اوهان جي سونھن ساکي آ: ڪتاب ”ديوانِ سرمد“ تي سرسري نظر (فقير محمد سنڌي)

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏19 نومبر 2018۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,934
    ورتل پسنديدگيون:
    27,264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    اوهان جي سونھن ساکي آ

    ڪتاب ”ديوانِ سرمد“ تي سرسري نظر

    فقير محمد سنڌي

    سامي سڀُ ديدارُ، اٿيئي عجيبن جو،
    ڏِســي ٻُــڌي پــاڻ ٿـو، ٻولي ٻولڻھار،
    تِـرُ اُڪار آڪارُ، ڌاري آيو جڳ ۾. (سامي)

    دنيا جي پرک لاءِ الفاظ دل جي تحرير ثابت ٿيا آهن، جنھن کي زندگيءَ جي هر موڙ تي مڌر موسيقي سان جوڙي روح کي تازو توانو بڻائي خوشيءَ ۽ رقص کي شامل ڪري حسين خوابن جي تعمير ۾ پھاڙ جيڏا حوصلا بلند رکي سگهجن ٿا. اهڙا ئي مڌر غزل سرمد چانڊيي، “ديوان سرمد” ۾ شامل ڪيا آهن جيڪي پرين جي سونھن جون ساکي به آهن. ديوانِ سرمد ۾ تقريباً 149 غزل شامل آهن، جنھن ۾ چوونجاهه (54) اُچارن يا رديف ۽ قافين وارا اکر آندل آهن. سنڌي الفابيٽ لاءِ مختلف دؤرن ۾ گهڻي جدوجھد ٿي جنھن ۾ مذهبي ۽ سياسي ماڻهن وقت بوقت سنڌي لپيءَ لاءِ پئي ڪم ڪيو، نيٺ انگريز راڄ ۾ رسم الخط جي ماهرن 1853ع تي 52- اکرن کي ترتيب ڏئي مڪمل سنڌي رسم الخط کي محفوظ بڻايو، انھيءَ رسم الخط تي سائين سرمد “ديوان سرمد” ترتيب ڏنو آهي.
    سنڌ جو سڃاڻ شاعر راشدمورائي غزل بابت پنھنجي راءِ ڏني آهي ته،”سنڌي غزل رجعت پسند دؤر ۾ پيدا ٿيو. ترقي پسند دؤر ۾ نپنو ۽ اڄ جي سياسي اٿل پٿل ۽ اقتصادي ۽ سماجي نا برابري واري دؤر ۾ جواني ماڻي رهيو آهي.
    سنڌي ٻوليءَ ۾ غزل تي تمام گهڻا تجربا ٿيا آهن، پر ديوان ۾ غزل جون ڪجهه پابنديون آهن، الفابيٽ جي حوالي کان “الف” کان “ي” تائين ديوان ۾ شاعر کي نڀائڻو پوندو آهي جيڪو تمام مشڪل عمل آهي. اهڙي مشڪل عمل کي سرمد چانڊيي فني فڪري ۽ لساني پاسن کي مدِنظر رکي ڪري سرجيو آهي.
    غزل جي تاريخ عربستان، ايران ۽ برصغير جي ٻولين ۾ موجود آهي. غزل انتھائي گهڻو سفر ڪيو آهي. شاعراڻي اسلوب ۾ سرمد چانڊيي به ڪمال جي ڪوشش ڪري ديوان سرمد سان نڀايو آهي.
    ديوانِ سرمد جي پھرين غزل جو هڪ بيت، جيڪو پنھنجي حسناڪيءَ سان ڀرپور واس رکي ٿو.

    ٻول تنھنجا بانسري جان ٿي ٻُڌا،
    تنھنجو هرهڪ من ترانو، ياد آ.

    ڪنول پبليڪيشن قنبر جو 219 هون ڪتاب، “ديوانِ سرمد” آهي. سعيد سومرو جس جو مستحق آهي، جنھن جي ڪوشش ۽ ڪاوش سنڌي ادب ۾ پائدار حيثيت جي حامل آهي. “ديوان سرمد” جي ارپنا سنڌ جي سڄاڻ شاعر، محقق ۽ نثر نويس احمد سلطان کوسو جي نانءِ ٿيل آهي جيڪو ادب جو حسين اخلاقي پاسو پڻ آهي.
    ديوان سرمد جا پيش لفظ “مٽيءَ منجهه ممتا” جي عنوان سان صاحب ڪتاب پاڻ لکيا آهن، جنھن ۾ ڪجهه فني فڪري بحث به شامل رکيا آهن. ديوان سرمد جي ڇپائي جي سرپرستي سائين عبدالغفور جکري جن ڪئي آهي. انهيءَ جو مختصر تعارف به شامل آهي جيڪو تاريخ جو حصو بڻجي ويو آهي. سنڌ ۾ غزل جي شروعات ڪلھوڙا دور ۾ نور محمد خسته ڪئي، پر باقاعدي شروعات سچل سرمست ڪئي، پر جيئن ته هُو غزل جو صاحبِ ڪتاب بنجي نه سگهيو، تنھنڪري آخوند گل محمد “گل” هالائي غزل جو پھريون شاعر ليکجي ٿو. گل محمد هالائي ٻين شاعرن کان الڳ ٿي غزل جا رديف، سنڌي الف ب کي رديف طور استعمال ڪيو. سرمد سائين به ديوان سرمد ۾ سنڌي ٻوليءَ جي الفابيٽ کي نظر ۾ رکي ترتيب ڏني آهي.
    غزل موضوع جي لحاظ کان هر ٻوليءَ ۾ لکيو ويو آهي. سنڌي ۾ غزل کي نئين حسناڪين سان عام ۽ خوبصورت انداز سان سرمد چانڊيي پيش ڪرڻ ۾ ڪاميابي ماڻي آهي.
    اهڙي طرح ديوان سرمد غزل کي جمالياتي حسن وارو خوبصورت رنگ ۽ ويس جنھن ۾ تشبيھه نگاري ۽ استعارا نمايان طريقي سان شامل ٿيل آهن. احساسن جي لاءِ رنگن جي به پنھنجي اهميت آهي جنھن کي شاعر پنھنجي لفظن جي احساسن سان عام جي دل ۽ ذهن تي نقش جي صورت ۾ چِٽين ٿا جيئن سرمد سائينءَ جي هنن غزلن جي بيتن ۾ خوب ملن ٿا.

    شـوخ گـهـوڙي کي ڏجي لوهو لغام!
    ڪونه جهليو تون هڻي ٿو کام کاٻَ.
    **
    پيرَ اُجرا رڪاب ڪارو آ،
    حسن گورو نقاب ڪارو آ.

    يا

    رنگ هڪڙو هزار تشريحون،
    ڏوهُـه اُجــرو، ثــواب ڪارو آ.
    **
    اسان وٽ شاهه جو تنبور، وايون،
    اڙي “ســرمــد!” سھارا زندگي جا.

    **
    حُسن جي تعريف ۾ سورج کڙيا، تارا کڙيا،
    چـنـڊ چـؤپـارا کـڙيا، ڌرتي کڙي، چارا کڙيا.

    **
    شھر سارا روشنين سان ٿي منور جو پيا،
    پيار جي پرڀات سان در دريون جارا کڙيا.

    هوريڪ جو خيال آهي ته تصوير هڪ نظم آهي، بنا لفظن جي. تڏهن ته ارسطو جي روح ڀڙڪو کائي چيو ته، شاعري، سڀني لکڻين کان وڌيڪ حڪمت واري شيءِ آهي.
    ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي، پنھنجي ڪتاب “سنڌي پھاڪا: لسانياتي ۽ سماجي-ثقافتي اڀياس” ۾ لکي ٿو ته،آوازي تند جي لحاظ کان سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻي مکيه خاصيت جيڪا پراڪرت دؤر کان وٺي پيدا ٿي آهي، اها آهي چار چُوسڻا آوازي تت (ڳ، ڄ، ڏ، ٻ) ۽ ڱ، ڃ نوناسڪ (نڪوان) وينجن انهن جو جيڪڏهن سنڌيءَ ۾ صحيح اُچار نه ڪبو ته گهربل معنى نه ملندي. اهڙي طرح سرمد سائين ديوان سرمد جي پيش لفظ ۾ سنڌي ٻوليءَ جا حروف پنھنجي اچارن وارا آهن، ڪي کڙڪڻا حروف آهن ته ڪي، ٺڪ ٺڪ وارا ٺھڪڻا اکر آهن. ڪي وڍڻ يا ڊاهڻ وارا ڀڃ گهڙ وارا اکر آهن، ته ڪي وري ڳجها اکر آهن، ته ڪي وري ڇڪ ۽ ڀڪ وارا اکر آهن، ڪي ٿيڙن ۽ ڪي ٿھمر وارا اکر آهن. پَٽَ سَٽَ وارا اکر آهن ته ڪي چڪ ۽ ڌڪ وارا اکر آهن. اهڙا حروف غزل جي ترنم لاءِ مخصوص ڪرڻ، غزل جي ملائم ۽ نازڪ نفيس مزاج لاءِ ڪجهه اوپرا محسوس ٿيا. پر هڪ لساني نموني جو مجموعو رچي راس ڪرڻو هو، سو پورو ڪيم.”
    غزل هڪ برجستي صنف آهي، جنھن کي 21 – صدي ۾ طاقتور، عالمگير ۽ جماليات گڻ رکندڙ منظوم صنف ۾ شامل ڪيو ويو آهي. اوهان جي سونھن ساکي آ، ديوانِ سرمد ۾ سرمد سائين، مردف ۽ مقفا غزل شامل ڪيا آهن.
    163 پيج وارو غزل، هڪ ساهي ۽ رواني سان پڙهي سگهجي ٿو، جنھن مان پڙهندڙ به غزل جي حسناڪي مان خوب لطف ماڻي سگهندا.

    غزل جي شام، شرابي جام، اوهان جي نانءِ،
    گهٽيون ۽ گام، امر انعام، اوهان جي نانءِ.
    عجب انداز، نوان آواز، صنم سُر ساز،
    خوشيون خوش ڪام، پرين گلفام، اوهان جي نانءِ.
    هزارين عڪس، نرالا رقص، اري من هنس!
    سچي ڌُم ڌام، پرين پرنام، اوهان جي نانءِ.
    اکين جا آر، برهه جا بار، نوان اقرار،
    امر انجام، وچن و سرام، اوهان جي نانءِ.
    اچو دلدار، اکين جا ٺار، وڇايان وارَ،
    لڳاسين لام، سھارا سامَ، اوهان جي نانءِ.
    اهو سرمد اها موکي اها ئي مَڌ،
    سمورا ٺاهه، سمورا ٺام، اوهان جي نانءِ.

    شيخ سعديءَ چيو ته: حُسن بغير سينگار جي دل کي موهي وجهي ٿو. سادگي وڏي ۾ وڏو حسن آهي، سادگي فطرت جي ڏات ۾ شامل آهي. عشق انسان جي ازلي ذات ۾ شامل آهي.

    سرمد سائين جي غزل جو بيت آهي ته:
    اسان عشق وارن جي ڪھڙي حياتي،
    ســدائين پــريــن لاءِ ڪـانـگا اڏارڻ.

    ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي، سنڌ جي ناليواري دانشور جامي چانڊيو جي راءِ آهي ته،”سرمد چانڊيو رڳو شآعر ناهي پر هڪ اديب به آهي. هن جو نثر بيحد حسين آهي، هو مضمون نگاريءَ ۽ ادبي پرک جو به وڏو ماهر ۽ ڄاڻو آهي. سرمد جو هي ديوان سنڌي شاعراڻي تخليقي سفر جو هڪ نئون تعارف آهي، جنھن ۾ هن غزل جي صنف تي ساڳي نواڻ سان تخليقي طبع آزمائي ڪئي آهي.
     
    صدا حسين هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو