اسڪرين ٽيڪنالاجي ۾ هڪ جديد ٽيڪنالاجي جي شروعات ھاڻي اسڪرين مان ئي آواز پيدا ٿيندو

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ فاروق سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏29 ڊسمبر 2018۔

?

ڇا ھي ٽيڪنالاجي بھتر ثابت ٿيندي?

  1. ھا

    1 ووٽ
    100.0%
  2. نہ

    0 ووٽ
    0.0%
  1. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    هن وقت سمارٽ فونز ٺاھيندڙ ڪمپنيون پنھنجن سمارٽ فونز ۾ اسڪرين جي سائيز وڌائڻ ۽ buzles ختم ڪرڻ لاءِ مختلف طريقا استعمال ڪري رھيون آھن،موجودہ وقت مارڪيٽ ۾ جيڪي به سمارٽ فونز اچن پيا آھي اھي يا تہ notch جي شڪل ۾ اچن پيا يا وري ڪنهن ٻئي شڪل ۾ جنھن سان اسڪرين مڪمل طور تي لڳي ٿي.جڏھن کان apple ڪمپني پنھنجي iPhone ۾ Notch اسڪرين متعارف ڪرايو آهي تڏھن کان چائنيز ڪمپنيون پڻ پنھنجن سمارٽ فونز ۾ نوچ اسڪرين استعمال ڪندي پيون اچن،جنھن سان اسڪرين جو باڊي ريشيو وڌي ٿو.

    [​IMG]
    جيئن ته سامسنگ پنھنجن سمارٽ فونز ۾ نوچ ھن وقت تائين استعمال ۾ نہ آندو آهي پر ٻيا مختلف طريقا استعمال ڪندي پئي اچي،تازي رپورٽ مطابق سامسنگ ھڪ جلد جديد ترين ٽيڪنالاجي واري اسڪرين آڻي رھي آھي جنھن ۾ آواز پيدا ڪندي يعني ھاڻي سامھون واري پاسي کان لڳل earpiece speaker جي ضرورت نه پوندي صرف صارفين پنھنجو ڪن اسڪرين تي رکندو ته اسڪرين خود آواز پيدا ڪندي.

    [​IMG]
    Sound in screen نالي ھن ڊسپلي کي سامسنگ ايندڙ سال جنوري مھيني لاس ويگاس ۾ ٿيندڙ consumer electronic show ۾ نمائش لاءِ پيش ڪندي
    ھن ڊسپلي ۾ oled پينل جو استعمال ڪري bone conducion ۽ vibaration جي مدد سان اسڪرين مان آواز پيدا ڪندو،ھن اسڪرين ٽيڪنالاجي جي متعارف ٿيڻ کان پوءِ موبائيل فونز ٺاھيندڙ ڪمپنيون اسپيڪر کي ختم ڪري اسڪرين کي مڪمل طور اسڪرين بڻائڻ ۾ لائق ٿي وينديون
    اميد ته مستقبل۾ايندڙ سمارت فونز ۾ ھي ٽيڪنالاجي شامل ھوندي.

    سورس wccftech
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو