٿھيم ، علي حسن ملاح ، عباس ڪوريجو ، اياز شاھ ، امر فياض ٻرڙو ، رشيد سمون ، محمد سليمان وساڻ ، سجاد چنو ، آفتاب ٽالپر ، صارم مڱڻيجو ، عزيز مڱريو ۽ ٻين دوستن جا نالا پڻ قابل ذڪر آھن ، جن پڻ پاڻ موکيو آھي . ائنڊرائيڊ جي عام ٿيڻ سان سنڌي ٻولي ۾ آسانيءَ سان لکي پڙھي سگھجي ٿو ، پيغام پنھنجي ٻوليءَ ۾ موڪلي سگھجڻ سان گڏوگڏ وصول به ڪري سگھجن ٿا . سنڌي ٻوليءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙن انھن دوستن مان رشيد سمون ، محمد سليمان وساڻ ۽ راجا ساند جا نالا مڙوئي ڪجھ گھڻو مشھور آھن ، سندن محنتن سان نج سنڌي ويبسائيٽ سنڌ سلامت وجود ۾ آئي ، جتي آن لائين ميمبر ھڪٻئي سان ڪچھري ڪري سگھن ٿا ۽ پنھنجون تخليقون پڻ ونڊي سگھن ٿا . اھو سلسلو ھلندو رھيو آھي ۽ ھلندو رھي ٿو ، جنھن کي ڀرپور پذيرائي ملڻ کان پوءِ سنڌ سلامت جي سٿ سنڌي ٻوليءَ جي بھتريءَ لاءِ سنڌ سلامت ڪتاب گھر جو الڳ پورشن ٺاھي ڪري ھڪ ٻيو عملي قدم کنيو . جنھن سان سنڌي پڙھندڙن کي سرھائي ملي . سنڌ سلامت ڪتاب گھر پھرين ته آن لائين ھو ، مگر بعد ۾ دوستن جي اڻٿڪ محنتن سان آن لائين کان آف لائين ايپليڪيشن طور متعارف ڪرائي رشيد سمون ، راجا ساند ۽ محمد سليمان وساڻ سنڌي ٻوليءَ کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آھن . آف لائين ايپليڪيشن جنھن ۾ تقريب 600 جي قريب چونڊ سنڌي ڪتاب رکيا ويا آھن . جيڪي ھاڻ سنڌي ڀائر آساني سان پنھنجي موبائل تي پڙھي سگھن ٿا . ھڪ ٻيو قدم جنھن جي ذريعي وڪيپيڊيا ۽ گوگل تي سنڌي ۾ مواد ڳولي سگھجي ٿو ، مگر اڃا اھو بنيادي مرحلي ۾ آھي ، اميد ته ان ڏس ۾ سنڌي ٻوليءَ جا سڄڻ وڌيڪ وک وڌائيندي پنھنجي مٺڙي ٻوليءَ کي ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ عام ڪندا . اڄڪلھه سنڌي ويب سائيٽن ۾ پڻ اضافو ٿيندو ٿو رھي . جيڪا خوش آئينده ڳالھه آھي . اڄ موبائل تي سنڌي ٻولي عام ٿي چڪي آھي ، مگر پنھنجي سنڌي ٻولي اڃا به وڌيڪ ترقيءَ لاءِ واجھائي رھي آھي . جھڙوڪ : موبائل فون جي انپٽ لئنگويج واري آپشن ۾ جاءِ والارڻ ، مختلف سماجي ذريعن جي خودڪار ٻولين واري آپشن ۾ جاءِ والارڻ وغيره .
    سنڌي ٻوليءَ جو عام ٿيڻ مٿي ڄاڻايل دوستن جي محنتن جو ثمر آھي ، جن پنھنجي ذاتي وسيلن آھر پيار جو پورھيو ڪيو آھي . ھاڻ سنڌ سرڪار کي پڻ ان ڏس ۾ ڪجھه قدم اڳتي وڌائڻ گھرجن . سنڌي ڪمپيوٽنگ لاءِ ادارا کولڻ کان علاوه ڄاڻايل ماھرن مان ڪجھه دوستن تي ٽيم جوڙي ڪري سنڌي ٻوليءَ کي وڌيڪ ترقي وٺرائي سگھجي ٿي .

    روزانه عوامي آواز 3 نومبر 2018ع


    [​IMG]
     
    محمد راشد شر هيء پسند ڪيو آهي.
  2. محمد راشد شر

    محمد راشد شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2015
    تحريرون:
    214
    ورتل پسنديدگيون:
    277
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ڌنڌو:
    لکپڙه
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي

هن صفحي کي مشهور ڪريو