(هينا آگناڻي "هير" جو سنڌي ادب کي ارپيل وقت )

'شخصيتون ۽ خاڪا' فورم ۾ مير سردار چنڙ طرفان آندل موضوعَ ‏3 ڊسمبر 2018۔

  1. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    61
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    [​IMG]

    مير سردار چنڙ
    سنڌي ادب ۾ عورت ليکڪ جو پنهنجو الڳ مقام آهي سنڌي ادب لاء عورتون پاڻ رهيو آهن نورالهديٰ شاهه کان ويندي سحر امداد تائين سحر امداد کان ويندي اندرا پونا والا تائين اندراپونا والا کان ويندي پوپٽي هيراننداڻي تائين سنڌي ادب ۾ باقاعدگي سان ڪهاڻي ۽ شاعري کي زور وٺراويو آهي اهڙي طرح ٻين عورت ليکڪن ڪهاڻيڪارن عين سحر ڊاڪٽر رخسانہ پريت چنڙ نيتا لالواڻي شبنم گل ناهيد مغل فردوس مزماڻي ناياب کوکر فرزانه شاهين شميم مري سيما چانڊيو ۡۡحميرا نور فرح ديبا چنگيزي شاهده کوکر بانو محبوب جوکيو ارشاد سومرو سميت ڪيتريون ئي سنڌي ادب تي لکنديون آيون آهن ڪي هميشه لاء خاموش ٿي ويون ته ڪي اڃا لکي رهيون آهن مطلب ته هر ڪا ليکڪہ پنهنجي پنهنجي دور سان خوب نڀائينديون آيون / اچن پيون انهن مان سمنڊ پار سنڌي ليکڪہ هينا آگناڻي "هير" بہ هڪ آهي جيڪا هڪ وقت سنڌي ٻولي لاء ڪيترائي ڪم ڪري رهي آهي هينا آگناڻي هير سان منهنجو واسطو تڏهن ٿيو هو جڏهن مان واٽسپ گروپ (سنڌي ادبي سنگت) جوڙيو هو جيڪو اڄ به هلي رهيو هينا آگناڻي ان گروپ کي اڳتي وڌڻ ۾ منهنجو ڀرپور ساٿ ڏنو هو
    هينا آگناڻي کلڻي عورت آهي هن سدائين پيار محبت سڏي ڏنو آهي آگناڻي "هير " جو تعلق هندستان سان آهن هينا آگناڻي "هير " جو اصل نالو ريکا بي هوٽچنداڻي آهي هندو مذهب ۾ (عورت جو شادي بعد نالو مٽايو ويندو آهي ) ان رسم موجب سندس نالو "هينا" رکيو ويو "هير " سندس ادبي نالو (تخلص) آهي هينا آگناڻي جو جنم 12 سيپٽمبر 1972 تي احمد آباد هندستان ۾ هنڌ سنڌ جي مشهور شاعر ڀڳوان نردوش جي گهر ۾ ٿيو . پاڻ سائنس ۾ گريجوئيٽ جي ڊگري حاصل ڪئي آهي اٿائين ادب ۾ دلچسپي ڪري ايم اي سنڌي بمبئي يونيورسٽي مان ڪيائين
    هينا آگناڻي پنهنجي والد ڀڳوان نردوش کي ڪتاب پڙهندي ڏسي پيءۡ کان متاثر ٿي ڪري ننڍپڻ کان ٻاراڻو ادب لکڻ شروع ڪيو شاعري ۾ سکيا پنهنجي والد ڀڳوان نردوش کان ورتائين ۽ڪهاڻي ۾ پريم پرڪاش شري لالواڻي ۽ واسيديو موهي کان تريبت ورتائين .
    هينا آگناڻي "هير" 2005 ۾ آل انڊيا ريڊيو (All India Radio) تي سنڌي ٽرانسليٽر (ترجميڪار ) ۽ نيوز ڪاسٽر طور سليڪٽ ٿي سنڌ ٽي وي پروڊيڪشين تي ڪو آرڊينيٽر آهي. جتي سنڌس پروگرام (عورت شڪتي جو جو آئينو ) هلي رهيو آهي جنهن ۾ ڪيترائي مهمان شامل ٿيندا رهن ٿا عورتن جي حقن جي جاکوڙ ۽ انهن جي مسئلن تي ڳالهائيندا آهن . دودرشن چيئنل تي (سوغات) پروگرام ڪري چڪي آهي ان کان علاوه سنڌ چيئنل GTPL تي پروڊيڪيشن ڪو آرڊينيٽر طور جڙي اتي ڪيترائي ٻاراڻا پروگرام هنرن جي نمائش مقابلا ڊانسز پروگران مختلف شخصيتن جا انٽرويو پيش ڪيون .
    هينا آگناڻي هند سنڌ جي مختلف اخبارن رسالن ۾ وقت به وقت ڪتابي تبصرا ڪهاڻيون نظم غزل وائي بيت شايع ٿيندا اچن پيا سندس مشهور ڪهاڻي (ڪاري چيخ ) آهي جيڪو سندس ڪتاب جو نالو آهي
    شهيد هيمو ڪالاڻي برهم گياني سوامي ليلا شاهه ٿي پنهنجي هدايتڪاري ۾ رپوٽ تيار ڪيائين جنهن هند۾ سٺي شهرت حاصل ڪئي هينا آگناڻي "هير " ماضي ۾ اداڪاره بہ رهي آهي مختلف سنڌي فلمن ۽ اسٽيج ڊارمن ۾ ڪم ڪيو اٿائين
    عورتن جي حق لاء جاکوڙيندڙ عورت آهي هينا آگناڻي "هير " هب وقت تائين 5 ڪتاب سنڌي ادب کي ارپيا آهن جن ۾
    تتل تي جو سچ (اسٽيج ناٽڪ )
    جگا جاسوس (ڪهاڻيون
    ڇم ڇم (شاعري
    شبنم موتي (ڪويتا)
    ڪاري چيخ (ڪهاڻيون ) جيڪو تازو مارڪيٽ ۾ آيو آهي جنهن جي ڪري سنڌي ادب بهترين صنف ۾ نمايا پنهنجو نالو ڳاڻايون بيٺي آ ۽ سنڌي ادب اڄ به هينا آگناڻي جهڙن شخصيت جي آڌارتي ڳاٽ اوچوڪري دنيا جي ادب سان اکيون اکين ۾ ملائي پنهنجي منزل طرف اڳڀرو ٿيندو پيو اچي ! جنهن جي واکاڻ لفظن سان بيان نٿي ڪري سگجي ڇوجو هميشه گلن جي خوشبو قيد ناهي ڪري سگهبي پر اها محسوس ڪري سگجهي ٿي ! آءۡ نه ڪو ليکڪ آهيان نه وري ڪو اديب جو مان هينا آگناڻي کي مڃتا ڏئي سگهان
    مان ته ادب جو هڪ ابهم (ننڍڙو ) خدمتگار آهيان ان حيثيت سان هيناآگناڻي کي سلام پيش ڪيان ٿو جن وقت ۽ حالاتن سان جهنگ جوٽي پنهنجو قيمتي ٽائيم سنڌي ادب جي بهبود ڪاڻ ڪڍيو ۽ يقينن اڄ انهن جو سنڌي ادب ۾ ارپيل وقت ڪڏهن به ميساريوناهي نه ورس ميسارڻ جهڙو آهي جن سان تاريخ انصاف ڪري ماضي وارو وقت ورجائيندي ۽ انهن جي ڪيل جفاڪش کي لوڪ پسندو ۽ مڃتا ڏيندو ....!
     
    آخري ترميم: ‏4 ڊسمبر 2018

هن صفحي کي مشهور ڪريو