فري سرور ويب سائيٽ ڪيئڻ ٺاهجي؟

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ ايم ايڇ جمالي طرفان آندل موضوعَ ‏16 نومبر 2018۔

?

اوهان کي هي ليک پسند آيو؟

  1. جي ها

    2 ووٽ
    100.0%
  2. جي نه

    0 ووٽ
    0.0%
هڪ کان وڌيڪ ووٽ ڏئي سگهجن ٿا.
  1. ايم ايڇ جمالي

    ايم ايڇ جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 جون 2010
    تحريرون:
    138
    ورتل پسنديدگيون:
    261
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    نواب شاهه
    فري سرور ويب سائيٽ ڪيئڻ ٺاهجي؟

    فري ويب هوسٽنگ ۽ خريد ڪيل ويب ڊومين ۾ ڪهڙو فرق هوندو آهي....

    دوستو هر ڪو چاهيندو آهي ته هو پنهنجي ڪا ويب سائيٽ يا بلاگ ٺاهي جنهن تي پنهنجي آٽو بايو گرافي يا پنهنجي متعلق ذاتي مواد رکي سگهي، جيڪو انٽرنيٽ ذريعي پوري دنيا پڙهي، ڏسي ۽ ٻڌي سگهي. ان جي لاءِ هميشه مختلف ڪمپنيون ويب هوسٽنگ ۽ بلاگ هوسٽنگ جون سهولتون مهيا ڪنديون آهن. اگر اوهان ڊومين خريد ڪرڻ چاهيندا آهيو ته ان جي ماهانه يا سالانه ڊالرز ۾ فيس ادا ڪرڻي پوندي آهي، پر ڪافي ويب هوسٽنگ ڪمپنيون اها سهولت فري ۾ مهيا ڪنديون آهن...

    فري ويب هوسٽنگ ۽ ڊومين خريد ڪرڻ ۾ ڪهڙا فيچر هوندا آهن.. ياد رهي ته جيڪا ويب هوسٽنگ ڪمپني اوهانکي ماهانه يا سالانه فيس عيوض توهانجي مرضي جو ڊومين ڏيندي آهي، اها ويب سائيٽ جي مواد، مختلف فيچرز ۽ ويب سائيٽ پبلشنگ ۽ ان کي مختلف سرچ انجنز تي لانچ ڪرڻ جي مڪمل پابند هوندي آهي، ان کان علاوه مقرر بينڊز وڊٿ به مهيا ڪندي آهي ۽ اگر ويب سائيٽ هيڪ ٿي وڃي ته ان کي ري،اسٽور ڪرڻ جي لاءِ بيڪ اپ ڏيڻ جو فيچر پڻ مهيا ڪندي آهي، جڏهن ته فري ويب هوسٽنگ ڪمپني اُهي تمام سهولتون مهيا نه ڪندي آهي ۽ کوڙ سارا فيچر ان ۾ غير فعال هوندا آهن... مثال طور ان ۾ ويب سائيٽ بيڪ اپ نه هوندو آهي، SEO يعني سرچ انجن آپٽيمائيزيشن جي سهولت موجود نه هوندي آهي. پر پوءِ به ڪافي ساريون ويب هوسٽنگ ڪمپنيون اهي فيچر به مفت ۾ مهيا ڪنديون آهن...۽ اگر ڪا ويب سائيٽ هيڪ نه ٿئي ته سالن تائين اها فري سرور ويب سائيٽ اوهان هلائي سگهو ٿا، جنهن ۾ اوهان بلاگ ٺاهي سگهو ٿا، پنهنجي ويب سائيٽ ٺاهي سگهو ٿا...

    فري سرور ويب سائيٽ ۽ خريد ڪيل ڊومين ۾ ڪهڙو فرق آهي؟

    ياد رهي ڊومين خريد ڪرڻ واري ڪمپني اوهانکي اوهانجي پسنديده نالي جي ڊومين مهيا ڪندي آهي ۽ پنهنجي ڪمپني جو سب ڊومين ان ۾ هر گز شامل نه ڪندي آهي...

    جيئن www.sindhsalamat.com , www.pechro.com اوهان ڏسندا ته ڊومين جي نالي جي اڳيان ڊاٽ ڪام ڏنل آهي مطلب اهو ڊومين خريد ڪيل آهي، ان نالي سان ساڳيو ڊومين ڪو ٻيو خريد نٿو ڪري سگهي، اهي مختلف ايگزٽينشن هوندا آهن. .Com مان مراد ڪمرشل، .Gov مان مراد گورنمينٽ جيڪو ڪنهن گورنمينٽ جي ويب سائيٽ يا سرڪاري بلاگ جي لاءِ استعمال ٿيندو آهي، .Org هي ايگزٽينشن ڪنهن تنظيمي يا فلاحي اداري جي لاءِ استعمال ٿيندو آهي.

    جڏهن ته فري سرور ويب سائيٽ اوهانکي پنهنجي مرضي جو ڊومين سليڪٽ ڪرڻ مهل آخر ۾ سب ڊومين پنهنجي ڪمپني جو مهيا ڪندي آهي، جنهن سان ان ڪمپني جي فري ايڊورٽائيزنگ ٿيندي رهندي آهي.

    مثال طور مون ڪجهه فري سرور ويب ڊزائين ڪيا آهن، جيڪي ڪاميابي سان هلي رهيا آهن مثال طور www.mh-jamali.webnode.com

    www.sistech-sanghar-edu.webnode.com , www.pat-nws.webnode.com وغيره جن تي ڪافي سارا پيسا به ڪمائي چڪو آهيان، اوهان ڏسندئو ته منهنجي سليڪٽ ڪيل ڊومين کان پوءِ ڪمپني جو سب ڊومين ۽ بعد ۾ ڊاٽ ڪام ڏنل آهي...مطلب فري سرور ويب ڊزائين ڪرڻ لاءِ اوهانکي اها ويب هوسٽنگ ڪمپني اوهانجو منتخب ڪيل ڊومين ڏيڻ کانپوءِ پنهنجي ويب هوسٽنگ ڪمپني جو سب ڊومين ضرور ڏيندي آهي، اهو ئي فرق آهي فري ويب هوسٽنگ ۽ خريد ڪيل ويب ڊومين ۾...اميد ڪيان ٿو اوهانکي فري هوسٽنگ ۽ خريد ڪيل ويب ڊومين متعلق منهنجو هي مواد پسند آيو هوندو...
     
  2. محمد راشد شر

    محمد راشد شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2015
    تحريرون:
    214
    ورتل پسنديدگيون:
    279
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ڌنڌو:
    لکپڙه
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    بهترين ليک..
    بلاگنگ جي لاءِ آئون توهان کي بهتر صلاح اها ڏيندس ته ويب نوڊ جي بجاءِ توهان ورڊپريس تي مائگريٽ ٿيو.
    https://wordpress.com/
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ٻنهي سٺي ڳالهه ڪئي پر آئون وِڪس کي ترجيح ڏيندس، جو اُتي ٽيمپليٽ تمام گهڻا آهن.
     
    بوزدار مصطفى ۽ محمد راشد شر هيء پسند ڪيو آهي
  4. ايم ايڇ جمالي

    ايم ايڇ جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 جون 2010
    تحريرون:
    138
    ورتل پسنديدگيون:
    261
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    نواب شاهه
    ادا ڇا ورڊ پريس ۾ هاڻي سنڌي شامل ٿي وئي آهي...؟
     
  5. ايم ايڇ جمالي

    ايم ايڇ جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 جون 2010
    تحريرون:
    138
    ورتل پسنديدگيون:
    261
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    نواب شاهه
    ادا عبيد بلڪل وڪس ۾ تمام سٺا ٽيمپليٽس آهن ۽ ان ۾ فليش به آهي..؟ پر ڇا ان ۾ سنڌي سپورٽ آهي...؟
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  6. محمد راشد شر

    محمد راشد شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2015
    تحريرون:
    214
    ورتل پسنديدگيون:
    279
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ڌنڌو:
    لکپڙه
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ادا ٽيمپليٽ پاڻ کي ترجمو ڪرڻو پوندو.
     
  7. محمد راشد شر

    محمد راشد شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2015
    تحريرون:
    214
    ورتل پسنديدگيون:
    279
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ڌنڌو:
    لکپڙه
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جيڪڏهن بلاگ اسپاٽ blogspot تي ٺاهيو ته اهو به تمام بهتر آهي. بلاگر جا مڙئي ڪجهه ٽيمپليٽ سنڌي ۾ به ترجمو ٿيل آهن.
     
  8. بوزدار مصطفى

    بوزدار مصطفى
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2016
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    93
     
  9. بوزدار مصطفى

    بوزدار مصطفى
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2016
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    93
    سٺي ڄاڻ............زبردست.
    آئون پڻ اھڙو تجربو ڪرڻ چاھيان ٿو......ڇا مدد ڪندا؟
     
    محمد راشد شر هيء پسند ڪيو آهي.
  10. محمد راشد شر

    محمد راشد شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2015
    تحريرون:
    214
    ورتل پسنديدگيون:
    279
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ڌنڌو:
    لکپڙه
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جي ها!
    بلڪل اسان توهان جي مدد ڪنداسين
     
  11. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    سنڌي جي خبر ناھي، ڇوتہ مون ڪڏھن استعمال ناھي ڪيو، دوست ڪندا رھندا آھن.
     
  12. ايم ايڇ جمالي

    ايم ايڇ جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 جون 2010
    تحريرون:
    138
    ورتل پسنديدگيون:
    261
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    نواب شاهه
    جي ادا عبيد اوهان به بهترين ڳاله ڪئي آ...بلاگنگ ۾ ادو راشد مونکان وڌيڪ هوشيار آهي...مان اڄڪله ٽائيم گهٽ پيو ڏيان...شايد ان ڪري
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو