وارھ، جوهي ۽ ڪي اين شاھ جي آبادگارن سان ويڌن ڇو؟ ڪامريڊ منان چانڊيو

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏9 نومبر 2018۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    وارھ، جوهي ۽ ڪي اين شاھ جي آبادگارن سان ويڌن ڇو؟

    ڪامريڊ منان چانڊيو

    ڏٺو وڃي ته سنڌ ۽ سنڌي عوام ۽ انهن جي ترقي ۽ خوشحالي مرڪزي حڪومت پوءِ اها پ پ جي هجي يا نون ليگ جي ڪيو ليگ جي هجي توڙي وردي وارن جي هجي، انهن جي ايجنڊا تي ڪونه آھي نه وري سندن ڪا ترجيح رهندي پئي اچي، باقي رهي ڳالھ سنڌ سرڪار جي ته خيرن سان گذريل ڏھن سالن کان وٺي رئيس وڏي جي سرپرستي هيٺ هلندڙ نااهل حڪمرانن پنهنجي تڪ ۽ ووٽرن کان لاتعلق بنيل چونڊيل عيوضين ۽ انهن جي آشرواد سان ويٺل آرام ڪرسين تي انتظامي ڪرپٽ عملدارن جيڪو عوام سان حشر نشر ڪيو آھي ۽ جهڙي ريت مسڪين ماڻھن جي جائز ۽ قانوني حقن جي لتاڙ ڪندي عوام جي فلاح ۽ بهبود لاءِ مختصر ڪيل ڪروڙين اربين رپين جي ڀيلاڪڙ ڍڳي يا ڇيڪ ڇڏيل گهوڙي وانگي ڀيل ڪئي آھي ان جو مثال ماضيءَ جي حڪومتن جي آيامڪاري دوران شايد نه ملي، عوام سان پنهنجن ئي حڪمرانن ۽ منتخب نمائندن ورهين کان وٺي جيڪي ويڌنون ڪندا پيا اچن انهن تي لکڻ لاءِ ڪي دفتر گهرجن، پاڻ جڏھن عوام سان ٿيندڙ آزارن ۽ عذابن جي دردڪٿا بيان ڪنداسين ته ڪيترائي سنگين مسئلا ۽ مامرا اکين اڳيان چٽا ٿي ظاهر ٿيندا انهن مان ڪهڙين ڪهڙين دردن جا داستان قلم جي نوڪ تي آڻجن ته پوءِ هن وقت اتر سنڌ کان ڏکڻ سنڌ تائين سنڌي سٻاجهڙا جن مختلف مسئلن، مشڪلاتن ۽ مصيبتن جي منهن مبتلا آھن انهن مان سرفهرست سنڌ جي ننڍن زميندارن ۽ آبادگارن سان جيڪي ويل ٿي رهيا آھن انهن جو ڪوئي ڪاٿو لڳائي نٿو سگهجي، ويچارن آبادگارن سان ڪيترائي ويل وهايا پيا وڃن، زرعي پاڻي جي سخت کوٽ هجي يا تيار ٿيل فصلن جا اگھ مناسب نه ملڻ هجن، زرعي دوائون، ڪيميائي ڀاڻ ۽ مختلف ٻجن جو نقلي يا وري مهانگو هئڻ توڙي زرعي مشينري وغيره مطلب ته سنڌ جا ننڍا زميندار، آبادگار هر طرف کان ظلمن ۽ زيادتن جو شڪار ٿي رهيا آھن، ڪمند جي آبادگارن کي مناسب اگھ نه ملڻ، ڪڻڪ جو باردانو حقدران کي نه ملڻ يا وري سارين جا اگھ نه ملڻ توڙي نقلي ۽ مهانگا ٻج، دوائون ۽ ڀاڻ وارن مامرن کي ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، پر سڀ کان اهم مسئلو مندائتو ۽ ضرورت موجب پاڻي نه هئڻ جو آھي ڇاڪاڻ ته پاڻي مختلف زرعي فصلن لاءِ لاڀائتو ٿي سگهي ٿو، جيتوڻيڪ سنڌ جي اڪثر ڪري علائقن ۾ ساريالي فصل لاءِ پاڻي تمام گهٽ هيو جنهنڪري هزارين لکين ايڪڙن تي سارين جو رونبو يا پوکائي ڪونه ٿي سگهي آھي، اڃان آبادگار اهڙي ابتر حالت ۾ وڪوڙيل هئا ته وري ھاڻي ربيع يا سرءُ جي فصلن لاءِ پاڻي جي سخت کوٽ سامهون اچي وئي آھي انڪري آبادگار سڪتي ۾ اچي ويا آھن، عام چوڻي آھي ته آبادگار اَن جي ڇڄ سان ٻڌل هوندا آھن يعني مندائتي پوک ٿيندي ته هنن جو معاشي جيئاپو ممڪن بنبو، جيئن ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جي پوکائي آڪٽومبر مهيني جي پوئين اڌ کان شروع ٿي نومبر تائين پوري ٿيندي آھي، پر الميو اهو آھي ته هي سٽون لکڻ وقت اتر سنڌ جي ڪيترين ئي ضلعن خاص ڪري قمبر ۽ دادو ضلعن جي، قمبر وارھ، ڪي اين شاھ ۽ جوهي تعلقن جي ڪيترئين ئي شاخن ۾ پاڻي جي اڻاٺ ڪري واري اڏامي رهي آھي انهن شاخن مان جيڪي سوين واٽر ڪورس نڪرن ٿا انهن جي هزارين آبادگارن ڪڻڪ جي هڪ لپ به ڪونه ڇٽي آھي، پاڻ جڏھن اخبارن تي نظر ٿا وجهون ته وارھ جوهي ۽ ڪي اين شاھ جا آبادگار گذريل ٻن مهينن کان وٺي پاڻي لپ لاءِ مزڪوره شھرن جي روڊن رستن ۽ چونڪن تي ٻاڪاريندا وتن ٿا، هر روز متاثر شاخن ۽ واهن جا آبادگار ٽولين جي صورت ۾ اچي شھرن جي مکيا چونڪن ۽ پريس ڪلبن تي تڏا وڇائي پاڻي ناهي ڇو بلا ڪربلا ڪربلا، ڏيو ڏيو ڪڻڪ لاءِ پاڻي ڏيو، ڳوٺ لڏي ويا پاڻي ڏيو، مال مري ويا پاڻي ڏيو، جا اڀڏاريندڙ نعرا هڻندا رهن ٿا، مگر انهن جي درديلي آواز کي ورنائڻ لاءِ تڪ جا چونڊيل نمائندا ايئن غائب ٿي ويا آھن جيئن ڏاند جا مٿيان ڏند، ستم ظريفي جي ڳالھ ته هڪ طرف آبپاشي، اعليٰ عملدار رشوت وٺي ننڍن ۽ پڇڙي جي آبادگارن جو پاڻي منڊ ۽ بااثر زميندارن کي وڪڻي ڏين ٿا، ته ٻئي طرف خود ان ئي تڪ جا چونڊيل ايم پي اي ۽ ايم اين ايز پاڻي جي چوري ۾ ملوث آھن، اهڙين ڳالهين جو اظھار جتي جوهي جا آبادگار ڪري رهيا آهن اتي تعلقي وارھ جا آبادگار به پاڻي جي اڻهوند ۾ حد جي ايم پي اي ۽ ايم اين اي کي زميوار سمجهن ٿا، افسوس ان ڳالھ جو آھي ته هر چونڊيل عيوضي پوءِ اهو ايم پي اي هجي يا ايم اين اي، ان جي قانوني، جمهوري ۽ اخلاقي زميواري هوندي آھي ته اهي پنهنجي تڪ واسين جي روز مرھ کان ويندي پاڻي تعليم، صحت، روينيون داخلا وغيره جي مامرن ۾ پنهنجي پنهنجي ووٽرن کي رليف فراهم ڪري هنن جي مشڪلاتن ۾ ڪمي ڪن، پر هتي ابتو سلسلو هلي رهيو آھي يعني جن جي زميواري عوامي مسئلا حل ڪرڻ آھي اهو ئي عوام لاءِ مسئلن جا طوفان کڙا ڪري رهيا آھن، پاڻ جن متاثر تعلق جي ڳالھ ڪري رهيا آھيون انهن مان تعلقو وارھ به هڪ آھي، پاڻ واضع ڪندا هلون ته گذريل خميس ڏينهن پاڻي جي فراهمي لاءِ وارھ شھر ۾ مڪمل هڙتال رهي ۽ چئن ڪلاڪن تائين شھيد فاضل راهو چونڪ تي سوين هزارين آبادگار سياسي سماجي ڪارڪن توڙي ڪاروباري فرد سراپا احتجاج رهيا، الميو اهو به آھي ته جنهن وقت هزارين ماڻھو نٽھڻ اس تي ويٺل هئا ان وقت تعلقي جي اولاهين علائقي مان ڪيترائي ڳوٺاڻا پاڻي نه هئڻ ڪري پنهنجا اباڻا ڪک ۽ سونن جهڙي زمين کي ڇڏي ٽريڪٽرن تي لڏا کنيون اڻڏٺي ماڳ وڃي رهيا هئا، اهڙن لڏن کي ڏسي ماحول سوڳوار ٿي ويو ۽ هر طرف کان ماڻھن جي اکين مان ڳوڙھا وهي رهيا هئا، چوڻ جو مطلب ته هن وقت تائين تعلقي مان سوين ڳوٺاڻا ٽڪر ڳڀي جي تلاش ۾ سرگردان آھن پر افسوس ته پي ايس 17 جي چونڊيل ايم پي اي نوابزاده برهان خان چانڊيو ۽ اين اي 207 جي چونڊيل ايم اين اي نوابزاده عامر خان مگسي پنهنجي پنهنجي مستين ۽ موجن ۾ مگن آھن ۽ کين پنهنجي ووٽرن جي درد جي ڪائي خبر ڪانه آھي، اهڙن چونڊيل نمائندن جي اهڙن پرڪارن تي پاڻ صرف افسوس ئي ڪري سگهون ٿا. ڳالهه صرف ٻن چونڊِيل نمائيدن جي غير ذميواري ناهي پر خود رئيس وڏو پاڻي جي معاملي ۾ سڀ کان وڌيڪ آبادگارن جي حصي جو پاڻي زوري کيو پيو وڃي ان مقصد خاطر ان پنهنجي خاص ماڻهو علي حسن زرداري کي گذريل ٻن صوبائي حڪومتن دوران آبپاشي جو خاص صلاح ڪار مقرر ڪيو، جنهن همراهه سنڌ جي سمورين بيراجن، ڪينالن ۽ شاخن جي کاٽي ۽ مرمت جي لاءِ رکيل ڪروڙين اربين رپيا هرف ڪري پنهنجي آقا جي حوالي ڪري ڇڏيا. جنهن جي ڪري اهو ئي سبب آهي جو هن وقت سنڌ ۾ خاص ڪري مٿي ذڪر ڪيل علائقن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي..

    (نوٽ: سندن جي هن ”ڪالم“ کان بعد۾ وارهه تعلقي جي ڪافي شاخن ۾ پاڻي اچي ويو هيو.. )
     
    آخري ترميم: ‏15 نومبر 2018

هن صفحي کي مشهور ڪريو