سهڻي نبي جي آئي ٿيا چوڌاري چمڪار..!

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏20 نومبر 2018۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    (12هين ربيع الاول جي مناسبت سان)

    شرف الدين مرکنڊ ( تعلقه وارهه)


    اسلامي مهينن جي حوالي سان ٽيون مهينو “ربيع الاول” جو مهينو آهي. ربيع جي لفظي معنى آهي بهار، ۽ اول جي معنى آهي پهرين. هن لفظ جي گڏيل معنى هي ٿيندي ته “پهرين بهار” هن مهيني جي نالي رکڻ جو سبب هي آهي ته جڏهن ان جو نالو رکيو پئي ويو ته تڏهن بهار جي موسم هئي. علامه غياث الدين بن جلال الدين بن شرف الدين ساڪن شهر مصطفى آباد عرف رامپور متعلق ڳوٺ شاهه آباد لکنؤ سرڪار سنبهل قريب دارالحڪومت شاهه جھان آباد (انڊيا) لکيو آهي ته جڏهن هن مهيني جو نالو رکيو پئي ويو ته تڏهن بهار جي موسم هئي. مگر اسان مصطفى ڪريم ﷺ جي سچن شيدائين، محبن ۽ مستانن وٽ انهن ظاهري عارضي بهارن کان نظر ڦيرائيندي هڪ ٻي حقيقي بهار آهي، جنهن جي صدقي ربيع الاول مهيني کي وڏي اهميت ۽ عزت ملي آهي، ۽ اها بهار اُها آهي جنهن سان هستيءَ جي گلزار ۾ رونق آئي، عدلت ۽ شجاعت جنهن جو مرڪندي استقبال ڪيو، ۽ سچ ۽ امانت جون شمعون ان کي ڏسي وڌيڪه چمڪڻ لڳيون، صرف اهو ناهي پر ايران جي مجوسين، باهه جي پوڄارين جو باهه وارو آتشڪنده وسامي ويو، ايوان ڪسرى ۾ ڏار پئجي ويا، روم جي عظمت فلسطين جي شوڪت مصر ۽ عجم جي شان ۽ مان ۾ زلزلو اچي ويو، بت خانن ۾ ماتم جي ڪيفيت ٿي وئي، لات ۽ عزا جي عظمت مٽيءَ ۾ ملي وئي، يهودين جو اتحاد ۽ نصرانيت جي ٻڌي ٽٽي ٽڪرا ٿي وئي، طاعونيت اونڌي، قارونيت مغلوب ۽ مظلوميٽ گم ٿي وئي، اها بهار ٻنهي جھانن جي تاجدار ڪون و مڪان جي سردار، لامڪان جي سياح، حسن ۽ جمال جي بي مثال مصدر، ڪمالات جي مخزن، تجليات جي منبع انوار جي مطلع، يتيمن جي ماوى محتاجن جي ملجا، سيده آمنه جي لال، حضرت محمد مصطفى ﷺ جي آمد جي بهار آهي. جيئن ته هن پياري ر بيع الاول مهيني جي 12هين تاريخ جي اچڻ سان ئي تمام عاشقانِ رسول ﷺ جي دلين ۾ هڪ نئين بهار (خوشي ۽ مسرت) پيدا ٿي ويندي آهي، ان خوشيءَ جي اظهار ڪرڻ جي لاءِ هر مسجد، هر ڳوٺ، هر وسندي، هر واهڻ، هر گلي ۽ هر گھرن ۾ ميلاد مصطفى ﷺ جون ڪانفرنسون ،محفلون ۽ جلسن کي منعقد ۽ سجائيو ويندو آهي، جن ۾ حضور اڪرم ﷺ جي پياري تعليمات کي بيان ڪيو ويندو آهي، جن ۾ حضور اڪرم ﷺ جي پياري حسن اخلاق کي بيان ڪيو ويندو آهي، جن ۾ حضور ڪريم ﷺ جي ذات تي درود و سلام جو نظرانو پيش ڪيو ويندو آهي، جن ۾ حضور اڪرم ﷺ جي شان اطهر ۾ نعتون ۽ مولود شريف پڙهيا ويندا آهن، جن ۾ سندن جي تاريخ (سندن جي دؤر) کي بيان ڪيو ويندو آهي، جن ۾ سندن جي انسان ذات سان محبت کي بيان ڪيو ويندو آهي. جن ۾ سندن جي حالات (زندگي مبارڪ) کي بيان ڪيو ويندو آهي. محبوب ڪريم ﷺ جي يوم ولادت باسعادت تي خوشيءَ جو اظهار ڪرڻ، محفل ميلاد النبي ﷺ ڪرڻ، ۽ جشن عيد ميلاد النبي ڪريم ﷺ ملهائڻ هڪ مؤمن ٻانهي جي لاءِ هڪ وڏي سعادت ۽ خوش نصيبي آهي، جنهن کي تاريخ به پڻ بيان ڪيو آهي. تاريخ گواهه (شاهد) آهي ته هن دنيا ۾ لکين ڪروڙين اربين کربين انسان پيدا ٿيا آهن، ۽ جيڪي اڳتي به هلي ڪري پيدا ٿيندا رهندا تا قيامت تائين، پر اسان جي پياري پيغمبر حضور اڪرم ﷺ جن جھڙي شخصيت جھڙو مثال دنيا ۾ ملڻ محال آهي. هن عظيم پيغمبر انسان تمام ٿورڙي مدت ۾ انسان ذات کي ظلم ۽ اونداهيءَ مان ڪڍي ڪري عدل ۽ روشنيءَ جي راهه ڏي آندو، ۽ انسان ذات کي ڀائيچاري، محبت، محنت ۽ خدا ترسي جي اهڙي راهه ڏيکاري جو جيڪو هن راهه تي هلي ڪري پنهنجي انسانيت جي حقيقي مقاصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب بڻجي وڃي ٿو. ۽ ان ۾ ڪو به (گمان) شڪ ناهي ته دنيا ۾ حضور اڪرم ﷺ مخلوق سان پيار، محبت، امن ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو نه هجي، انسانن کي ته ڇا پر جانورن جا به حقوق سيکاريا. ۽ انهيءَ حسن سلوڪ جو سبق تمام پوري ڪائنات وارن جي لاءِ راههِ هدايت جو سبب بڻجي ويو. جنهن هستيءَ هن دنيا جي بهتري لاءِ رات ڏينهن محنتون ڪيون ان ڪائنات جي محبوب نبي ﷺ جي ولادتِ باسعادت ربيع الاول جھڙي ڀلاري مهيني ۾ ٿي. هن مهيني (ربيع الاول) جي اچڻ سان ئي پوري دنيا جي رونق تبديل ٿي وڃي ٿي، هر طرف ان پاڪ هستيءَ جي عمل و اخلاق سيرت و ڪردار جون محبت ڀريون جھلڪيون نظر اچڻ شروع وڃن ٿيون، جنهن کي ڏسي دل باغ بهار خوبصورت بنجي وڃي ٿي. حضور نبي ڪريم ﷺ جي ولادت باسعادت سان انسان ذات کي غلامي جي قيد کان ۽ دنيا کي ڪفر و الحاد جي اونداهي کان نجات جو چوٽڪارو مليو، حضور ڪريم ﷺجي ولادت ۽ بعثتِ مبارڪ انسان ذات جي لاءِ الله تعالى جو وڏو عظيم احسان آهي، حضور اڪرم ﷺ جي آمد مبارڪ سان غلامن، ڪمزورن، مظلومن، ٻارن، عورتن ۽ پوڙهن کي به حق مليا. حضور ڪريم ﷺ جي ولادت باسعادت هن ڪائنات جي لاءِ عيظم ترين واقعو آهي. جنهن سال الله جي پياري رسول اڪرم ﷺ جي ولادت مبارڪ ٿئي ان سال الله تعالى پوري عرب جي عورتن کي پٽن جي اولاد سان نوازيو، مڪي پاڪ يا دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جتي به ڪنهن عورت کي ٻار ڄائو سي سڀ ميلاد شريف جي برڪت سان ان کي پٽ پيدا ٿيو. ڇو ته عام طرح سان ڏٺو ويو آهي ته پٽ جي پيدا ٿيڻ جي گھڻي خوشي محسوس ٿئيدي آهي، ۽ نياڻي جي اولاد کان نفرت ڪئي ويندي آهي، جيڪا اڄ اسان جي معاشري ۾ به بيماري موجود آهي. پٽ جي ڄمڻ سان گھڻي خوشي ڪئي ويندي آهي ۽ نياڻي جي ڄمڻ سان گھٽ خوشي ڪئي ويندي آهي. جنهن دؤر ۾ الله جي رسول جي آمد ٿئي ان دؤر ۾ نياڻي (ڌيءَ) کي زنده دفن ڪيو ويندو. جنهن ڏينهن حضور ڪريم ﷺ جن هن جھان ۾ تشريف کڻي آيا، ان ڏينهن کان وڌيڪ ٻيو ڏينهن نه ٿو ٿي سگھي ايمان وارن جي لاءِ . ۽ ان جي ئي ڪري اڄ پوري دنيا جا مسلمان پنهنجي آقا ﷺ جي يوم ولادت جي ڏينهن کي خوشي ۾ گذاريندا آهن، پنهنجن ڳوٺن، پنهنجن شهرن، پنهنجن هنڌن تي پنهنجي آقا جو ميلاد ڪندا آهن ۽ ان ميلاد شريف ۾ پنهنجي مسلمان ڀائرن کي گڏ ڪندا آهن، مون ڪنهن ڪتاب جي اندر هڪ ڳالهه پڙهي هئي جيڪا اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪرڻ جو موقعو مليو آهي ته حضرت شاهه ولي الله محدث دهلوي (جيڪو چوٽي جو پڻ عالم هيو پنهنجي دؤو) لکيو آهي ته حضرت عبدالرحيم رحمة الله عليه هر سال وڏي اهتمام سان حضور اڪرم ﷺ جو ميلاد شريف ڪندو هيو، ۽ اهو پنهنجي پاڙيسرين کي دعوت ڏيندو هيو، هڪ دفعي سندن کان هڪ سال ڪنهن سبب جي ڪري مسڪيني حال ٿئي ويو، ۽ گھر ۾ به ڪجھه موجود نه هيو جو پاڻ حضور ڪريم ﷺ جو ميلاد شريف ملهائن، پوءِ پاڻ ڀڳڙا وٺي ڪري اهي الله جي رسول جي ميلاد شريف جي خوشيءَ ۾ تقسيم ڪيائون، پر پاڻ پنهنجي دل ۾ سوچن پيا ته اهو غريباڻو ميلاد شريف قبول پيو الائي نه؟ ان رات پاڻ خواب ۾ ڏٺائون ته سرڪار مدينہ ﷺ جي بارگاهه مبارڪ (محفل) لڳي پئي آهي، ۽ ان ۾ پاڻ به ويٺا آهن ۽ سندن جي سامهون اها ڀڳڙن جي ڳنڍ به موجود پيل آهي، پاڻ مسڪرائي فرمائين ٿا ته غم نه ڪر، تنهنجي ڀڳڙڻ جي ڳنڍ اسان جي بارگاهه ۾ پهتي آهي ۽ اسان ان کي قبول ڪيو آهي. ميلاد شريف ڪرڻ وارن کي ان جي برڪت جي خبر هوندي ته ميلاد شريف ڪرڻ ۾ ڪيڏي برڪت ۽ خوشي آهي. الله تعالى کان دعا آهي ته اسان سڀني مسلمانن کي پنهنجي حبيب جي سچي پڪي محبت عطا فرماءِ ۽ ان جي ڏنل تعليمات تي هلڻ جي اسان سڀني مسلمانن کي توفيق عطا فرمائي .....(آمين)
    (روزاني “ڪوشش” روزاني ارداو، روزاني ڪلياڻ، روزاني نواء سنڌ، روزاني سڪار، روزاني پاڪ ڪراچي، روزاني عوامي سنڌ، روزاني فاسٽ ٽائيمز ۽ روزاني پورهيو ۾ شايع ٿيل بتاريخ 12 ربيع اولال بمطابق 21 نومبر 2018ع)
     
    آخري ترميم: ‏22 نومبر 2018

هن صفحي کي مشهور ڪريو