شاعرن جي سونهن سائين مولانا محمد عاشق عباسي

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏15 ڊسمبر 2018۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    شرف الدين مرکنڊ (وارهه)

    سنڌ سونهاري صوفين، بزرگن، عالمن، اديبن، ليکڪن ۽ شاعرن جي ڌرتي ۽ سونهن آهي. سنڌ ڌرتي انصاف ۽ عدل جي ڌرتي آهي. سنڌ ڌرتي امن جي ڌرتي آهي جنهن هميشه امن جو درس ڏنو آهي. سنڌ سونهاريءَ مخدوم نوح سرور رحه، مخدودم بلال رحه، شاهه ڪريم بلڙيءَ وارو رحه، شاهه عنايت شهيد رحه، لطف الله شاهه قادري، شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه، سچل سرمست رحه، حضرت قلندڙ شهباز رحه، حضرت محمد عبدالغفار المعروف پير مٺا سائين فضلي، حضرت سهڻا سائين غفاري رحه ۽ حضرت خواجه “محمد طاهر” المعروف سڄڻ سائين جھڙا نوجوان ڪامل مرد پيدا ڪيا آهن، جن سنڌ جي عوام کي حق جو پيغام ڏنو آهي. جن سنڌ ۾ محبت جو پيغام ڏنو آهي جن دين اسلام جو پيغام سنڌ واسين کي ڏنو آهي. سنڌ ڌرتي هميشه پنهنجي وجود ۾ بهترين انسانن، بهترين اديبن، بهترين محنت ڪندڙ انسانن، بهترين ليکڪن، بهترين صوفي بزرگن، بهترين عدل پسند انسانن ۽ انهن سان گڏوگڏ بهترين شاعرن کي به جنم ڏنو آهي. جن پنهنجي شاعري جي ذريعي سهڻي محمد صه ۽ ان جي صحاب ڪرام ۽ ان جي اهلبيت عظام جي ۽ ان سان گڏوگڏ سنڌ ڌرتي جي سرزمين تي رهندڙ صوفي بزرگن، اولياء الله جي شان و مان جي تعريف کي ماڻهن جي اڳيان هڪ شاعري جي روپ ۾ پيش ڪيو آهي. جن جي ڪري اڄ انهن کي دنيا عزت جي نگاهن سان ڏسي ٿي. جن پنهنجي عزت ۽ مرتبو شاعري جي وسيلي سان ئي سنڌ وارن کان ورتو ۽ حاصل ڪيو آهي. جن پنهنجي محنت سان ئي شاعري بڻائي ڪري عوام جي اڳيان سولي سنڌي ۽ پياري زبان ۾ پيش ڪئي آهي. حالانڪه قومون، ملڪ، سماج ۽ معاشرو پنهنجي پنهنجي ملڪن جي شاعرن جي وسيلي سان سڃاتا ويندا آهن. شعر وشاعري ڪرڻ به الله تعالى جي عطا ڪيل نعمتن مان هڪ اعلى ۽ بلند ترين نعمت آهي جيڪو ان کي صحيح استعمال ڪري ۽ ان سان گڏوگڏ شاعري ۽ نعت گوئي ۽ مدح سرائي هڪ مشڪل فن پڻ آهي. اهو ئي سبب آهي جو نعت گوئي ۽ مدح سرائي کي تيز تلوار تي هلڻ سان تشبيهه ڏني وئي آهي. ڇو ته ان ۾ شرعي حدن جي پابندي سان گڏ هر قدم تي نهايت احتياط سان ڪم وٺڻو پوي ٿو. انهيءَ ڪري مسلمانن جي شاعرن شرعي اصول جي لحاظ مطابق پنهنجي پياري پيغمبر حضور پرنور صه جن سان ايماني محبت ۽ ديني لڳاءُ جو اظهار نهايت پختگي ۽ سچائي سان تمام سهڻي نموني سان نڀايو آهي. ۽ قرآن وحديث جي روشني ۾ محبوب صه جن جي نعت گوئي کي ادا ڪيو آهي. سڀ کان پهريان اسلام جا شاعر اصحابي سڳورا آهن، جن ۾ حضرت حسان بن ثابت، حضرت ڪعب بن ظهير، حضرت سواد بن قارب، حضرت عباس بن عبداللمطلب، حضرت رواحه رضي الله تعالى عنهم جن هيا، جن پنهنجي محبوب جي شان کي شاعري ۾ ڪري سندن جي خدمتِ اطهر ۾ پيش ڪيو هو، انهن کان بعد ڪيترن ئـي مردِ مـجاهدن پنهنجي آقا صه جي شان ۾ نـعتون لـکيون ۽ ڪـيترا ئـي ڪـتاب ڇـپرايا آهـن. جيڪي اڄ به دوڪانن ۽ بازارن ۾ موجود آهن، جن کي ڪيترا ئي نعتخوان حضرات خريد ڪري جلسن ۽ محفلن ۾ سڪ ۽ محبت سان پڙهن ٿا. اگر جي اسـان پنهنجي سنـڌ ڌرتـي جي طرف نظر ڪنداسين ته اسان جي سنڌ به ڪـافي سـارن شـاعـرن سـان ڀـري پـئي آهـي. انهن شاعرن مان هڪ بهترين شاعر، بهترين محنت ڪندڙ انسان، اعلى اخلاقن جو مالڪ، شفيق مهربان ۽ منهنجي پيارن استادن جو استاد محترم و مڪرم جناب حضرت علامه و مولانا شيخ الحديث و تفسير سائين قبلا محمد عاشق عباسي نقشبندي بخشي طاهري دامت برڪاتهم العاليه جن جو نالو به فهرست ۾ پڻ شامل آهي. جيڪي شاعر و اديب هجڻ سان گڏوگڏ عالم باعمل به آهن پاڻ جامعه عربيه غفاريه درگاهه الله آباد شريف ڪنڊيارو جا شيخ الحديث و تفسير جي لقبن سان پڻ نوازيل آهن، ۽ ان سان گڏوگڏ جامعه عربيه غفاريه جي بهترين استادن ۾ سندن کي شمار ڪيو وڃي ٿو. سائين قبلا محمد عاشق عباسي بزرگ علي محمد عباسي جي گھر 03.05.1960ع ۾ دين پور ڳوٺ (لاڙڪاڻي) ۾ جنم ورتو. پاڻ ابتدائي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ دين پور (ضلع لاڙڪاڻي) ۾ حاصل ڪيائون. پرائمري تعـليم مڪمل ڪرڻ کان بعد پاڻ جامعه عربيه غفاريه درگاهه الله آباد شريف (ڪنديارو ضلع نوشهرفيروز) 1972ع ۾ داخل ٿيا، جتي پاڻ عربي، فارسي، تفسير، اصول فقه، اصول حديث ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب پڙهيائون. جڏهن ته 1982ع ۾ پاڻ جامعه عربيه غفاريه مان فارغ تحصيل جي سَند (سرٽيفڪيٽ) حاصل ڪيائون. جيئن ته سندن کي سندن جي مرشد ڪريم صوفي بزرگ حضرت “الله بخش” المعروف سهڻا سائين نورالله مرقده جي حڪم جي مطابق سندن کي جامعه روحانيه بلديه ٽائون ڪراچي ۾ استاد ڪري رکيو جٿي پاڻ ٻه سال درس وتدريس جون خدمتون ڏنيون، ان کان بعد جڏهن حضرت سهڻا سائين رحمة الله عليه جن جو وصال مبارڪ ٿيو ته ان کان بعد سندن جي صاحبزاده حضرت محمد طاهر عباسي بخشي صاحب جي حڪم مطابق سندن کي جامعه عربيه غفاريه درگاهه الله آباد شريف ڪنڊيارو ۾ استاد ڪري رکيو ويو. حضرت قبلا سائين محمد عاشق عباسي صاحب جن کي وقت جي مجدد ولي صاحب شريعت حضرت خواجه محمد طاهر عباسي بخشي “المعروف” سڄڻ سائين دامت برڪاتهم العاليه (سجاده نشين درگاهه الله آباد شريف ڪنديارو ضلع نوشهر فيروز ) جا ڪلاس فيلو (دوري) ٿي گذريا آهن. جڏهن ته پڙهائي دوران پنهنجي مرشد ڪريم سان گڏ رهڻ جو موقعو مليو. پاڻ هميشه خوش مزاج رهندا آهن. سندن جا ٻيا ڪلاس فيلي اڄ وڏين عهدن ۽ نوڪرين ۾ آهن. پر پاڻ پنهنجي زندگي درس وتدريس ۾ وقف ڪري ڇڏيائون. جڏهن ته سندن کي جامعه ۾ درس وتدريس جي خدمات ڏيندي 35هين سال گذري ويا آهن جيڪا پاڻ هن وقت به نڀائي رهيا آهن. سندن جا ڪيترائي شاگرد مختلف مدرسن ۾ استاد آهن جڏهن ته جامعه عربيه غفاريه ۾ سڀ استاد سندن جا شاگرد آهن. پاڻ هڪ بهترين شاعر به آهن، سندن جي شاعري اڄ پوري سنڌ ۾ ڳائي وڃي ٿي. سندن جي شاعري کي سنڌ جا مشهور ومعروف ثناخوان پڙهن ٿا، جن ۾ حاجي غلام نبي مهيسر جو ساٿي ۽ شاگرد حاجي عبدالحق طاهري، ليمو فقير، قربان علي ناريجو، غلام سرور “گل” طاهري، قاري مهتاب علي طاهري ۽ ٻين ڪافي سارن نعتخوانن سندن جي شاعري کي ڳائيو آهي. سائين قبلا محمد عاشق عباسي طاهري صاحب هڪ نيڪ سيرت ۽ سادو انسان آهي، اسان جڏهن کان جامعه عربيه غفاريه ۾ داخلا ورتي آهي ان ڏينهن کان سندن جي زندگي ڏٺو آهي ته پاڻ تمام سادا انسان محبت ڪندڙ انسان آهن. سندن کي هڪ دفعو ڪعبة الله شريف جو حج به نصيب ٿيو آهي. سندن جي شاعري جا مختلف ڪتاب به شايع ٿيا آهن جن ۾ عشق مصطفى صه جي نالي سان 8 گلدستا شايع ٿيا آهن جن ۾ مولود، غزل، قصيده، ڪافيون ۽ منقبتون پڻ شامل آهن جن مان اسان ڪجھه شعر پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪيون ٿا.

    هميشه يار جي سڪ ٿي ستائي
    جدائي دوست جي جيرا جلائي.
    پري هان پيو اکين مان آب هاريا
    ڪري من قربداري پير پائي.


    (نوٽ: سندن جي ڪتاب عشق مصطفى مان سندن جي معلومات ورتي وئي آهي..)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو