حادثات

'سنڌي شاعري' فورم ۾ صدا حسين طرفان آندل موضوعَ ‏21 ڊسمبر 2018۔

  1. صدا حسين

    صدا حسين
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2018
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ٺري ميرواہ
    نظم

    #صــــدا

    رات جو دير سان
    ڪنهن مشھور هاء وي جي وٽ سان
    پيدل موٽندڙ مٽي ۾ ڀڀوت مزدور جئيان
    آء زندگي کي گهليندو
    رات کي ڏينهن ڏي سوريندو
    وڃي رهيو هئس
    قضا سان تيز رفتار 22 ويلر
    جي زوردار ٽڪر جئيان
    تنهنجي باڪمال حسن سان ٽڪر ۾ آء
    سب ڪجه وڃائي ويٺس
    منهنجي جسم جي نابودي جو
    احساس توکي به ٿيو هوندو
    پر بيهي مون تي ڪهل کائيڻ
    کي تو جرم سمجهيو هوندو
    شايد!
    تڏھن ئي تون پنهنجي رفتار ۾
    ئي گذري وئي هوئين
    پوء
    منهنجي عضبن جا چيڪاٽ
    دير تائين رستي تي
    تيز رفتار گذرندڙ گاڏين
    جي گهڻي شور ۾ ڌيما ڌيما ٿيندا رهيا
    ۽ رستي تان گذرندڙ
    گاڏين جي ٽائرن ۾ مٽي زرڙن جئيان
    تقسيم ٿي ختم ٿيندا ويا
    پوء مان قصه ئي ماضي ٿي ويس
    تون به ڪجه پرڀرو وڃي ڪنهن
    عاليشان مسجد جي پهرئين صف ۾ ويهي
    خدا
    کان پاڻ بخشرايو هوندو
    ۽ ندامت جي ڳوڙھن سان
    مان تنهنجي ڊائري
    جي ڪچي مس سان لکيل
    ڪنهن پني تي پاڻي هارجڻ کان پوء
    جئيان جِهلملو ٿي ويوهوندس
    ۽ سهيلين سان
    جڏهن ڪچهري ۾ حادثن
    جا قصا کولندا
    تڏھن تون ھي حادثو به
    صرف آکين ڏٺل ڪري
    بيان ڪندئين
    پر
    دل ۾ منهنجو سڄو
    عڪس ڏسي تون ضرور
    پيشمان ٿيندئين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو