هن وقت سمارٽ فونز ٺاھيندڙ ڪمپنيون پنھنجن سمارٽ فونز ۾ اسڪرين جي سائيز وڌائڻ ۽ buzles ختم ڪرڻ لاءِ مختلف طريقا استعمال ڪري رھيون آھن،موجودہ وقت مارڪيٽ ۾ جيڪي به سمارٽ فونز اچن پيا آھي اھي يا تہ notch جي شڪل ۾ اچن پيا يا وري ڪنهن ٻئي شڪل ۾ جنھن سان اسڪرين مڪمل طور تي لڳي ٿي.جڏھن کان apple ڪمپني پنھنجي iPhone ۾ Notch اسڪرين متعارف ڪرايو آهي تڏھن کان چائنيز ڪمپنيون پڻ پنھنجن سمارٽ فونز ۾ نوچ اسڪرين استعمال ڪندي پيون اچن،جنھن سان اسڪرين جو باڊي ريشيو وڌي ٿو. جيئن ته سامسنگ پنھنجن سمارٽ فونز ۾ نوچ ھن وقت تائين استعمال ۾ نہ آندو آهي پر ٻيا مختلف طريقا استعمال ڪندي پئي اچي،تازي رپورٽ مطابق سامسنگ ھڪ جلد جديد ترين ٽيڪنالاجي واري اسڪرين آڻي رھي آھي جنھن ۾ آواز پيدا ڪندي يعني ھاڻي سامھون واري پاسي کان لڳل earpiece speaker جي ضرورت نه پوندي صرف صارفين پنھنجو ڪن اسڪرين تي رکندو ته اسڪرين خود آواز پيدا ڪندي. Sound in screen نالي ھن ڊسپلي کي سامسنگ ايندڙ سال جنوري مھيني لاس ويگاس ۾ ٿيندڙ consumer electronic show ۾ نمائش لاءِ پيش ڪندي ھن ڊسپلي ۾ oled پينل جو استعمال ڪري bone conducion ۽ vibaration جي مدد سان اسڪرين مان آواز پيدا ڪندو،ھن اسڪرين ٽيڪنالاجي جي متعارف ٿيڻ کان پوءِ موبائيل فونز ٺاھيندڙ ڪمپنيون اسپيڪر کي ختم ڪري اسڪرين کي مڪمل طور اسڪرين بڻائڻ ۾ لائق ٿي وينديون اميد ته مستقبل۾ايندڙ سمارت فونز ۾ ھي ٽيڪنالاجي شامل ھوندي. سورس wccftech