سنڌي ٻولي جي انجنيئرنگ ۽ بقا!

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ مظهر علي ڏوتيو طرفان آندل موضوعَ ‏28 نومبر 2018۔

  1. مظهر علي ڏوتيو

    مظهر علي ڏوتيو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏9 جنوري 2016
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    پروفيسر
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو ۽ ڪراچي
    هي آرٽيڪل روزاني جيجل اخبار ۾ 28 نومبر 2018ع تي ڇپجي چڪو آهي، جنهنجي لنڪ هيٺ ڏجي ٿي
    http://dailyjeejal.com/e-paper/2018-11-28/news/page4/1 (5).htm

    هن وقت دنيا ۾ 6099 ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون جڏهن ته سوين ٻوليون مري چڪيون آهن يا ختم ٿي چڪيون آهن. ٻولي جي ماهرن اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ ڪجھ ڏهاڪن ۾ ٻولين جي اڪثريت مري ويندي يا ختم ٿي ويندي. ٻولي جي ختم ٿيڻ ۽ مري وڃڻ ۾ فرق اهو آهي ته جن ٻولين جو هڪ به ڳالهائيندڙ نه آهي ۽ نه ئي انهن جي لکت جو ڪواستعمال آهي ته انهن ٻولين کي ختم ٿيل ٻولي چئجي ٿو ۽ جن ٻولين جا ڳالهائيندڙ موجود نه آهن يا اهي ٻوليون صرف تاريخ جي صفحن ۾ موجود آهن ۽ انهن ٻولين جو لفظن جو ڀنڊار يا ڪارپس موجود آهي ته اهي مئل ٻوليون چورائجن ٿيون. هت ڪيتريون ئي اهڙيون ٻوليون آهن جيڪي ختم ٿيڻ يا مري وڃڻ جي مرحلي ۾ آهن جيڪي ڪجھ ڏهاڪن ۾ ختم ٿي وينديون يا مري وينديون. امريڪا، يورپ، آفريڪا ۽ ايشيا جون ڪيتريون ٻوليون ختم ٿي چڪيون آهن ۽ ڪيتريون وري مري چڪيون آهن.

    ڪنهن به سماج جي بناوٽ ۽ ان سماج ۾ رهندڙ ماڻهن جي حالتن، اخلاق، اٿڻي ويهڻي وغيره کي جاچڻ جو هڪ بهترين طريقو ان سماج ۾ استعمال ٿيندڙ ٻولي جي جاچ پڙتال آهي. ٻولي ماڻهن جا رويا، ڪرت، اخلاق ۽ معاشي حالتون وغيره ٻڌائيندي آهي. ماڻهو پنهنجي ٻولي جي ذريعي سڃاتو وڃي ٿو. ماڻهو جي گفتگو ان جي خاندان، تربيت ۽ ماحول کي ظاهر ڪري ٿي. سماج تي ٻولي جا ۽ ٻوليءَ تي سماج جا اثر ٿين ٿا. اهڙي طرح ٻولي قوم ۽ قوم ٻوليءَ کي زنده رکي ٿي. ٻولي انساني سماج ۾ ئي زنده رهي ٿي ڇاڪاڻ ته ٻولي انساني سماج جي پيداوار آهي، تنهنڪري ٻولي کي عوامي زبان چئي سگهجي ٿو. ٻولي کي ٺاهيندڙ به عوام هوندو آهي ۽ ختم ڪندڙ يا ماريندڙ يا بگاريندڙ به عوام هوندو آهي. ٻولي جو مطالعو بنيادي طرح قوم يا ان سان لاڳاپيل سماج جو مطالعو هوندو آهي. ٻولي جو مطالعو ئي قومن جي ترقي، تنزلي، سماجي حيثيت، معاشيات ۽ روين جي ڄاڻ ڏيندو آهي. ٻولي جو علم سائنس آهي جڏهن ته سائنس مشاهدن کا بغير نتيجا نه ڏيندي آهي. جيڪڏهن ٻولي کي سائنسي طريقن سان نه ماپيو ويندو يا ٻولي جو سائنسي طريقي سان مطالعو نه ڪيو ويندو ته خالي ڳالهين کانسواءِ ڪجھ به حاصل نه ٿيندو.

    ٻولي هڪ فطرتي عمل آهي جيڪو ماڻهو جي پيدا ٿيڻ سان ئي شروع ٿي وڃي ٿو. ماڻهو لاءِ ٻولي ايتري ئي ضروري هوندي آهي جيتري هوا، پاڻي، زمين، کاڌ خوراڪ، موسم، برسات، پيار، محبت، رشتا ۽ وغيره وغيره ڇاڪاڻ ته ماڻهو پاڻ هڪ فطرتي عمل جي پيداوار آهي تنهنڪري هو فطرت سان پيار ڪري ٿو ۽ فطرتي شين ۽ وسيلن کي استعمال ڪندي خوشي محسوس ڪري ٿو. جن قومن جون ٻوليون ختم ٿي ويون آهن، اهي قومون يا ته ختم ٿي ويون آهن يا پنهنجي سڃاڻپ وڃائي ويٺيون آهن يا صرف نالي ماتر زندھ رهيون آهن. اهي قومون يا انهن قومن جا فرد، جيسيتائين پنهنجي قوم جو تعارف نه ڪرائين تيسيتائين انهن فردن کي يا انهن جي قوم کي ڪوئي به سڃاڻي نٿو سگهي. انهن قومن جي ثقافت، تهذيب ۽ تمدن ختم ٿي چڪا آهن. سڄاڳ قومون پنهنجي مئل ٻولين کي به جيئاري وٺنديون آهن اهڙي طرح اهي ٻوليون پنهنجي اصلي حيثيت ۾ واپس اچي وينديو آهن مثال طوري هيبريو.

    سنڌي ٻولي دنيا جي پراڻين ٻولين مان هڪ شاندار ٻولي آهي جنهنجي پنهنجي تهذيب، تمدن، ثقافت، ڌرتي، قوم، تاريخ، گرامر، صرفيا ۽ سڃاڻپ آهي. هي ٻولي صدين کان مختلف لاهن ۽ چاڙهن مان نڪرندي آئي آهي. مختلف وقتن ۾ سنڌ تي ٿيندڙ ڪاهن ۽ حملن سنڌي قوم سان گڏ سنڌي ٻولي تي به اثر ڇڏيا پر سنڌي ٻولي پنهنجي اصليت، مضبوط بناوٽ ۽ تهذيب جي ڪري پاڻ کي بچائيندي آئي آهي. سنڌي ڏاهي ۽ ٻولي جي ماهر سراج الحق ميمڻ مطابق سنڌي ٻولي دنيا جي اصلي ۽ شاهوڪار ٻولي آهي جيڪا ٻي ڪنهن ٻوليءَ مان پيدا نه ٿي آهي. اهڙيءَ طرح سنڌي بوليءَ جي اصليت بابت ڪيترائي دليل ۽ حقائق ٻولي ۽ لسانيات جي ٻين ماهرن طرفان پڻ مختلف ڪتابن ۽ تحقيقي مقالن جي صورت ۾ پيش ڪيا ويا آهن.

    ٻولي صرف ڳالهائڻ جو ذريعو نه آهي پر هڪ مڪمل نظام آهي. ان نظام جو اگر هڪ حصو يا پرزو به ختم ٿي ويو ته نظام صحيح طريقي سان نه هلي سگهندو. تنهنڪري اهوضروري آهي ته نظام کي برقرار رکيو وڃي ۽ ان جي هر حصي يا پرزي جو صحيح طريقي سان خيال رکڻ سان گڏ صحيح طريقي سان استعمال ڪيو وڃي ته جيئن اهو نظام گھڻي وقت تائين هلي سگهي. جيئن ته ٻولي گھڻ رخي هوندي آهي جنهنڪري ٻولي جا موضوع به وسيع هوندا آهن جن تي ٻولي ۽ لسانيات جا ماهر تفصيل سان ڪم ڪري رهيا آهن. ان ڪم جي ڪري ئي دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين ترقي ڪئي آهي ۽ پوري دنيا تي پنهنجا اثر ڇڏيا آهن.

    هن مضمون ۾ صرف سنڌي ٻولي جي موجوده حالت، ترقي ۽ خطرن تي بحث ڪيو ويندو جيڪو ٻولي جو هڪ رخ ٿي سگهي ٿو. پاڪستان ۾ سنڌي قوم هڪ اهڙي قوم آهي جيڪا ٻين ثقافتن ۽ ٻولين جا اثر جلدي ۾ قبول ڪري ٿي، جنهنجو سنئون سڌو اثرسندن ٻولي تي پوي ٿو. اهي اثر مثبت به آهن ته منفي به. مثبت اثر ٻولي کي ترقي ڏيارين ٿا ۽ منفي اثر ٻولي کي نقصان ڏين ٿا. مثبت اثر تڏهن فائديمند ثابت ٿيندا جڏهن منفي اثر گھٽ هجن. هن وقت سنڌي ٻولي سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌين جي ذريعي ڳالهائي وڃي ٿي ۽ ڪجھ ملڪن ۾ لکي ۽ پڙهي به وڃي ٿي. سنڌي ٻولي هندستان جي قومي ٻولين ۾ شامل آهي. ملائيشا ۾ سنڌين جو چوٿون نسل شروع ٿي چڪوآهي. هن وقت ملائيشا ۾ سنڌي ٻوليءَ تي ٻولي جي تبديلي جي حوالي سان تحقيق هلي رهي آهي. اهڙي طرح امريڪا، يورپ ۽ ايشيا جي اڪثر ملڪن ۾ سنڌي آباد آهن جيڪي پنهنجي ٻولي ۾ گفتگو ۽ ڪچهريون ڪري رهيا آهن. دنيا جي ترقي ڪندڙ ٻولين جي مقابلي ۾ سنڌي ٻولي تي به موجوده دورجي ضرورتن مطابق تحقيق هلي رهي آهي خاص ڪري لسانيات جي حوالي سان بهتر ڪم ٿي رهيو آهي.

    دنيا ڪمپيوٽيشنل لسانيات ۽ قدرتي ٻولين تي ڪمپيوٽرائزڊ عمل ذريعي ڪم ڪري رهي آهي جنهن سان مشين ٽرانسليشن يا ترجمو آساني سان ڪرڻ سان گڏوگڏ انفرميشن يا ڊيٽا کي آساني سان ڳولهي ان تي مختلف رخن سان تجزيو ڪري سگهجي ٿو. ان حوالي سان انگريزي ، عربي ۽ ڪجھ دنيا جي ٻين ٻولين تي تمام گھڻو ڪم ٿيو آهي. ڪمپيوٽيشنل لسانيات جي حوالي سان جيڪو ٻولين تي وڌيڪ ڪم ٿيو آهي ان ۾ لفظن جو ڀنڊار يا ڪارپس ٺاهڻ ۽ ان تي هڪ خاص عمل ڪرڻ ته جيئن ڪارپس کي سمجهي سگهجي ۽ ان مان ڪم جي ڊيٽا ڪڍي سگهجي، جملن کي سمجھڻ ۽ انهن کي ٽوڙڻ، جملي مان هڪ هڪ لفظ ۽ نشانين کي ترتيبوار الڳ الڳ ڪرڻ، لفظن کي گرامر مطابق نشان ڏيڻ، لفظن کي فقرن مطابق جوڙڻ، جملن ۽ انهن ۾ موجود لفظن کي صرفيا مطابق جاچڻ ۽ جدا جدا ڪرڻ، جملن ۽ لفظن مان احساسن، راين ۽ خيالن کي ڳولهي جدا ڪرڻ ۽ انهن جي پولارٽي ڪڍڻ ته اهي جملا يا لفظ ڪيترا مثبت يا منفي آهن، جملن مان ليما ڪڍڻ، ليما جو مطلب آهي لفظ کي مڪمل ۽ اصلي حالت ۾ گرامر مطابق سمجھڻ ۽ جدا ڪرڻ، لفظ جو اشتقاق ڪڍي ان مان بنيادي لفظ جدا ڪرڻ، جملن جي معنا ڪڍڻ ۽ لفظن جو ڄار ٺاهڻ جنهن سان دنيا جي سمورين ٻولين کي پاڻ ۾ ڳنڍي سگهجي ٿو. انهن اوزان جي ذريعي دنيا جي ٻولين کي پاڻ ۾ جوڙيو وڃي ٿو ۽ ڪمپيوٽر کي سکيا ڏئي کيس ماهر ڪيو وڃي ٿو ته جيئن هو دنيا جي ٻولين کي خودمختار طريقي ذريعي سمجهي ۽ نتيجا ڪڍي سگهي.

    سنڌ ٻولي تي هن وقت ڪمپيوٽيشنل لسانيات جي حوالي سان اهو سڀ ڪم ٿي چڪو آهي جيڪو مٿي بيان ڪري آيو آهيان. ان ڪم جي دنيا ۾ تمام گھڻي اهميت آهي جيڪا اهميت اسان وٽ گھٽ محسوس ڪئي وڃي ٿي. تنهنڪري هن ڪم مان ايترو فائدو به نه پيو ورتو وڃي پر عالمي ٻولي ۽ لسانيات جا ماهر ڪمپيوٽيشنل لسانيات جو ڀرپور فائدو وٺي رهيا آهن. سنڌي ٻولي به دنيا جي ترقي ڪندڙ ٻولين جي لسٽ ۾ شامل ٿي چڪي آهي اهڙي طرح سنڌي ٻولي هن وقت دنيا جي ترقي يافته ٻولين سان گڏ بيٺي آهي. اهو سڀ ڪم مون پنهنجي تحقيق ذريعي ڪري پوري دنيا جي سامهون رکيو آهي. ان ڪم کي عالمي سطح تي مڃڻ سان گڏوگڏ بين الاقوامي جرنلس ۾ ڇاپيو به ويو آهي. اهو سمورو ڪم جيڪو پهريون دفعو سنڌي ٻولي تي وڏي سطح تي ٿيو آهي، سنڌي اين ايل پي جي نالي سان انٽرنيٽ تي ويبسائيٽ جي صورت ۾ موجود آهي، جنهن کي استعمال ڪري حڪومت ۽ ٻيا تحقيقي ادارا، خاص ڪري، ٻولي جا ادار ۽ سنڌي لسانيات تي تحقيق ڪندڙ لاڀ حاصل ڪري سگهن ٿا. مون ته سنڌي ڪارپس يا لفظن جي ڀنڊار کي سنڌي ويا ڪرڻ ۽ عالمي ويا ڪرڻ مطابق به ٺاهيو آهي ته جيئن سنڌ ۽ دنيا جا ادارا جيڪي ٻولين تي تحقيق ڪن ٿا، وڌيڪ تحقيق ڪري ٻولي کي سمجهي سگهن ۽ سنڌي زبان ۾ لکيل ڊيٽا يا ڪارپس کي استعمال ڪري نوان رايا قائم ڪري سگهن. سنڌي ٻولي جي اها خصوصيت رهي آهي ته دنيا جي مختلف ٻولين جي لفظن کي پاڻ ۾ جذب ڪري پنهنجو بڻائي ڇڏي ٿي جيڪا ٻين ٻولين ۾ گهٽ آهي تنهنڪري سنڌي ٻولي تي جيڪڏهن وڌيڪ لسانيات جي حوالي سان تحقيق ڪجي ته هي ٻولي هڪ عالمي رابطن جو اوزار بڻجي سگهي ٿي. پرائمري اسڪولس به سنڌي اين ايل پي اوزار کي استعمال ڪري ٻارن کي سنڌي گرامر بهتر طريقي سان سمجهائي سگهن ٿا.

    پاڪستان ۾ روزانو ڪيتريون ئي سنڌي اخبارون ۽ رسالا ڇپجي رهيا آهن. ڪيترائي سنڌي چينل هلي رهيا آهن. اهي سڀ ذريعا ٻولي کي ترقي ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. انهن ذريعن جي ڪري سنڌي ٻولي دنيا ۾ سڃاتي وڃي ٿي ۽ تحقيق جو موضوع بڻجي رهي اهي. تنهنڪري اسان سڀني کي اها سوچ ختم ڪرڻ گھرجي ته ڪو اسان پٺتي پيل قوم آهيون يا اسان جي ٻولي پٺتي پيل ٻولي آهي. بلڪه اسان دنيا جي ڪيترين ئي ٻولين کان ڪمپيوٽيشنل لسانيات جي حوالي سان اڳتي آهيون ۽ دنيا جا لسانياتي ماهر سنڌي ڪارپس جي گھر ڪري رهيا آهن ته جيئن سنڌي ٻولي کي عالمي سطح تي تحقيق لائق بڻايو وڃي.

