سنڌي پٽي جي 52 اکرن جو تعارف ۽ اچار

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏30 ڊسمبر 2018۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ساٿيو سدا جڙيا ھجو

    ساٿيو : اوھان جي حضور ۾ـ انساني نالن بابت تربيت ڏنل پنھنجي ڪتاب "ناميڪا" مان سنڌي پٽي جي 52 اکرن بابت لکيل تعارف ۽ ان جو اچار اوھان ۽ نوجوان ساٿين جي حضور ۾ پيش ڪريان ٿو اميد تہ ڄاڻ جو ذريعو بڻبو ھي ڄاڻ اڳتي ٻين نمبرن ڏانھن موڪليندا تہ لک قرب

    حاڪم چانڊيو ڄامشورو

    ( الفُ )
    “الفُ” سنڌي، اردو، عربي، فارسي سميت سمورين ٻولين جي الف ب جو پهريون اکر آهي الفُ ڳاڻيٽي جي حوالي سان هڪ جي سڃاڻپ ڪري ٿو، جڏهن ته هي اکر اصل ۾ سنسڪرت ٻولي جو آهي ابجد جي حساب سان هن جو عدد هڪ آهي.

    ( ب )
    “بي” سنڌي، عربي، اردو، فارسي انگريزي سميت ٻين ٻولين جي الف ب جو ٻيون اکر آهي، جڏهن ته هي اکر اصل ۾ سنسڪرت ٻولي جو آهي، ابجد جي حساب سان هن جو عدد 2 آهي.

    ( ٻ )
    “ٻي ”سنڌي الف ب جو ٽيون اکر آهي، هي اکر صرف ۽ صرف سنڌي ٻولي ۾ شامل آهي ۽ نج سنڌي آهي، ابجد جي حساب سان هن جو عدد 2 آهي.

    ( ڀ )
    “ ڀي ” هي اکر صرف ۽ صرف سنڌي ٻولي ۾ شامل آهي جيڪو الف ب جو چوٿون نمبر اکر آهي، جڏهن ته هي اکر اصل ۾ سنسڪرت ٻولي جو آهي، ابجد جي حساب سان هن جو عدد 2 آهي.

    ( ت )
    “ تي” سنڌي الف بي جو پنجون اکر آهي جڏهن ته اردو ۽ فارسي الف ب جو چوٿون ۽ عربي جو ٽيون اکر آهي، ابجد جي حساب سان هن جو عدد 400 آهي.

    ( ٿ )
    “ٿي” سنڌي ٻولي جي الف بي جو ڇهون اکر آهي جيڪو سنڌي ٻولي جو پنهنجو اکر آهي، جڏهن ته هي اکر اصل ۾ سنسڪرت ٻولي جو آهي، ابجد جي حساب سان هن جو عدد 400 آهي.

    ( ٽ )
    “ ٽي ” سنڌي ٻولي جي الف بي جو ستون اکر آهي ۽ اردو ٻولي جي الف ب جو به ستون اکر آهي، جڏهن ته هي اکر اصل ۾ سنسڪرت ٻولي جو آهي، ابجد جي حساب سان هن جو عدد 400 آهي.

    ( ٺ )
    سنڌي ٻولي جي الف بي جو اٺون اکر آهي، جڏهن ته هي اکر اصل ۾ سنسڪرت ٻولي جو آهي، هن جو ابجد جي حساب سان هن جو عدد 400 آهي.

    ( ث)
    “ثي” سنڌي ٻولي جي الف بي جو نائون اکر آهي جڏهن ته اردو جو ڇهون، عربي جو چوٿون، فارسي جو پنجون اکر آهي. جڏهن ته هي اکر اصل ۾ عربي ٻولي جو آهي، هن جو ابجد جي حساب سان هن جو عدد 500 آهي.

    ( پ )
    “ پ” سنڌي ٻولي جي الف بي ۾ ڏهون نمبر اکر آهي، اردو ۽ فارسي الف بي جو ٽيون ۽ هندي جو ايڪويهون اکر آهي، هي اصل ۾ فارسي ٻولي جو اکر آهي هن جو ابجد جي حساب سان عدد 2 آهي.

    ( ج )
    “جيمُ ” سنڌي ٻولي جي الف بي جو يارهون اکر آهي جڏهن ته اردو جو ستون، عربي جو پنجون ۽ فارسي جو ڇهون اکر آهي، جڏهن ته هي اکر اصل ۾ سنسڪرت ٻولي جو آهي، ابجد جي حساب سان هن جو عدد 3 آهي.

    ( ڄ )
    “ڄي” سنڌي الف بي جو ٻارهون اکر آهي، هي اکر نج سنڌي آهي ۽ ٻولي ۾ موجود آهي، ابجد جي حساب سان هن جو عدد 3 آهي.

    ( جهه)
    “جهي” سنڌي ٻولي جي الف بي جو 13 هون اکر آهي، جڏهن ته هي اکر اصل ۾ سنسڪرت ٻولي جو آهي، هن جو ابجد جي حساب سان عدد 3 آهي.

    (ڃ)
    “ڃي” سنڌي الف بي جو پندرهون اکر آهي، هي سنڌي ٻولي جي آئيويٽا کان سواءِ ٻي ٻولي جي آئيويٽا ۾ شامل نه آهي، جڏهن ته هي اکر اصل ۾ سنسڪرت ٻولي جو آهي، هن جو عدد 3 آهي هن اکر سان سنڌي ٻولي ۾ڪوبه نالو موجود نه آهي.

    ( چ )
    “چي” سنڌي الف بي جو پندرهون اکر آهي، هي اصل ۾ فارسي ٻولي جو اکر آهي هن جو ابجد جي حساب سان عدد 3 آهي.

    ( ڇ )
    “ڇي ” سنڌي ٻولي جي الف بي جو سورهون اکر آهي، جڏهن ته هي اکر اصل ۾ سنسڪرت ٻولي جو آهي، هي اکر مختلف شڪلين ۾ اردو، هندي ۽ ٻين ٻولين ۾ موجود آهي، ابجد جي حساب سان هن جو عدد 8 آهي.

    ( ح )
    “حي ” سنڌي ٻولي جي الف بي جو سترهون اکر آهي جڏهن ته اردو جو نائون، فارسي جو اٺون ۽ عربي جو الف ب جو ڇهون اکر آهي، هي اکر اصل ۾ عربي ٻولي جو آهي هن جو ابجد جي حساب سان عدد 8 آهي.

    ( خ )
    “خي” سنڌي ٻولي جي الف بي جو ارڙهون اکر آهي جڏهن ته اردو جو ڏهون، عربي جو ستون، فارسي جو نائون اکر آهي، هي اکر اصل ۾ عربي ٻولي جو آهي، هن جو ابجد جي حساب سان عدد 600 آهي.

    ( د )
    “دالُ” سنڌي ٻولي جي الف بي جو اوڻويهون اکر آهي، جڏهن ته اردو جو يارهون، عربي جو اٺون، فارسي جو ڏهون اکر آهي، جڏهن ته هي اکر اصل ۾ سنسڪرت ٻولي جو آهي، هن جو ابجد جي حساب سان عدد 4 آهي.

    ( ڌ )
    “ڌالُ ”سنڌي ٻولي جي الف بي جو ويهون اکر آهي، جيڪو نج سنڌي الف بي جو اکر آهي، جڏهن ته هي اکر اصل ۾ سنسڪرت ٻولي جو آهي هن جو ابجد جي حساب سان عدد 4 آهي.

    ( ڏ )
    “ڏالُ” سنڌي ٻولي جي الف بي جو ايڪويهون اکر آهي جيڪو اکر صرف ۽ صرف سنڌي ٻولي ۾ آهي، هن جو ابجد جي حساب سان عدد 4 آهي.

    (ڊ)
    “ڊال” سنڌي ٻولي جي الف بي جو ٽيويهون اکر آهي، جيڪو پڻ سنڌي ٻولي کان سواءِ ٻي ڪنهن ٻولي ۾ موجود نه آهي، جڏهن ته هي اکر اصل ۾ سنسڪرت ٻولي جو آهي هن جو ابجد جي حساب سان عدد 4 آهي.

    ( ڍ )
    “ڍالُ” سنڌي ٻولي جي الف بي جو ٽيويهون اکر آهي، جيڪو پڻ سنڌي ٻولي کان سواءِ ٻي ڪنهن ٻولي ۾ موجود نه آهي، جڏهن ته هي اکر اصل ۾ سنسڪرت ٻولي جو آهي، هن جو ابجد جي حساب سان عدد 4 آهي.

    ( ذ )
    “ذالُ” سنڌي ٻولي جي الف بي جو چوويهون اکر آهي، جڏهن ته عربي جو نائون، فارسي جو يارهون ۽ اردو جو تيرهون اکر آهي، جڏهن ته هي اکر اصل ۾ عربي ٻولي جو آهي، هن جو ابجد جي حساب سان عدد 700 آهي.

    ( ر )
    “ري” سنڌي ٻولي جي الف بي جو پنجويهون اکر آهي جڏهن ته عربي جو ڏهون، اردو جو چوڏهون ۽ فارسي جو ٻارهون اکر آهي، جڏهن ته هي اکر اصل ۾ سنسڪرت ٻولي جو آهي، ابجد جي حساب سان هن جو عدد 200 آهي.

    (ڙ)
    “ڙي” سنڌي ٻولي جي الف بي جو ڇويهون اکر آهي جڏهن ته اردو جو سورهون، عربي جو يارهون ۽ فارسي جو تيرهون اکر آهي، جڏهن ته هي اکر اصل ۾ سنسڪرت ٻولي جو آهي، هن جو ابجد جي حساب سان هن جو عدد 7 آهي، هن اکر سان ماڻهو جو ڪوبه نالو موجود ناهي.

    ( ز )
    “زي” سنڌي ٻولي جي الف بي جو ستاويهون اکر آهي جڏهن ته اردو جو سورهون، عربي جو يارهون ۽ فارسي جو تيرهون اکر آهي، جڏهن ته هي اکر اصل ۾ عربي ٻولي جو آهي، ابجد جي حساب سان هن جو عدد 7 آهي.

    ( س )
    “سينُ”سنڌي ٻولي جي الف بي جو اٺاويهون اکر آهي، جڏهن ته عربي جو ٻارهون، اردو جو ارڙهون ۽ فارسي جو پندرهون اکر آهي، هي اکر اصل ۾ سنسڪرت ٻولي جو آهي، هن جو ابجد جي حساب سان عدد 60 آهي.

    ( ش )
    “شينُ” سنڌي ٻولي جي الف بي جو اوڻٽيهون اکر آهي، جڏهن ته اردو ٻولي جي الف ب جو اوڻويهون، عربي جو تيرهون ۽ فارسي جو سورهون اکر آهي، جڏهن ته هي اکر اصل ۾ سنسڪرت ٻولي جو آهي، هن جو ابجد جي حساب سان عدد 200 آهي.

    ( ص )
    “ صُئادُ ” سنڌي ٻولي جي الف بي جو ٽيهون اکر آهي، اردو جو ويهون، فارسي جو تيرهون ۽ عربي جو چوڏهون اکر آهي، جڏهن ته هي اکر اصل ۾عربي ٻولي جو آهي، هن جو ابجد جي حساب سان عدد 90 آهي.

    ( ض )
    “ضُئادُ ” سنڌي ٻولي جي الف بي جو ايڪٽيهون اکر آهي جڏهن ته اردو جو ايڪويهون، فارسي جو ارڙهون ۽ عربي جو پندرهون اکر آهي، جڏهن ته هي اکر اصل ۾ عربي ٻولي جو آهي، هن جو ابجد جي حساب سان عدد 800 آهي.

    ( ط )
    “طوئي” سنڌي ٻولي جي الف بي جو ٻٽيهون اکر آهي جڏهن ته اردو جو ٻاويهون، فارسي جو اوڻويهون ۽ عربي جو سورهون اکر آهي، جڏهن ته هي اکر اصل ۾ عربي ٻولي جو آهي، هن جو ابجد جي حساب سان عدد 9 آهي.

    ( ظ )
    “ظوئي” سنڌي ٻولي جي الف بي جو ٽيٽيهون اکر آهي جڏهن ته اردو جو ٽيويهون، فارسي جو ويهون ۽ عربي جو سترهون اکر آهي، هي اکر اصل ۾ عربي ٻولي جو آهي، هن جو ابجد جي حساب سان عدد 900 آهي

    (ع )
    “عينُ” سنڌي ٻولي جي الف بي جو چوٽيهون اکر آهي جڏهن ته اردو جو چوويهون، فارسي جو ايڪيهون ۽ عربي جو ارڙهون اکر آهي، جڏهن ته هي اکر اصل ۾ عربي ٻولي جو آهي، هن جو ابجد جي حساب سان انگ 70 آهي.هي عيسوي سال جي نشاني طور به استعمال ٿيندو آهي.

    (غ )
    “غينُ”سنڌي ٻولي جي الف بي جو پنجٽيهون اکر آهي جڏهن ته اردو جو پنجويهون، فارسي جو ٻاويهون ۽ عربي جو اوڻويهون اکر آهي، هي اکر اصل ۾ عربي ٻولي جو آهي، هن جو ابجد جي حساب سان عدد 1000 آهي.

    ( ف )
    “في”سنڌي ٻولي جي الف بي جو ڇٽيهون اکر آهي جڏهن ته اردو جو ڇويهون، فارسي جو ٽيويهون ۽ عربي جو ويهون اکر آهي، هي اکر اصل ۾ عربي ٻولي جو آهي، هن جو ابجد جو نمبر 80 آهي.

    ( ڦ )
    “ڦي” سنڌي ٻولي جي الف بي جو ستٽيهون اکر آهي، جڏهن ته هي اکر اصل ۾ سنسڪرت ٻولي جو آهي، هن جو ابجد جي حساب سان عدد 80 آهي.

    ( ق )
    “ قافُ” سنڌي ٻولي جي الف بي جو اٺٽيهون اکر آهي جڏهن ته اردو جو ستاويهون، فارسي جو چوويهون ۽ عربي جو ايڪويهون اکر آهي، هي اکر اصل ۾ عربي ٻولي جو آهي، هن جو ابجد جي حساب سان عدد 100 آهي

    ( ڪ )
    “ڪافُ” سنڌي ٻولي جي الف بي جو اوڻيتاليهون اکر آهي جڏهن ته اردو جو اٺاويهون، فارسي جو پنجويهون ۽ عربي جو ٻاويهون اکر آهي، جڏهن ته هي اکر اصل ۾ سنسڪرت ٻولي جو آهي، هن جو ابجد جي حساب سان عدد 20 آهي.

    ( ک )
    “کي” سنڌي ٻولي جي الف بي جو چاليهون اکر آهي، جڏهن ته هي اکر اصل ۾ سنسڪرت ٻولي جو آهي، هن جو ابجد جي حساب سان عدد 20 آهي.

    ( گ )
    “گافُ” سنڌي ٻولي جي الف بي جو ايڪيتاليهون اکر آهي جڏهن ته اردو جو اوڻٽيهون، فارسي جو پنجويهون اکر آهي، هي نج فارسي اکر آهي ۽ هن جو ابجد جي حساب سان عدد 20 آهي.

    ( ڳ )
    “ڳي” سنڌي ٻولي جي الف بي جو ٻائيتاليهون ۽ سنڌي ٻولي جو نج اکر آهي، هن جو ابجد جي حساب سان عدد 20 آهي.

    ( گهه)
    “گهي” سنڌي ٻولي جي الف بي جو ٽيتاليهون اکر آهي جڏهن ته اردو جو اوٽيهون، فارسي جو پنجويهون اکر آهي، جڏهن ته هي اکر اصل ۾ سنسڪرت ٻولي جو آهي، هن جو ابجد جي حساب سان عدد 20 آهي.

    ( ڱ )
    “ ڱي” سنڌي ٻولي جي الف بي جو چوئيتاليهون اکر آهي جڏهن ته اردو جو اوٽيهون، فارسي جو پنجويهون اکر آهي، جڏهن ته هي اکر اصل ۾ سنسڪرت ٻولي جو آهي، هن جو ابجد جي حساب سان عدد 20 آهي.

    ( ل )
    “لامُ” سنڌي ٻولي جي الف بي جو پنجيتاليهون اکر آهي جڏهن ته اردو جو ٽيهون، فارسي جو ستاويهون ۽ عربي جو ٽيويهون اکر آهي، جڏهن ته هي اکر اصل ۾ سنسڪرت ٻولي جو آهي، هن جو ابجد جي حساب سان عدد 30 آهي ـ

    ( م )
    “ميمُ” سنڌي ٻولي جي الف بي جو ڇائيتاليهون اکر آهي جڏهن ته اردو جو ايڪٽيهون، فارسي جو اٺاويهون ۽ عربي جو چوويهون اکر آهي، جڏهن ته هي اکر اصل ۾ سنسڪرت ٻولي جو آهي، هن جو ابجد جي حساب سان عدد 30 آهي.

    ( ن )
    “نُونُ” سنڌي ٻولي جي الف ب جو ستيتاليهون اکر آهي جڏهن ته اردو جو ٻٽيهون، فارسي جو اڻٽيهون ۽ عربي جو پنجويهون اکر آهي، جڏهن ته هي اکر اصل ۾ سنسڪرت ٻولي جو آهي، هن جو ابجد جي حساب سان عدد 50 آهي.

    ( ڻ )
    “ڻُوڻُ” سنڌي ٻولي جي الف ب جو اٺيتاليهون اکر آهي، جڏهن ته هي اکر اصل ۾ سنسڪرت ٻولي جو آهي، هن جو ابجد جي حساب سان عدد 20 آهي.

    ( و )
    “واوُ” سنڌي ٻولي جي الف بي جو اوڻونجاهون اکر آهي جڏهن ته اردو جو ٽيٽيهون، فارسي جو ٽيهون ۽ عربي جو ڇويهون اکر آهي، هن جو ابجد جي حساب سان عدد 6 آهي.

    ( هه )
    “هي” سنڌي ٻولي جي الف ب جو پنجاهون اکر آهي جڏهن ته اردو جو چوٽيهون، فارسي جو ايڪٽيهون ۽ عربي جو ستاويهون اکر آهي، جڏهن ته هي اکر اصل ۾ سنسڪرت ٻولي جو آهي، هن جو ابجد جي حساب سان عدد 5 آهي.

    ( ي )
    “يي” سنڌي ٻولي جي الف بي جو ٻاونجاهون اکر آهي جڏهن ته اردو جو پنجٽيهون، فارسي جو ٻٽيهون ۽ عربي جو اٺاويهون اکر آهي، هي اکر اصل ۾ سنسڪرت ٻولي جو آهي، هن جو ابجد جي حساب سان عدد 10 آهي.

    نوٽ : سنڌ ۾ نج سنڌي نالن سان گڏ عام ۽ مروج انساني نالن تي مشتمل منھنجو جامع ۽ مڪمل ڪتاب جنھن جو اصل مسودو سنڌي ٻولي جي باختيار اداري وارن گم ڪري ڇڏيو ھو جيڪو واپس نہ ملڻ تي ٻيھر ڪتاب کي ترتيب ڏئي ڇڏيو آهي جيڪو تمام جلد مارڪيٽ ۾ اچڻ وارو آھي ـ ڪير بہ واٽس ايپ تي ڪنھن بہ نج سنڌي نالي سميت پنھنجي ۽ پنھنجي پسند جي نالي بابت تفصيل ان جي ھيئيت معلوم ڪري سگھي ٿو : فقط
    سنڌي ادب جو شاگرد
    حاڪم چانڊيو
    ڄامشورو
    موبائيل نمبر
    واٽس ايپ. . . 03013546055
    03112112354
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو