حضرت سهڻا سائين رحه جن جون دين اسلام ۾ خدمتون..!

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏22 نومبر 2018۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    35 هين سالانا عرس مبارڪ جي مناسبت سان

    شرف الدين مرکنڊطاهري (وارهه تعلقه)
    دنياجي اندر ڪيترن ئي ناليوارن ۽ عظيم شخصيتن جنم ورتو آهي، جن پنهنجي پنهنجي زماني ۾ پنهنجن قومن،پنهنجن قبيلن ۽ پنهنجن ملڪن جي لاءِ جدجهد ۽ قربانيون ڏئيوڏي عظمت ۽ شان مان مرتبو حاصل ڪيو آهي.انهن ۾ حضور سهڻا سائين غفاري نقشبندي رحه جن کي به شمار ڪيو وڃي ٿو. حضرت سهڻا سائين رحه دنيا جي اها عظيم شخصيت آهي، جنهن پنهنجي سموري زندگي انسان ذات جي خدمت، انهن جي اصلاح ۽ شريعت محمدي صه جي رنگ ۾ رڱڻ جون ڪوششون ڪيون ۽ ڪيترن ئي ڀٽڪيل انسانن کي راهه راست تي آندو.
    نالو ۽ نسب:
    قريشي، عباسي خاندان جا يادگار چشم وچراغ ۽ سلسله عاليه نقشبنديه مجدديه جي سرواڻ، پيرطريقت، رهبر شريعت حضور سراج السالڪين جو نالو حضرت خواجه “الله بخش” عباسي غفاري نقشبندي مجددي هيو، سندن کي سهڻا سائين جي سهڻي لقب سان پوري دنيا ۾ سڃاتو وڃي ٿو. حضور سهڻا سائين رحمة الله عليه جن جي ولادتِ باسعادت 10 مارچ 1910ع ۾ قريشي عباسي خاندان جي هڪ معزز بزرگ صفت ۽ خوش قسمت انسان حضرت محمد مٺل قريشي عباسي رحمة الله عليه جي گھر، ڪنڊيارو تعلقي جي ڳوٺ خانواهڻ ۾ ٿي.
    ديني تعليم ۽ تربيت:
    قرآن ڪريم ۽ چئن جماعتن تائين پڙهڻ بعد پاڻ زراعت جي شعبي ۾ فائنل تائين تعليم حاصل ڪيائون. حضرت سهڻا سائين رحمة الله عليه جن جي دلي خواهش هئي ته ديني تعليم حاصل ڪري عالم جو ڪورس ڪجي، پنهنجي ان نيڪ خواهش کي پورو ڪرڻ جي لاءِ پاڻ ضلع لاڙڪاڻي جي ڀرسان ڳوٺ ڳيريلو جي مدرسي ۾ داخلا ورتائون ۽ ان وقت ان مدرسي جو صدرِ مدرس حضرت علامه و مولانا رضا محمد مگسي جن هيو، جيڪو بهترين استاد، بزرگي ۽ تقوى جي لحاظ سان تمام گھڻو مشهور هيو، ڪجھ ڏينهن گذرڻ کان بعد ۾ سنجيده مزاج، سادگي پسند، اديب ۽ خدمتگار شاگرد حضرت سهڻا سائين رحمة الله عليه جن کان مدرسي جي انتظاميه، استادِ ڪرام ۽ طلباءِ حضرات گھڻو متاثر ٿيا. خاص ڪري سندن جو استاد محترم حضرت مولانا رضا محمد مگسي، حضور سهڻا سائين جن جي پنهنجي تعليم سان محبت، سادگي پسندي، اعلى صلاحيتون ۽ اخلاق کي ڏسي سندن سان پنهنجي اولاد وانگر جيان محبت ڪندو هو. حضرت سهڻا سائين رحمة الله عليه عربي، فارسي جي تعليم مڪمل ڪري فارغ التحصيل عالم باعمل جي رتبي تي فائز ٿيا.
    والده جي خدمت ۽ ادب:
    پاڻ مدرسي مان وفقي وفقي سان پنهنجي ماءُ جي خبر ۽ سارلهڻ جي لاءِ ۽ پنهنجي امڙ جي زيارت ۽ خدمت جي لاءِ خانواهڻ شهر ۾ ايندا هئا. جيئن پنهنجي گھر ۾ داخل ٿيندا هئا ته والده ڏسي سندن کي الحمدالله، بسم الله جا الفاظ مبارڪ چئي ڪري سندن جي لاءِ خوشي جو اظهار ڪندي هئي، ۽ حضور سهڻا سائين رحمة الله عليه پنهنجي والده جي قدم بوسي ڪرڻ جي لاءِ گھڻي ڪوشش ڪندا هئا، پر سندن جي والده ماجده صاحبه سندن کي قدم بوسي يا هٿ چمڻ نه ڏيندي هئي. پاڻ ادب سان پنهنجي والده ماجده جي خدمت ۾ ويهي رهندا هئا، سندن جي والده ماجده خيريت ۽ حال احوال معلوم ڪرڻ سان گڏوگڏ هر هر دعائن سان پڻ نوازيندي رهندي هئي ته الله تعالى اوهان کي دين جو سچو عالم وفاضل ڪري ۽ ڊگھي عمر ۽ ان سان گڏ اولاد صالح عطا فرمائي. اهوئي سبب هيو سندن جي دعائن سان سندن کي الله تعالى صالح نيڪ اولاد عطا ڪئي هئي.
    شادي خانه آبادي:
    سندن جي پهرين شادي طالب علمي جي زماني ۾ ٿي. سندن جي رسم نڪاح ۽ وليمو نهايت سادگي سان شريعت مطهره جي عين مطابق ٿيو، سندن جي پهرين گھرواري جي انتقال کان بعد پاڻ سيد خاندان مان شادي ڪيائون جنهن مان سندن کي هڪ صاحبزادو محمد طاهر ۽ چئن نياڻين جو اولاد ٿيو.
    ديني ڪتابن ۽ علم جو احترام:
    پاڻ زمين تي ڪريل ڏسي ڪاغذ وغيره کڻي مٿي محفوظ جڳهه تي رکندا هئا، پاڻ انهن ورقن جو به احترام ڪندا هئا. ۽ پنهنجي جماعت توڙي مريدن کي به تاڪيد ڪندا هئا ته انهن جو احترام ڪيو.
    دين اسلام ۾ سندن جو خدمتون:
    سندن جي پوري زندگي دين اسلام جي خدمت ڪندي گذري، پاڻ سموري زندگي الله ۽ ان جي رسول جي پيغام کي عام ماڻهن تائين پهچائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏيائون، سندن جي محنتن سان سندن جا خليفا پاڪستان توڙي ٻاهرين ملڪن ۾ تبليغ دين جو ڪم بهتر نموني سرانجام ڏيڻ ۾ رڌل آهن، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو ڪيترائي غير مسلم، عيسائي، هندو، قادياني ۽ ٻين مذهبن جا ماڻهو دين اسلام جي دائري ۾ داخل ٿي ويا.
    تصوف:
    سندن جي طبيعت ننڍي هوندي کان ئي تصوف ڏانهن مائل هئي، پاڻ اولياء الله، اهل بيت عظام ۽ علماء ڪرام جو بي انتها ادب و احترام ڪندا هئا، سن 1353هه بمطابق 1934ع ۾ پاڻ، حضرت خواجه پير فضل علي قريشي نقشبندي جن جي بيعت ڪئي. سنه 1954ع ۾ جڏهن حضرت خواجه پير فضل علي قريشي نقشبندي جن جو وصال مبارڪ ٿي ويو ته ان کان بعد حضرت پير فضل علي قريشي نقشبندي جي پياري ۽ پرفيض خليفي حضرت خواجه عبدالغفار المعروف پير مٺا سائين رحمة الله عليه(المتوفى 8 شعبان المعظم 1384هجري مطابق 1964ع) جن جي دست بيعت ڪيائون. پاڻ تصوف جون منزلون پنهنجي مرشدن ڪريمن جي سائي ۾ طئي ڪندي قرب جو وڏو مقام حاصل ڪيائون ۽ کين سهڻا سائين جي لقب سان نوازيائون.
    حضرت پير مٺا سائين رح جي وفات کان بعد پاڻ بحيثيت جان نشين پنهنجي مرشد جي مشن، طريقه عاليه نقشبنديه جي فيوض وبرڪات سان عوام الناس کي فيضاب ڪرڻ واسطي جيڪو عام فهم ۽ آسان طريقو اختيار ڪيو، جنهن جو دور حاضر ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي. سندن جي شخصيت جي بنيادي خصوصيات ۾ سندن جي بي پناهه خلوص انتهائي نمايان هو جيڪو هر ڏسندڙ کي موهي وجھندو هيو. پنهنجي مالڪ حقيقي سان بي پناه خلوص يارانِ طريقت، مريدين وغيره سڀني سان خلوص ۽ بي لوث خِدمت دين هئي. ان سان گڏوگڏ ٻنهي جهانن جي سردار پاڻ سڳورن ﷺ سان عشق، صحابه ڪرام ۽ اهل بيت عظام جي محبت سندن جي فطرت جو خاص حصو هئي، ننڍن سان شفقت ۽ وڏن سان حسن اخلاق سان پيش اچڻ به سندن جي اهم وصف هئي. زندگي ڀر پاڻ الله جي ذڪر جو ڏس ڏيندا رهيا ۽ هر هڪ سان محبت جو پيغام ونڊيندا رهيا.الله ۽ ان جي رسول جو عاشق صادق ٻانهن تائين الله ۽ ان جي رسول جو پيغام پهچائڻ لاءِ زندگي ڀر مصروف رهيا.
    وفات:
    پاڻ 6 ربيع الاول 1404هجري بمطابق 12 ڊسمبر 1983ع تي هن بي وفا جھان کي الوداع چئي ڪري دارالبقا ڏانهن راهي ٿيا، سندن جي آخري آرامگاهه درگاهه الله آباد شريف تعلقه ڪنڊيارو ضلع نوشهرفيروز ۾ آهي. جتي سندن جو 35 هون ساليانو عرس مبارڪ 24 نومبر کان عقيدت ۽ احترام سان ملهائجي رهيو آهي، جنهن ۾ ملڪ سميت ٻاهرين ملڪن مان هزارين عقيدتمند شريڪ ٿي رهيا آهن، جماعت جي پريس ترجمان وفا شر طاهري مطابق تقريبن جو باقاعده افتتاح درگاهه الله آباد شريف ڪنڊيارو جو گادي نشين حضرت سڄڻ سائين، حضرت سهڻا سائين رحمة الله عليه جن جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني سان ڪندو، خصوصي نشست 25 نومبر آچر ڏينهن صبح جو ٿيندي، جنهن ۾ اجتماعي دعا پڻ گهرائي ويندي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو