نظم #صــــدا رات جو دير سان ڪنهن مشھور هاء وي جي وٽ سان پيدل موٽندڙ مٽي ۾ ڀڀوت مزدور جئيان آء زندگي کي گهليندو رات کي ڏينهن ڏي سوريندو وڃي رهيو هئس قضا سان تيز رفتار 22 ويلر جي زوردار ٽڪر جئيان تنهنجي باڪمال حسن سان ٽڪر ۾ آء سب ڪجه وڃائي ويٺس منهنجي جسم جي نابودي جو احساس توکي به ٿيو هوندو پر بيهي مون تي ڪهل کائيڻ کي تو جرم سمجهيو هوندو شايد! تڏھن ئي تون پنهنجي رفتار ۾ ئي گذري وئي هوئين پوء منهنجي عضبن جا چيڪاٽ دير تائين رستي تي تيز رفتار گذرندڙ گاڏين جي گهڻي شور ۾ ڌيما ڌيما ٿيندا رهيا ۽ رستي تان گذرندڙ گاڏين جي ٽائرن ۾ مٽي زرڙن جئيان تقسيم ٿي ختم ٿيندا ويا پوء مان قصه ئي ماضي ٿي ويس تون به ڪجه پرڀرو وڃي ڪنهن عاليشان مسجد جي پهرئين صف ۾ ويهي خدا کان پاڻ بخشرايو هوندو ۽ ندامت جي ڳوڙھن سان مان تنهنجي ڊائري جي ڪچي مس سان لکيل ڪنهن پني تي پاڻي هارجڻ کان پوء جئيان جِهلملو ٿي ويوهوندس ۽ سهيلين سان جڏهن ڪچهري ۾ حادثن جا قصا کولندا تڏھن تون ھي حادثو به صرف آکين ڏٺل ڪري بيان ڪندئين پر دل ۾ منهنجو سڄو عڪس ڏسي تون ضرور پيشمان ٿيندئين