• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

رفعت مشرف ابڙو

ثروت ابڙو

سينيئر رڪن
رفعت مشرف ابڙو
رب تعاليٰ هر انسان کي مختلف صلاحيتن ۽ جذبن سان نوازيو آهي، ڪجهہ انسان پنهنجي لاءِ جيئندا آهن، ڪجھه ٻين لاءِ روشني مثل هوندا آهن جيڪي رب جي خلقيل دنيا ۽ ان ۾ رهندڙ هر مخلوق لاءِ امن ۽ ڀلائي جو جذبو رکندا آهن ۽ انھن لاءِ وس آهر ڪوشش پڻ ڪندا آهن.
اهڙي ئي هڪ شخصيت، شمس الدين “بلبل“ جِي پڙپوٽِي رفعت مشرف ابڙو به آهي، دنيا جي سمنڊ ۾ ان جو ڪم کڻي هڪ ڦڙي جيترو هجي پر مقصد عظيم آهي.
“ بلبل“ خاندان جون سنڌي ٻولي ۽ مسلمانن لاءِ ڪيل خدمتون ڪنھن تعارف جون محتاج ناهن. مشرف الدين ابڙو ۽ رفعت ابڙو جي ڪوششن سان سنڌيالاجي ۾ “ شمس الدين بلبل“ ڪارنر پڻ کوليو ويو. رفعت ابڙو سوشيالوجي ۾ ايم.اي ڪئي آهي، ۽ غريب بي پهچ ماڻهن جي مدد جو جذبو رکي ٿي، سندس سوچ اها آهي ته معياري تعليم هر ٻار جو حق آهي. ملڪ ۾ امير ۽ غريب لاءِ تعليم جو هڪ ئي معيار هجڻ گھرجي ۽ ديني تعليم نصاب جو حصو هجي. هر ٻار کي ان جي ديني تعليم جي معنيٰ سندس ٻولي ۾ سمجھائي وڃي جنهن جو انتظام اسڪول ۾ ئي هجي.
رفعت ابڙو پهنجي وَر مشرف الدين ابڙوجي مدد سان هڪ اداري “ شمس الدين بلبل فائونڊيشن“ جو بنياد وڌو جيڪو بي پهچ ماڻهن لاءِ اميد جو ڪرڻو آهي.
هتي ٻارن کي ديني تعليم ۽ ٽيوشن ۽ ڪمپيوٽر ڪورسز بلڪل مفت ڪرايا ويندا آهن.
نياڻين ۽ عورتن لاءِ تعليم بالغان جو پڻ انتظام آهي، ان کان علاوه غريب عورتن لاءِ گھريلو هنر جي سکيا جو پڻ انتظام آهي جنھن ۾ سلائي، برٿ، ٽڪ، رڌپچاءُ، بيوٽيشن ۽ ڪمپيوٽر ڪورسز شامل آهن جيڪي سڀ في سبيل الله سيکاريا ويندا آهن.
شمس الدين بلبل فائونڊيشن ۾ ضرورت مند شاگرد اچي مستفيد ٿين ٿا ۽ پنهنجا ٻيا مسئلا پڻ ٻڌائن ٿا جن جِي ادِي رِفعت وس آهر مدد ڪندي آهي. ان ڪار خير ۾ ادِي رفعت سان گڏ سندس ور مشرف الدين ابڙو ۽ ڪجهہ فيملي ميمبرس ۽ ڄاڻ سُڃاڻ وارن جي مالي سهڪار پڻ آهي.
انهن سماجي ڀلائي جي ڪمن ۾هيٺ ڏنل ڪم شامل آهن:
نياڻين جو مناسب ڏاج، ڪنهن کي روزگار کولي ڏيڻ ۾ مدد، ڪنهن جو علاج ڪرائڻ، ڪنهن کي گھر ٺھرائڻ ۾ مدد ڏيڻ، بيواه عورتن جي گھر لاءِ راشن ۾ مدد ڏيڻ، معذورن لاءِ آسان روزگار جو بندوبست ۽ يتيم ٻارن جي تعليم جو خرچ ۽ اهڙا ئي ڪجهہ ٻيا ڪم پڻ شامل آهن.
رمضان مبارڪ ۾ ضرورت مند ٻارن لاءِ عيد جا ڪپڙا ۽ سندن گھرن لاءِ راشن به مهيا ڪيو ويندو آهي جيڪو مختلف ڳوٺن ۾ ڏنو ويندو آهي. ان کان سواءِ هر جمعي تي عام ماڻهن لاءِ خيرات جوبندوبست ڪيو ويندو آهي.
رفعت مشرف ابڙو جي ڪيل ڪمن ۾ ٿر جي هڪ ڳوٺ ۾ پرائمري اسڪول کولڻ ۽ ٻهراڙي ۾ ڪجهه گورنمنٽ اسڪول ايڊاپٽ ڪرڻ شامل آهن جيئن ته اهي اسڪول ننڍن ڳوٺن ۾ آهن جن ۾ گھڻي ڀاڱي غريب شاگرد آهن تن ۾ اسڪول يونيفارم، ڪتاب ۽ ٻيون شيون ڏيڻ به شامل آهن.
هينئر رفعت مشرف ابڙو شمس الدين بلبل چيئر قائم ڪرائڻ ۽ شمس الدين بلبل جو سبق نصاب ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ، جيڪو اڳ ۾ نصاب جو حصو هيو ۽ ڪجھ ماڻهن جي لاپروائي جي ڪري نصاب مان ڪڍيو ويو آهي ۽ ميهڙ ۾ شمس الدين بلبل جي ڪوششن سان ٺهرايل اسڪول تي سندس باني جو نالو پڻ رکائڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي.
ادي جي ڪيل سماجي خدمتن کي نظر ۾ رکندي فرينڊس ڪلب آف پاڪستان کيس 2 دفعه شهيد مُحترمه بينظير ڀٽو ايوارڊ سان نوازي ان جي حوصله افزائي ڪئي.
ڀيڻ رفعت لاءِ دُعا آهي ته رب پاڪ کيس صحت عطا فرمائي ۽ سندس خوابن کي حقيقت جو روپ ڏئي جيڪي هو پهنجي ملڪ لاءِ ۽ ضرورت مند ٻارن لاءِ ڏسي ٿي ته هر ٻار جون بنيادي ضرورتون بنا تڪليف جي پوريون ٿين، جن ۾ کاڌو،گھر، لباس، علاج ۽ معياري تعليم شامل آهن .
توهان هنن لنڪس تي ڪلڪ ڪري سندس ڪيل ڪجهہ سماجي ڪم ڏسي سگھو ٿا.
www.sbf-pk.org

https://web.facebook.com/profile.php?id=191490281248428&ref=br_rs


ليکڪ: ثروت نعيم ابڙو.
GOWJkz.jpg
 
آخري ترميم:
Back
Top