حوس

'مختلف موضوع' فورم ۾ فهد ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏7 ڊسمبر 2018۔

  1. فهد ميمڻ

    فهد ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 نومبر 2010
    تحريرون:
    28
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    Software Developer
    ماڳ:
    Hyderabad sindh - Native Village - Shah Panjo Dist
    حوس
    الف ۽ ب فصل پوکي ٻنهي کي پنج پنج کرار اناج مليو، گھر ۾ سهولت نه هجڻ ڪري ٻنهي ڳوٺ جي گودام ۾ اناج جمع ڪرايو ۽ رسيدون ورتيون، ڳوٺ جي جاگيردار ٻنيءَ جي دشمنن کان حفاظت عيوض رسيدن جو ڪجھ تعداد ٽيڪس طور ورتو، ڪجھ رسيدون سرمائيدار ۽ مزدور هر ٺاهڻ عيوض ورتيون اهي رسيدون پئسا هيا، هاڻي جاگيردار ۽ سرمائيدار بغير ڪم جي گھڻيون رسيدون ورتيون ته هاري وٽ ٿوريون رسيدون بچيون جن جو هن اناج وٺي کائي کپائي ڇڏيو کيس ٻيهر پوکي ڪرڻ لاءِ پئسا نه آهن، هوڏانهن جاگيردار ۽ سرمائيدار ايتريون ته رسيدون جمع ڪيون ڇو ته گھڻن هارين کان جمع ڪين جو سندن ضرورتون پوريون ٿيڻ باوجود وٽن رسيدون پچي پيون، هاڻي هاري وٽ رسيدون نه آهن ته ٻيهر اناج پوکڻ لاءِ ٻج خريد ڪري سگهي، مزدور ايترو ڪم ڪيو جو هاري کي هر سرمائيدار کي فيڪٽري ٺاهي ڏنائين پر سرمائيدار ان کان به ايتريون رسيدون ورتيون جو مزدور گھڻا هيا ۽ مزدورن وٽ باقي رسيدون نه بچيون جو هو پنهنجي خوراڪ ڪري ٻيهر ڪم ڪري سگهن، هوڏانهن هاري بکيو ننگو ٿي مري رهيو آهي هوڏانهن مزدور بکيو ننگو ٿي مري رهيو آهي، ڪمزوري سبب هاڻي وٽن ڪم ڪرڻ جي طاقت به ناهي رهي، هوڏانهن سرمائيدار جاگيردار حوس ۾ اچي تقريبن سموريون رسيدون جمع ڪيون ويٺو آهي نه نئين فيڪٽري ٿو لڳائي نه هاري کي اناج پوکڻ لاءِ رسيدون واپس ٿو ڪري ڇو ته کيس منافعي جي حوس آهي ان ڪري جو کيس خبر آهي ته هن وقت هاري مزدور وٽ رسيدون نه آهن جيڪڏهن هن سيڙپ ڪاري ڪئي به ته کيس واپس منافعي ۾ ڪجھ به نه ملندو، ڪي ظآلم ته سيڙپ ڪاري ڪندا به آهن ۽ وري ايتريون رسيدون هاري مزدور کان لٽيندا آهن جو هو پنهنجي قوت محنت به وڃائي ويهندو آهي......هن سال غريب هاريءَ جي زمين 5 مڻ وڌيڪ اناج اپايو پر رسيدون ايتريون گھڻيون لٽيون ويون جو جنهن هاري اناج اپايو ان کي فائدي بجاءِ نقصان ٿي پيو....... عوام يا ته مزدور آهي يا هاري.... پر انهن طرفان ٺاهيل شئي جهڙوڪ اناج ۽ ٽيڪٽر کين ايترين گھڻين رسيدن مطلب ايتري مهانگن پئسن تي وڪڻيو ويندو آهي جو هو ٻٽي ذلت جو شڪار ٿيندا آهن، پهرين ذلت رسيدون لٽائڻ ٻي ذلت سرمائيدار کي منافعو ڏئي شي تي ٿيل خرچ کان وڌيڪ تي ٽيڪٽر ۽ ٻج خريد ڪرڻ
    انسان توکي ڇا ٿي ويو آهي، ڇو اهڙِيون رسيدون گڏ ٿو ڪرين جن جو توکي ڪو فائدو به نه آهي الٽو انسانن جي اڪثريت بک بدحالي ۾ وڪوڙجي رهي آهي، نه فقط ايترو پر ظآلمن پنهنجون رسيدون دولت بچائڻ لاءِ رياست ٺاهي ورتي جنهن جي فوج، پوليس، ميڊيا سندن ملڪيت جي حفاظت ۾ هميشه رڌل آهي
    هاڻي سرمائيدار جاگيردار نه خيرات ڪري ٿو، نه پئسو وڌيڪ پراڊڪشن لاءِ سيڙآئي ٿو اهڙي ظالم سامراج کي انقلاب ڪري ئي ختم ڪري سگهجي ٿو

    جيڪو منافعو جاگيردار ملي ۽ سرمائيدار کي ملي ٿو سو انقلاب بعد هاري مزدور غريب کي ملندو، اٿو هاريو مزدور ريات تي قبضو ڪري ذرايع پيداوار پنهنجي قبضي ۾ ڪيو پهريون ضرورت مندن جي ضرورت پوري ڪيو ته انسانيت بچي سگهي، مفت ننگر خانا خوراڪ مفت روٽي مفت ته جيئن هاري مزدور بليڪ ميل نه ٿي سگهي ڪپڙو گھر سواري تعليم صحت سڀ مفت ڪري وجھو
    https://seekingalpha.com/article/4184842-corporate-profits-huge
     
    آخري ترميم: ‏7 ڊسمبر 2018

هن صفحي کي مشهور ڪريو