    سنڌي ٻولي تي جيڪي منفي اثر پئجي رهيا آهن اهي وري سنڌي ٻولي کي ختم ڪرڻ يا ماري ڇڏڻ جي عمل ۾ مدد ڪري رهيا آهن. اهي اثر ٻين ٻولين، ثقافت، گلوبلائيزيشن ۽ ٽيڪنولوجي جي ڪري ۽ انهن کان متاثر ٿيڻ جي ڪري ٿين ٿا. اهي اثر سنڌي ٻولي ۾ تبديلي جو سبب بڻجي رهيا آهن جيڪي اڳتي هلي ٻولي کي وڏو نقصان به ڏئي سگهن ٿا. انهن اثرن مان ڪجھ اثر هت بيان ڪجن ٿا.

    · عالمي سطح تي ڳالهائيندڙ ٻولين کي سنڌي ٻولي کان وڌيڪ اهميت ڏيڻ جنهنڪري سنڌي ٻولي وڏن شهرن خاص ڪري اسڪولس ۽ آفيسز مان ختم ٿيندي پئي وڃي.

    · احساس ڪمتري ۽ عالمي سطح تي اچڻ لاءِ ٻين ٻولين کي پنهنجي مادري ٻولي سنڌي کان وڌيڪ اهميت ڏيڻ

    · پنهنجي ٻارن کي ڪيمبريج سسٽم واري تعليم ڏيڻ لاءِ اهڙن اسڪولس ۾ داخل ڪرائڻ جتي سنڌي ٻولي کي نٿو پڙهايو وڃي.

    · سماجي رابطن وارن اوزارن ۽ ويب سائيٽس تي پنهنجي دوستن ۽ خاندان وارن کي نياپا موڪلڻ لاءَ سنڌي ٻولي جو استعمال نه ڪرڻ

    · روز مره جي ڳالھ ٻولھ ۾ سنڌي ٻولي جو استعمال گھٽ ڪرڻ.

    · گھروارن ۽ دوستن سان به سنڌي ٻولي ۾ نه ڳالهائڻ


    اهي اهڙا عمل آهن جيڪي سنڌي ٻولي ۽ قوم لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي سگهن ٿا. دنيا ۾ جيڪي ٻوليون ختم ٿي ويون اهن يا مري ويون آهن انهن جا ڪجھ اهڙا ئي سبب آهن جيڪي اسان کي ضرور سمجھڻ گھرجن. اهي اهڙا سبب آهن جيڪي ٻولي کي موت ڏين ٿا يا ختم ڪري ڇڏين ٿا. ٻولي جو خاتمو اصل ۾ قوم جو خاتمو هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته جن قومن جي ٻولي اسان واپرايون ٿا اهي قومون اسان کي ڪڏهن به پنهنجو ڪون ڪنديون ۽ نه سمجهنديون. ڪنهن به قوم جا ٻار، ان قوم جي ٻولي جا نگهبان هوندا آهن. جيڪڏهن ٻار ٻي ٻولي ڳالهائيندا ته پوءِ اڳتي هلي اها ٻولي ختم ٿي ويندي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته سنڌي ٻولي کي بچائڻ لاءِ حڪومت سان گڏ ٻولي تي ڪم ڪندڙ ادارا، تحقيق ڪندڙ، سماجي ميڊيا، اخبارون، ٽي وي چينل ۽ والدين کي گڏيل ڪوشش ڪرڻي پوندي ۽ ڪي ٺوس قدم کڻڻا پوندا. ان سان گڏوگڏ پاڻ کي مطمئن ڪرڻو پوندو ته سنڌي ٻولي به ايتري ئي اهم ۽ شاندار ٻولي آهي جيتريون دنيا جون ٻيون ٻوليون اهم ۽ شاندار آهن.
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو