حيدرآباد

'ڪهاڻيون' فورم ۾ مير سردار چنڙ طرفان آندل موضوعَ ‏7 ڊسمبر 2018۔

  1. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    61
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    ضراب حيدر

    ’نيرون ڪوٽَ‘ جي اولهائين پاسي کان سنڌوندي سِير ڪري ۽ اُڀرندي ڪنڊ کان ’ڦليلي‘ تيل ڦليل ڪري، سينڌ جيان وهنديون ٿي ويون. سنڌونديءَ ۽ ’ڦليليءَ‘ وچ ۾ ’نيرون ڪوٽ‘ شهر پنهنجي نالي جي تبديليءَ سان ’حيدر حيدر‘ جا نعرا هڻندي ’حيدرآباد‘ بڻجي چڪو هو، جنهن کي به لڳ ڀڳ ٻه اڍائي صديون گذري چڪيون هيون. ڪچين توڙي پراڻين جاين ۽ گھرن جا مُنگَھه قطارن ۾ ڏکڻ ڏانهن مونهڙ ڪيون بيٺا هئا، ائين پئي لڳو ته ڄڻ ڪونجن جي قطار اُڏام ڀرڻ جي انتظار ۾ هُجي.
    اُلهندي ڪچي واري پاسي ’اَڪال ڀُنگيءَ‘ جا ناد ۽ نغارا رکي رکي پنهنجي ڌامَ سان وڄي پئي اُٿيا، جن سان ڪچي مسيت وارن نمازين جي نماز ۾ رُخنو ٿي پيو، ڪنهن مهل اُهي نمازي اهڙيءَ ويڌن تي اُٿي کڙا ٿيا ۽ مڇرجي ٿي ويا، پر ميرن جي صاحبيءَ سندن ڳالهه جو نبيرو سدائين لاءِ اِن حڪم سان ڪري ڇڏيو ته: ”مرد حضرات اِها مسيت ضائفائن حوالي ڪن ته اُهي پنهنجون مذهبي ميڙاڪِيون ڪنديون رهن ۽ مرد حضرات، وڃي اُڀرندي اُترين ڪنڊ تي ٻي مسجد جوڙين، جتي پنهنجي مُنهن وڃي عبادتون ڪن.“
    ميرن جي اِن نبيري کان پوءِ اَڪالي، جِن اڳئين زماني ۾ گرنٿ صاحب آڻي ’اَڪالَ ڀنگي‘ ۾ رکيو هو، سي سَرها ٿي پيا ۽ وڏيءَ مستيءَ سان نادَ ۽ نغارا ڀري وڄائڻ لڳا. پر ميرن جي صاحبي به ڀلا ڪيترو؟ جتي ڪلهوڙن جي دور کي ماضي چڱو خاصو ڳڙڪائي چُڪو هو، اُتي بس ڪي ڳالهيون، ڪي يادون هيون، جيڪي هوائن ۾ هُلنديون رهنديون هيون، ’ته ڪلهوڙا ماڻهو ڀلا هئا‘
    اُلهندي ڪچي کان ’ڪچو قلعو‘، ’شاهه مَڪيِءَ‘ جي قُبي واري گنبذ سان ائين سَتل نظر اچي رهيو هو، ڄڻ ڪو مير انگوريءَ جي صُراحي اندر ۾ اوتي، الوٽ حالت ۾ ٻانهن جي ٽيڪَ سان طول وهاڻي تي ليٽيل هُجي ۽ ڪنهن غلطان تي پشيمان هجي، جو هاڻي ميرن جي صاحبي به ڇڙوڇڙ ٿي رهي هئي.
    ’گنجي ٽڪر‘ کان هوائن جا ٽولا، ’نِهال شاهه نوريءَ‘ واريءَ چوٽيءَ کي ڇُهندا، پڪي قلعي تان کِلندا، ٺٺوليون ڪندا، اوڀر ۾ وڃي راجستان کي ٿي لڳا ۽ انهن سمورن انديشن سان ڀسم ٿيو ٿي ويا، جن جو في الحال ڪنهن کي به گمان ڪونه هو. پڪي قلعي ۾ دفن ٿيل ميرن وارو بارود، پاسا ورائڻ جي جستجوءَ ۾ هو ته مٿان وري انگلستاني فرنگي پنهنجي صاحبيءَ تي براجمان ٿيڻ ۽ هن خطي ۾ پنهنجو ڌاڪو ڄمائڻ لاءِ ٽِڪ سال ۾ مصروف هئا. ائين ئي جيئن هاڻي چيني بندرا پنهنجي معيشت ڀڙڪائڻ لاءِ سي پيڪ واري منصوبي ۾ مصروف آهن.
    ايراني نار کان کنڀجي آيل هڪ حبشي غلام، جيڪو اُن سمئي دڙٻي ڪُلاچيءَ واري ڪُن جي بندرگاهه تي نيلام ٿي وڪاميو هو، سو به جهڙوڪر ميرن جي صاحبيءَ ۾ مٽي ٿي ويو. اُنهيءَ حبشي غلام جو آزاد پُٽ، جيڪو ميرن جي صاحبيءَ ۾ پنهنجي سورهيائپَ سان سپهه سالار بڻيو هو، سو به فرنگين جي فساد جو نشانو بڻجي ويو ۽ وڙهندي وڙهندي شهيد ٿي پيو. فرنگين کي سندس بهادريءَ ۽ سُورهيائيءَ ڏاڍو موهيو هو، تنهنڪري سندس مڙهه کي جنگي اصولن موجب پائمال نه ڪيائون، پر کڻي، سهنجي، سنواري، قلعي جي چوديواريءَ ۾ رکيائون ۽ وڏن اعزازن ۽ سلامين سان اُتي ئي دفن ڪري ڇڏيائون ۽ هڪڙي توپ سلاميءَ طور سندس مٿن کان بيهاري ڇڏيائون.
    اُهو اَرڏو سپهه سالار ميرن جي صاحبيءَ ۽ ڌرتيءَ سان پنهنجي وفا ثابت ڪري اَمر ٿي ويو. بس! رهيو سندس نعرو، جيڪو رڳو اصطلاحن ۾ لڳندو يا ٻُرندو هو ۽ وقت جي حالتن ۽ طنزيه مُرڪ سان ماٺ ٿي ويندو هو. اُنهيءَ سپهه سالار جي سنگتي حڪمرانن جو پوءِ ڪو پتو ئي نه پيو ته ڪيڏانهن هَليا ويا. بس! رڳو مير صوبدار جو نسل، علامتي انداز سان خوب نِسري ۽ اُسري پيو، جنهن سموري سنڌ کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو.
    فرنگين جي بادشاهيءَ ۾ حيدرآباد جو پراڻو شهر نئين صورت سان سينگارجڻ لڳو. ’شاهي بازار‘ جي سينڌ هن دور ۾ سڌي ٿي، وڌندي وئي ۽ ’سَري گھاٽ‘ کان به اڳتي وڃي گھنٽا گھر، نوَلراءِ مارڪيٽ سان لڳي. شاهي بازار جا پاڙا ۽ چاڙهيون نئين ٺاهه سان ٺُمڪڻ لڳيون، جن ۾ ڀانتِ ڀانتِ جا ماڻهو اچي وسيا، اُنهن سڀني ماڻهن کان حبشي غلام جي آزاد پُٽ وارو ’سرائيڪي نعرو‘ به جهڙوڪر وسري ويو.
    شاهي بازار جي ڪنڊ تي گدواڻين جو پاڙو، ديوان گِدومل جي قتلام کانپوءِ، جيڪو سوڳ ۾ سُسِي ويو هو، سو ٻيهر وڌڻ لڳو. ديوان گِدومل جو قتلام جنهن تلوار جي ڌار تي لِڪي ويو، سا تلوار پنهنجي صاحبي به بچائي نه سگهي. اُهڙي ئي ساڳئي تلوار جي ئي دار هئي، جنهن ديوان گِدومل جي نياڻيءَ جي ڪونج جهڙي ڳچيءَ کي وڏي نزاڪت سان ڪُٺو هو. سندس ڳِچيءَ مان جيڪو بي گناهه خون وهي نِڪتو هو، سو ديوان گِدومل لاءِ ته شَراپُ بڻيو هو پر ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ ميرن لاءِ به بَدسَنوڻ ثابت ٿيو هو، جو ميرن جي صاحبي اَبر جي اوصاف کي سمجهي ڪين سگهي هئي. اُن شَراپَ جا ڇنڊا قلعي جي ديوارَ کي الائي ته ڪيئن ڪَلر ٿي لڳا هئا. جنهن جا آثار نظر ته نه پئي آيا پر ڪنهن رنگ ۾ محسوس ضرور ٿيندا هئا.
    تاريخ وڏيءَ بيدرديءَ سان پنهنجا پيرا ٺاهيندي، ڊاهيندي اچي انگريزن جي آخري دور کي رَسِي. ورهاڱو ٿي ويو، ڪي سُورَ نوان ته ڪي پُراڻا، بس! جيڪو اَندر جو سُور، سو اندر ۾ رهجي ويو.
    دوست محمد شيدي، شاهي بازار ۾ هَٽن ٻاهران رکيل نادِيون ڪانواٺيءَ تي ڀري رهيو هو. سندس روز جي معمول ۾ اِهو ڪم به شامل هو. پنجونجاهه ورهين جو دوست محمد گذريل ڪيترن ڏينهن کان حيرت ۾ هو، جو شهر جي زندگي ورهاڱي کانپوءِ اڃا معمول تي نه آئي هئي، پوءِ به سوڙهه سنگوڙَ ۾ ڪُنڊون ۽ پاسا ڳولهي رهي هئي. دوست محمد انهيءَ سموري بدل سدل ۾ جيڪو لقاءُ ڏسي رهيو هو، سو سندس سمجھه کان گھڻو هو، بس! اندر ئي اندر ۾ کامي ۽ پڄري رهيو هو.
    دال، ڇولا، ڍَٻَلَ جي جاءِ تي هاڻي شاهي بازار ۾ قسمين قسمين ٺيلها لڳي ويا هئا، جن تي اوجھريون، چِپليون ۽ ڪباب پئي تريا ۽ وڪيا، جن جي نئين ۽ نه آئڙجندڙ بوءِ شام ٽاڻي بازار ۾ ٻاريل اگربيتن جي واسَ کي ماريو ۽ کاريو ٿي وئي. اصلوڪا پنهنجا لهجا هڪ نئين لهجي جي اثر ۾ پنهنجو ميٺاج وڃائي رهيا هئا. ’او ابا...!‘، ’او اَبلَ...!‘، ’او مٺا...!‘، ’او دلبرَ...!‘ جي جاءِ تي ’اري اوءِ...!‘، ’ابي اوءِ...!‘ جهڙا کُهرا لهجا دوست محمد کي جهڙوڪر ڪُهي رهيا هئا. ميرن جي صاحبيءَ وارا وَڻَ ته ڪڏهوڪو ڄڻ وڍجي ويا، پر انگريزن وارن اصولن جا ٻوٽا به جهڙوڪر نئين آيل هوا ۽ لهجي وارن لفظن جي ڌول ۾ ڌوڙ ٿي رهيا هئا.
    دوست محمد روزانو شام ٽاڻي ڪجھه اگربتيون کڻي قلعي تي ويندو هو، سندس معمول ۾ اِها ڳالهه به شامل هئي ته هو ڪانواٺيءَ وارن دٻن ۾ ٿورو پاڻي بچائي، قلعي تي کڻي ويندو هو ۽ ٻاهرين وڏي مينارَ واري ڊٺل آثار کان اُڪري، قلعي ۾ داخل ٿيندو هو. دوست محمد جڏهن به قلعي ۾ ايندو هو ته سندس دل بهار بهار ٿي ويندي هئي. ڪجھه ئي ورهيه اڳ قلعي جي شاهي در ۾ ڪِير ڏٺا هئائين، جيڪي دل کي بنهه پيا وڻندا هئس ۽ هڪڙو وڏو شاهي نِم جو وڻ، ٿڌڙي ڇانوَ سان سونهيندو هئس.
    ڪڏهن ڪڏهن ڏينهن جي ٽائيم، جڏهن اڃا انگريزن جي بادشاهي هئي، قدم گاهه ناڪي وٽ جيڪو وڏو ڊيزل وارو پمپ لڳل هوندو هو، سو جڏهن کَري پوندو هو ۽ قلعي ۾ پاڻي نه پهچندو هو ته دوست محمد ڪانواٺيءَ تي ڪجھه دٻا، قلعي واري تلاءَ مان ئي ڀري، وڏي ماڙيءَ واري اوطاق ’ديوان خاص‘ تي پهچائيندو هو. جنهن کانپوءِ موٽي اچي شاهي گيٽ ڀرسان بيٺل وڏيءَ نِم هيٺان ساهي پٽيندو هو. هو جڏهن به شاهي گيٽ وارا ڪِيرَ ۽ ڇهه ڪُنڊين سِرن سان ٺهيل قلعي جي ديوارن جون ڪُنگريون ڏسندو هو ته دل کي عجيب آٿت ملندو هئس. الائي ڇو دوست محمد سان اُهي ڪنڀارڪيون سِرون ڄڻ ڳالهائينديون هيون، ڪا ڪٿا کيس ٻڌائينديون هيون.
    اڄ به معمول موجب دوست محمد قلعي ۾ ڪانواٺي کڻي آيو، شام اڃا باقي هئي، جيئن سِنڌ باقي آهي. قدم گاهه واري چاڙهيءَ کان سج سوا نيزي تي ڳاڙهو لال ٿيو بيٺو هو ۽ سموري شهر تي دونهين جو هلڪو تهه لينگهن جيان جذب ٿي رهيو هو. هو پنهنجي معمول موجب وڏيءَ ماڙيءَ واري اوطاق کان لنگھيو، جِن ۾ مير صاحب ويهي ڪچهريون ڪندا هئا. سندن ڪچهرين کي اُهي بي جان نقش مُشڪندي ڏسندا هئا، جيڪي ديوارن ۽ ڇت تي وڏيءَ ڪاريگريءَ ۽ جان سان اُڪريل هئا. حضرت سليمان جو اُڪريل تصوراتي نقشو ۽ پرين جا ڇاپا ائين ڀاسجندا هئا، ڄڻ اُهي پريون هاڻ هاڻ حيدرآباد جي قلعي تي لٿيون آهن ۽ خدا جي نبيءَ جي چرنن ۾ ائين ويٺيون آهن، جيئن قدم گاهه واريءَ ڇِپ ۾ سمايل اُها حسين ڏندَ ڪٿا، جنهن جو تعويذ شاهه مڪيءَ ۽ نيرن واڻئي جي ڌيءَ نِگار جي ڪارائيءَ ۾ ٻڌل آهي.
    دوست محمد اُها اوطاق پنهنجي ٻاروتڻ کان ڏسندو آيو هو، جڏهن اُن تي هڪ نئون نقش چٽيو ويو هو، راجا رنجيت سنگھه ۽ لارڊ ليڪ جو اُهو اُڇاترو اجنبي نقش، جيتوڻيڪ کيس نه وڻندو هو، پر پوءِ به پاڻ ڏانهن ڇِڪيندو ضرور هئس.
    دوست محمد ڪانواٺي کڻي، قلعي ۾ گهڻو اڳتي نڪري آيو ۽ هڪڙي بُٺيءَ وٽ اچي بيٺو، هو بُٺيءَ ڏانهن ايندي جيڪو ڪجھه راهه ۾ ڏسندو پئي آيو، سو هن لاءِ بنهه عجيب هو...!! هن بُٺيءَ ڀرسان ڪانواٺي رکي، هڪ دٻي ۾ بچيل پاڻي هٿ جي آڌر بُٺيءَ تي ڇڻڪارڻ شروع ڪيو ته هڪڙو عجيب قسم جو اڌڙوٽ شخص پانُ چٻاڙيندو سندس ويجھو آيو ۽ هڪ لوٽو سندس اڳيان وڌائيندي چيو هيائين،
    ”او حبشي! ٿورا سا پاني اِس لوٽي ۾ ڀَردو.“ اڌڙوٽ پناهگير جي انهيءَ جملي دوست محمد جا دونهان ئي ڪڍي ڇڏيا، الائي ڇو کيس ڪاوڙ اچي وئي.
    ”وڃ هتان، ڪونهي ڪو پاڻي....“ اڌڙوٽ پناهگير کي دوست محمد جي ٻولي ته سمجھه ۾ ڪونه آئي هئي، پر انداز مان سمجھي ويو هو ته دوست محمد کيس دڙڪو ڏيندي، پاڻي ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي. جنهن تي اڌڙوٽ پناهگير کيس چيو هو:
    ”ابي اوءِ....يه ڪون سي گنوارون والي زبان هي تيري؟ سيڌها بولو نا ڪه پاني نهين، بڙ بڙ ڪيا ڪر رهي هو.“
    ائين چئي پناهگير ته هليو ويو، پر دوست محمد ڪا مهل کيس ويندي ڏسندو رهيو هو. دوست محمد پنهنجي ڪم سان لڳي ويو. پنهنجي هٿن سان بُٺيءَ تي چڻڪار ڪيائين ۽ پنهنجي گِڊيءَ (صدري) جي کيسي مان اگربيتون ڪڍي، ٻاري بُٺيءَ جي هڪ پاسي کان سِرِن جي ٽيڪَ تي رکي ڇڏيائين. اگربتين جي خوشبوءِ جو واس اُن وقت قلعي جي اُڀين ديوارن ۾ ائين گم ٿي ويو، جيئن هڪ شاهڪار تاريخ هميشه هميشه لاءِ گم ٿي رهي هئي.
    سومهڻيءَ ٽاڻي دوست محمد قلعي جي سامهون شاهي بازار جي لنگھه ۽ صحابي سڳوري، جنهن کي نئين آيل آباديءَ ’نو گزي پير‘ چوڻ شروع ڪيو هو، جي تُربت ڀرسان، ڪوهيارل کير واري جي هَٽ تان کير وٺڻ آيو ته ڪوهيارل کيس ڪاوڙيل ڪاوڙيل لڳو، سندس ڪاوڙ جي ڪوساڻ سندس اکين مان اُلا ٿي پئي نڪتي.
    ”خير ته آهي ڪوهيارل؟ ڪاوڙ ۾ تتو پيو لڳين...!“
    ”ها يارَ دوسو! هفتو ٿيو آهي، جيڪو اچي ٿو، اهڙي اُبتي ڳالهه ٿو ڪري، جو اندر ئي ساڙيو ڇڏي...!“
    ”ٻڌاءِ ته سهي ڪوهيارل، ڇا ٿيو آهي؟“
    ”ڇا وري ڇا ٿيندو؟ تون ڪونه پيو ڏسين ته ڇا پيو ٿئي؟“
    ”ها! اِهو سڀڪجهه ته مان به ڏسان پيو، پر پنهنجي وَسَ ۾ آهي به ڇا؟ پر تون ٻڌاءِ ته سهي ته ايڏو ڪاوڙ ۾ ڇو آهين؟“
    ”يار دوسو! شامَ ڌاري ٻه ضائفائون کير وٺي ويون، جھٽ ئي نه گذري ته کير اچي واپس ڪيائون ۽ چيائون ته ڪالهه به اِن کير اسان جي ٻارن کي پيٽ ۾ وَٽ وڌا هئا... کير ۾ ڇا ٿو ملائين؟ جو ايڏو گھاٽو آهي؟“ دوست محمد کان ٽهڪ نڪري ويو:
    ”کِلين ڇو پيو دوسو...!“
    ”کِلان پيو ته تون به صفا ڪو درويش آهين، پوٰءِ اِن ۾ ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي؟ تون به کڻي پاڻيءَ چُڪي مِلائي ڏينِ ها.“
    ”توبهه توبهه، ڪهڙيون پيو ڳالهيون ڪرين دوسو! کير پير آهي، اُن ۾ دغا ڪريون ته باقي رهندو وري ڇا؟“
    ”ڪوهيارل! تون اسين کڻي ڪا دغا يا ملاوٽ نه ڪريون، پر ڪرڻ وارا ته اُهو سڀ ڪجھه ڪندءِ، سُتت ئي ڏسجانءِ....!“
    ”تون اِهو ڇا پيو چوين دوسو؟“
    ”مان سچ پيو چوان ڪوهيارل، پاڻ سان وڏي دغا پئي ٿيئي!“ ڪوهيارل کاڏيءَ تي هٿ رکي، ڪنهن سوچ ۾ پئجي ويو ۽ دوسو کير وٺي، هلندو ٿيو!
    ٻئي ڏينهن شام جو دوست محمد ساڳئي بُٺيءَ تي ڇڻڪار ڪرڻ ۽ اگربتيون ٻارڻ ويو ته ساڳيو اڌڙوٽ پناهگير پان چٻاڙِيندو وٽس آيو،
    ”ابي اوءِ حبشي! تم يه روز روز ڪهان سي پاني ڇَڙڪِني آجاتي هو، اور اگربتيان جلاتي هو. ڪيا هي اِس کنڊر ۾ تيرا.؟“ دوست محمد حيرت وچان اڌڙوٽ پناهگير کي ڏسندو رهيو.
    ”ديک ڪيا رهي هو، بولو نا!؟“
    ”ڏسان پيو ته تون ڳالهائين ڇا پيو، مٿو ته نه ڦِريو اٿئي ڪِٿي!؟ هي اسان جي ابن ڏاڏن جو ورثو آهي، هڪ وفادار سپهه سالار جي قبر آهي.“
    ”ڪيا بولا ...مجهي ڪُڇ سمجهه نهين آيا، هماري زبان ۾ بولو.“
    ”اِڌر اَچي پناهه لي هي تو، بولي ڀي هتان ڪِي ڳالهائڻي پڙي گي، بوڙهي پناهگير ميان...!!“
    ”خبردار! جو همين پناهگير ڪها، هم هِجرت ڪر ڪي آئي هين، مهاجِر هين هم، ڪيون بولين تمهاري زبان؟ اور تم روز روز اڌهر نهين آيا ڪَرو، يه جگها اب هماري هي. ڪيا ڪرتي هو روز روز يهان آڪي؟“
    ”اڙي هڪ دفعي ٻُڌا نهين! يه همارا ورثا هي، هماري ڏاڏا پِيو ڪِي قبر هي، ايڪ وفادار شهيد ڪِي قبر.“ جنهن تي اڌڙوٽ پناهگير وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ شروع ڪيا ۽ چپن ئي چپن ۾ ڀُڻڪندو هليو ويو ته:
    ”بڙا آيا هي، باپ دادا ڪا ورثه سنڀالني، وفاداري ڪا روندا پيٽني، هم سي بڙا ڪوئي وفادار ڍونڍ ڪي لائو. هم هي هين جو اِس مُلڪ ڪي خاطر سب ڪُڇ ڇوڙ ڇاڙ ڪي يهان آئي هين.“ دوست محمد حيرت وچان کيس ڏسندو رهيو، واپسيءَ تي جڏهن هو قلعي جي شاهي گيٽ وٽ آيو ته قلعي جي ديوارن کي ڏسڻ لڳو، جيڪي ساڻس ڳالهائينديون هيون، پر اڄ اُهي ديوارون به واقعي ڀِتِن جيان چُپ هيون. دوست محمد قلعي جي در کان اُڪري رهيو هو ته ٿاٻڙجڻ ڪري، ڪُلهي ڀر وڃي قلعي جي ڀِت سان لڳو، هن تڏهن ته ڌيان نه ڏنو، پر جڏهن گھر پهتو ته سندس گھر واريءَ سندس ڪلهي تي سرن جو ٿورو ٻورو ڏسي چيو:
    ”ڪنهن جون سرون ڍوئيون اٿئي اڄ؟“
    ”سِرون!“ هو حيرت ۾ پئجي ويو.
    ”ڪنهن جون سِرون ڍوئينديس؟“
    ”پوءِ هي ڪهڙو ٻورو ڪُلهي تي لڳو اٿئي...؟“
    هن ڪنڌ ورائي ڪُلهي ڏانهن ڏٺو ۽ گڊي (صدري) تي هٿ هنيائين ته سِرن جو ٻُورو هٿ کي چهٽي ويس، اُن لمحي دوست محمد جي اکين ۾ واپسيءَ وارو سمورو منظر لهي آيو، اکيون جهڙوڪر ڀرجي آيس، پر لڙڪ اندر ۾ پي ويو ۽ دل ئي دل ۾ سوچيائين:
    ”مان به چوان ته اڄ قلعي جي ديوارَن مون کي کِلي ڇو نه کيڪاريو هو...“ ايتري ۾ سندس نوجوان پُٽ خوشيءَ وچان کِلندو گھر ۾ داخل ٿيو ۽ کيس ڏسندي چيائين:
    ”بابا! هاڻي تون اِها ڪانواٺي پاسي تي رکي، ٺٺَ سان ويهي رهه، هاڻي هِن وهيءَ ۾ هلاکي نه ڪر...!“ دوست محمد حيرت وچان پٽ ڏانهن نهاريو:
    ”هلاکي ڪهڙي آهي، منهنجا هَڏَ اِن ڪرت تي هِريل آهن پُٽ! ڪانواٺي نه کڻندس ته گھر جو گاڏو ڪيئن هلندو...!!؟؟“
    ”بابا! گھر جو گاڏو هاڻي منهنجي ذمي آهي، مون کي قدم گاهه ناڪي واري پمپ تي روزگار ملي ويو آهي، سرڪار طرفان پڪو روزگار.“
    ”پر اُهو پمپ ته ميونسپالٽيءَ وارن جي بِلي آهي.“
    ”هائو.... هائو بابا! ميونسپالٽيءَ وارن نوان ماڻهو نوڪريءَ تي رکيا آهن، مون کي ۽ ڪاڪي ورئوءَ واري پُٽ کي پاڻي واري پمپ تي. باقي ڪجهه قلعي ۽ شاهي بازار ۾ صفائيءَ جا عملدار ڪري رکيا اٿائون. اُهي سڀ جا سڀ نوان آيل پناهگير آهن.“ دوست محمد حيرت ۾ پُٽ ڏانهن نهاريو ۽ چيائين:
    ”ابا! جيستائين منهنجن هڏن ۾ سَتُ آهي، آئون ائين کٽ تي چڙهي ڪونه ويهندس، سو اَبا گھر جو گاڏو مون کي هلائڻ ڏي، باقي تون پنهنجي نوڪريءَ مان پنهنجي پرڻي جو ڪو بِلو ڪر.“ ايتري ۾ دوست محمد جي گھر واريءَ ڳالهايو:
    ”هائو ابا! چاچهين سِر چڙهيو بيٺو آهي ته مون کان نياڻي جلدي پرڻائي وٺو.“
    ٻئي ڏينهن شام جو دوست محمد قلعي جي احاطي کان ٻاهر نڪتو پئي ته گھڙي ساهي، نم هيٺان ويهي رهيو. اُن لمحي سندس نِگاهون قلعي جي ديوارن ڏانهن هيون، جيڪي صدين جي صدائن سان هڪ نئين احتجاج ۾ ملول هيون.
    دوست محمد جڏهن ننڍو هو، تڏهن انگريزن وارو باروت اوچتو ڦاٽو هو، تڏهن کان ڄڻ ته قلعي جي کُڙي مروڙجي پئي هئي، پر اُهو ڦٽ به وقت سان مِڙِي ويو. شام ڌاران جڏهن هو ڪانواٺي کڻي قلعي ۾ داخل ٿيو هو ته دروازي وٽ ڪانواٺي رکي، ساڳئيءَ ڀت کي ڏٺو هئائين، جنهن سان هو ڪالهه ٿاٻڙجي لڳو هو. کيس لال ڳاڙهين هڪ جهڙين هزارين سِرن ۾ الائي ڪيئن اُها سِرَ نظر اچي وئي هئي، جيڪا اُڏوهيءَ کاڌلَ ڪاٺَ جيان ڀُري رهي هئي. هُن اُنهي سِر کي پنهنجي آڱر سان ڇُهيو، پِر سِر ته جُهريل جيءَ کان وڌيڪ جُهري ۽ ڀُري پئي هئي. اُن سمئي کيس ائين لڳو، ڄڻ سندس دِل کي ڪو جُهٻو اچي وي، دل ٻُڏڻ ٻُڏڻ لڳس. هو وڏا وڏا ساهه کڻندو، اچي نِم هيٺِان ويٺو. هُو اُتي ويٺو ئي هو اڃا ساهه به نه پَٽيو هيائين ته سندس سئوٽ دلدار اچي ڀرسان مٽيو. دوست محمد کي کِيڪاريندي چيو هئائين:
    ”ادا دوست محمد! ڪهڙيءَ سوچَ ۾ ٻڏو پيو آهين....!!؟؟“
    ”بس ڙي ادا دلدار! ڳالهه ئي نه پڇ! آخر هيءَ ڪهڙي لوڌ اچي قلعي ۾ ترسائي اٿائون؟ تون ئي ٻڌاءِ ته قلعا اِن لاءِ هوندا آهن ڇا؟“
    ”ڳالهه تنهنجي بروبر آهي ادا!، پر چون ٿا ته حالي في الحالي انهن کي اِتي رهايو اٿائون، وري جلدي کين اُٿاري، ٻي هنڌ رهائيندا...“
    ”تون ڇاٿو سمجھين دلدار! ائين ٿيندو...!!؟؟ هي هتي ويهڻ کانپوءِ هتان ڪو سولو اُٿندا...؟“
    ”ڳالهه تو واري واجب آهي، پر دوست محمد سرڪار به سرڪار آهي، وڏي طاقت رکي ٿي. اُهي ڳالهيون به ته وڏڙن کان ٻُڌندا اچون نه ته، ميرن ڪچي مسيت ۽ اَڪال ڀُنگي وارو معاملو پنهنجو حُڪم صادر ڪري نبيري ڇڏيو هو. ڪنهن جي مجال ئي نه ٿي جو ڪُڇي سگهي ها. سو اُها هئي ميرن جي سرڪار ۽ هاڻي آهي پنهنجن ۽ پيرن جي سرڪار، سا چاهي ته ڪهڙي دير آهي!؟ “
    ”تون پنهنجيءَ جاءِ تي صحيح آهين دلدار، پر هي جيڪي ماڻهو هندستان مان لڏي آيا آهن، تِن جون نيتون ڪي ٻيون آهن. نڪو مونکي نٿو لڳي ته ڪو ائين سولا اُٿندا. الائي ته ڪهڙيون ڪهڙيون پيا ڳالهيون ڪن. هندستان ۾ ته الائي ڇا هئا نه هئا، پر هتي ته اهڙا پيا حوال ڪن، جهڙوڪر دَکن جا نوابَ هجن ۽ وڏيون ميراثون ڇڏي آيا هُجن!“ دلدار کان وڏو ٽهڪ نڪري ويو.
    ”دوست محمد! ڪنهن جي حوالن کي ڇا ڪبو؟ خبر ته ماڻهوءَ جي رهڻي ڪهڻي مان پوندي آهي نه ته اُهو ڇا آهي؟ ڪالهه بازار ۾ رازڪو سامان کڻي ڪم لاءِ ويٺو هوس، جيئن روز ويهندو آهيان. هڪڙو پناهگير آيو ۽ چيائين ته ’گهر ۾ بيت الخُلا ٺاهرائڻو آهي، هل ڏسي ٻُڌاءِ.‘ سو مان به ساڻس گڏجي ويس، حيرت ٿيم اُهو گهر دِلت راءِ وارو هو، جنهن تي پناهگير ڪُٽنب تالا ڀڄي قبضو ڪيو هو. بس! ڳالهه نه پُڇ، حالت اِها هئي جو جاءِ ضرورت واريءَ گينڊيءَ کي چُلهه ڪيون پئي باهه ٻاريائون ۽ رَڌُ پچاءُ ڪيائون ۽ بيت الخُلا الڳ ٺاهرائڻ جو پئي سوچيائون. مٿان وري پئي چيائون ته ڪهڙا جاهل هِن گھر ۾ رهي ويا هئا، جن پائخانو به نه ٺهرايو، هيڏي ساري گهر ۾! جهنگ جو خيال گِهٽيءَ ۾ ڪندا هئا ڇا!؟“ دوست محمد به کِل ۾ ٻڏي ويو، سامت ۾ آيو ته دلدار موڪلائي پنهنجي راهه ويندو ٿيو. دوست محمد به اُٿي، ڪانواٺي سنڀالي، آهستي آهستي هلندو گھر روانو ٿيو.
    وقت ٻليءَ پير، ٻليءَ پير ڪندو سُرندو ويو. حيدرآباد پناهگيرن جي پيهه کان پناهه گُھرڻ لڳي، پر ائين ٿي نه سگھيو. سمورا پاڙا، گھٽيون ۽ آس پاس جا پَٽَ نئين لهجي ۽ رواجن سان ٽمٽار ٿيندا ويا، تيستائين دوست محمد به جھونو ٿيندي وڃي کٽَ وسائي.
    سندس پُٽ پنهنجي روزگار ۾ لوهه ٿي ويو، دوست محمد کي هڪڙو پوٽو ڄائو، جيڪو به اچي پنجين جماعت کي رَسيو هو. هوڏانهن قلعي جون ڳاڙِهيون ديوارون پان جي ڪَٿي سان ٿُڪجي وڌيڪ ڳاڙهيون ٿي ويون. جڏهن ته ٽيون نمبر تلاءُ، ڦليلي، پڃرا پُل کان ويندي هيرآباد تائين پناهگير پنهنجيءَ وارا ٿي، صفا پَلجي پيا. سنڌ ڌرتيءَ جي نيمڪ سندس رنگ ۽ نمونا ئي بدلائي ڇڏيا، پر هُو اُهو نيمڪ مَلهائي نه سگهيا.
    پڪو قلعو، جيڪو ڪلهوڙن جي دور کان ڪنڌ اُڀو ڪيون بيٺو هوندو هو، سو پنهنجا برج ۽ بنياد وڃائي، گٽرن ۽ سيوريج جي پاڻيءَ ۾ هيڻو ٿيڻ لڳو هو. بلڪل ائين، جيئن ڏڪار ۾ ڍاٽي اُٺ گوڏن ڀر ڪِرِي پوندو آهي ۽ پساهَه ڇڏيندو آهي. ڪِيرن وارو شاهي دروازو ۽ ڪوڏين ڪوپن جو تاثر ڏيندڙ ڪُنگريون ته الائي ڪيڏانهن ويون، پر اُها بُٺي به پَٽ ٿي وئي، جنهن تي فرنگي توپ سلاميءَ ۾ بيٺل هئي. دوست محمد پنهنجي پُٽ کي سدائين چوندو رهندو هو ته:
    ”پُٽ! ڪڏهن ڪڏهن وڃي جرنيل هوش محمد جي بُٺيءَ جي به سار لَهي ايندو ڪر...“ سندس پٽ ’ها بابا‘ ڪري، ڳالهه وِساري ويهندو هو.
    ورهاڱي کي ڪي ويهارو سال لنگھي هليا هئا، حيدرآباد جون هوائون ته نه مَٽيون هيون، پر وارتائون بنهه مَٽجي ويون هيون. ڪٿي ڪنهن گهٽيءَ يا هٽ جو نانءُ مٽجي ويو هو ته ڪٿي وري اصلوڪا گَهٽ به لَٽجي ويا هئا. قلعي جون گِهٽيون پزل گيم مان اصل گيم بڻجي چڪيون هيون، جيڪا ڳالهه ڪنهن کي به سمجهه ۾ نه پي آئي.
    هڪڙيءَ ڏينهن سانجهيءَ ٽاڻي، دوست محمد جو پوٽو پنهنجي نصابي ڪتاب مان ’مياڻيءَ‘ وارو سبق ڏاڍيان ياد ڪري رهيو هو، جنهن تي دوست محمد جو سمورو ڌيان اُن طرف هليو ويو هو، سندس پوٽي جڏهن سبق جا اِهي لفظ پڙهيا ته:
    ”جرنل هوش محمد شيدي مياڻيءَ کانپوءِ دُٻي ۾ وڙهندي وڙهندي ماريو ويو ۽ کيس دٻي جي ميدان ۾ دفن ڪيو ويو.“ ته اُهي لفظ ٻُڌي دوست محمد جون وايون بتال ٿي ويون..!!
    ”اڙي ڇوڪرا! اِهو ڪيئن پيو سبق پڙهين؟“
    ”ڇو ڏاڏا! صحيح ته پڙهان پيو!“
    ”تون غلط پيو سبق پڙهين.“
    ”ڏاڏا! جيڪو سبق ۾ لکيل آهي، سوئي پيو پڙهان.“ دوست محمد کي ڪاوڙ اچي وئي:
    ”ڌوڙ پيو سبق پڙهين، ڪنهن توکي ڏسيو آهي ته ائين سبق پڙهه.“
    ”ڏاڏا! اسڪول واري سائينءَ ائين پڙهايو آهي سبق ۾.“
    ”تو واري سائينءَ جي ڪَلَ ته نه ٿِڙي آهي، جو توکي غلط پيو سبق پڙهائي. صبح جو آئون به توسان اسڪول گڏجي هلندس تنهنجي سائينءَ وٽ، پُڇندومانس ته توکي غلط سبق ڇو ٿو پاڙهي.“
    صبح جو پنجهتر ورهين جو دوست محمد پوٽي سان گڏ آهستي آهستي رڙهندو اسڪول پهتو ۽ پوٽي جي ماستر سان مليو. ماستر به ساڻس ساڳئي ڳالهه ڪئي، دوست محمد جهڙو هوش مان نڪرندو ويو.
    ”ماستر! تون چريو ته نه ٿيو آهين؟ جو ٻارن کي غلط سبق پيو پڙهائين...؟“
    ”جھونا! هاڻي جيڪو ڪتاب ۾ لکيل هوندو، سوئي ته اسان پاڙهينداسين نه...!“
    ”پوءِ ڪتاب ۾ ڇو ٿا لِکو اِهو غلط سبق...؟“
    ”جھونا! غلط يا صحيح سبق لِکڻ اسانجو ڪم ناهي. نصاب ۽ ڪتاب سرڪار ڇاپيندي آهي، وڏن، ماهِرن، اديبن ۽ تاريخدانن جي صلاح مشورن سان....!؟“
    ”لڳي ٿو سرڪار ۽ تنهنجا ماهِر، اديب، تاريخدان اَٽو ڏئي پڙهيا آهن! مان پنهنجي اَبن ڏاڏن کان ٻڌندو آيو آهيان، ته ’جرنيل هوش محمد شيدي مياڻيءَ ۾ شهيد ٿيو هو ۽ انگريزن سندس مڙهه کي آڻي قلعي ۾ ايڪيهن توپن جي سلاميءَ سان دفنايو هو ۽ سدائين لاءِ سلاميءَ ۾ هڪ توپ به بيهاري ڇڏي هئائون.‘ مان ابن ڏاڏن جي ڏَس تي پاڻ جرنيل هوش محمد جي بُٺيءَ تي وڃي اگربتيون ٻاريندو رهيو آهيان، ڇڻڪار ڪيا اٿم. ڪالهه ڪالهوڪي ته ڳالهه آهي. ماستر! تون ۽ تنهنجا ٻيا ماستر مون سان گڏجي هلو ته توهان کي ڏيکاريان ته ڪيئن، اڄ به توپ هوش محمد جرنيل جي بُٺيءَ مٿان سلاميءَ ۾ بيٺل آهي...“
    ماستر حيرت ۾ پئجي ويو، دوست محمد جو جوش ۽ ڪاوڙ ڏسي، ساڻس گڏ هلي پيو. هو جڏهن قلعي اندر داخل ٿيا ته قلعي جا نقشا ئي بدليل هئا، گھٽيون، گھر، الائي ته ڇا ڇا!؟ کيس سمورو پَٽُ مٽيل مٽيل لڳو جنهن تي نيون اڏاوتون ٿي چُڪيون هُيون. دوست محمد چرين وانگي ڳولهڻ لڳو، پر ڪٿي به کيس اُها جاءِ نظر نه آئي، نيٺ راهه ويندڙ هڪ جھوني پناهگير کان پڇيائين:
    ”ڀائي! اِڌر جرنيل هوش محمد ڪِي جو قبر ٿي، وو ڪهان گئي؟“ پناهگير حيرت مان کيس ڏٺو:
    ”ڪون سا هوش محمد؟“
    ”اري ڀائي! ميرون ڪا سپهه سالار، جو انگريزون سي ويڙهه ۾ شهيد هو گيا ٿا.“
    ”ڪون سي مير ، ڪيسا سپهه سالار، مجهي تو ڪُڇ سمجهه نهين آتا، ڪ ڪيا ڪهه رهي هو.“
    ”مير، اِس قلعي ڪي مالڪ ٿي، اور هوش محمد قلعي ڪا وارث ٿا.“
    ”اري اوءِ حبشي! يه ڪيسي جاهِلون والي باتين ڪر رهي هو، اِس قلعي ڪي مالِڪ اور وارث تو هم هين، برسون سي.“
    پناهگير عجيب طنزيه ٽهڪ ڏيندي هليو ويو، ماستر دوست محمد کي ڏٺو ۽ چيائين:
    ”ڏاڏا! لڳي ٿو تون ڀُليو آهين، هي هتان جا رهاڪو ڀلا ڪوڙ ڪيئن ڪندا. هلو هي ماڻهو کڻي ڪوڙ ڪن پر ڪتاب ته ڪوڙ ڪونه ڪندا. تون ضرور ڀُليو آهين ڏاڏا، جرنيل هوش محمد جي قبر ته سبق موجب دُٻي ۾ آهي.“
    دوست محمد جون اکيون ڄڻ وائڙيون ٿي ويون ۽ هيڏانهن هوڏانهن واجهائڻ لڳيون. اکين ۾ حيرت سان گڏ لُڙڪن جا سمنڊ اُٿلي پيس، جِن کي سنڀاليندي، ڄڻ لڙکڙائڻ لڳو. ائين لڳو جيئن ڪنهن، ڪو ڀالو سندس ڪُک ۾ کُپائي ڇڏيو هُجي. ماستر ته ويندو ٿيو، پر دوست محمد کي اُهو سرائيڪي نعرو ياد اچي ويو، جيڪو جرنيل هوش محمد شيديءَ آخري ساهن تائين هڻندو رهيو هو ۽ وڙهندي وڙهندي شهيد ٿيو هو. هُن قلعي جي ديوار کي ڏِٺو، جتان هڪڙي ڳاڙهي سِر ڀُري ڪِري پئي. ايتري ۾ سندس ڪنن تي ساڳئي سِرائيڪي نعري جا آواز گونجڻ لڳا، جيڪي ويجهو کان اچي رهيا هئا. هو عليل هوندي به تڪڙو تڪڙو اُنهن آوازن ڏانهن هلڻ لڳو. هُو جڏهن پَٽجي ويل شاهي گيٽ کان اچي بيٺو ته ڏٺائين نوجوانن جو هڪڙو ٽولو اُهي نعرا هڻندو، ڀائي خان چاڙهيءَ کان هيٺ لهي رهيو هو ۽ ڏسندي ڏسندي تيزيءَ سان هيٺ لهي گُم ٿي ويو.
    دوست محمد قلعي جي زبون حال ديوار کي ڏٺو، جيڪا ساڻس گهڻو ڪجهه ڳالهائي رهي هئي ۽ کيس اِهو ٻُڌائي رهي هئي ته مان سِر سِر ٿي، تڏهن ڀُرندي آهيان، جڏهن اِن نعري جو کوکلو پڙاڏو مونسان ٽڪرائبو آهي ۽ هوائن ۾ تحليل ٿي ويندو آهي.
    اچ ته توکي هِڪ ڳالهه ٻُڌايان، هڪُ فرياد سُنايان. جيستائين به منهنجو وجود آهي، تيستائين جڏهن جڏهن به جتي جتي به اِهو نعرو لڳندو رهندو ۽ اُن نعري جو کوکلو پڙاڏو منهنجي سماعت سان ٽڪرائبو رهندو، تڏهن تڏهن منهنجي وجود جي هڪڙي سِر احتجاجاً ڀُري ڪِرندي رهندي. تون الائي هُجين نه هُجين، الائي ڏسين نه ڏسين، پر جرنيل هوش محمد جي بُٺيءَ بدران اڳتي هلي تاريخن ۾ قلعي سانحي ۾ مارجي ويل ڪنهن نه ڪنهن شخص جو مقبرو مشهور ٿي ويندو. جنهن کانپوءِ رهيون سَهيون ڳالهيون به پُوريون ٿي وينديون. جرنيل هوش محمد جي بُٺي، جيڪا منهنجي پَٽ تان ميسارجي وئي آهي، سا ڪتابن ۽ نصابن مان ميسارجي تاريخ جي دولابن نظر ٿي ويندي. تنهنجي ڌرتيءَ جا ڌڻي، پڙهيل لِکيل، سياڻا، صدورا، جيڪي مونکي وڃائي ويٺا آهن، سي پنهنجو شرم پرچائڻ لاءِ نوان ڪتاب ۽ نصاب لِکندا، جِن ۾ هوشوءَ جي قبر به رُلائيندا وتندا. جيئن پنهنجي لوئي ۽ لڄ رُلائيندا ۽ پنهنجا تاريخي ورثا وڃائيندا رهيا آهن.
    ڪو زمانو ايندو، جڏهن منهنجو ڪو وجود ئي نه هوندو، ٻه چار ڀِتيون جيڪي آهن، سي به ڳري ڪِري پونديون، ٻه چار جيڪي سِرون آهن، سي به سڙي کپي وينديون. جڏهن منهنجو سمورو وجود ۽ احاطو ڪنهن نئين حوالي ۽ تاريخ سان جُڙڻ ۽ سڏجڻ لڳندو، تڏهن به اُهي سرائيڪي نعرا وڏي جوش سان گُونجندا رهندا، جِن جي کوکلن پڙاڏن تي منهنجا ميساريل نِشان ۽ بُنياد سدائين خاموش احتجاج ڪندارهندا، جيڪو شايد نظر ته نه اچي پر ڪنهن ضمير ۾، يا خمير ۾ کُرڪندو ضرور رهندو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو