ويھين صديءَ جو مزاحمتي شاعر: وفا ناٿن شاهي

'سنڌي شاعري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏1 جنوري 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    وفا ناٿن شاهي جي ورسي جي حوالي سان لکيل:

    ويھين صديءَ جو مزاحمتي شاعر: وفا ناٿن شاهي

    ڪامريڊ ڪريم بلوچ

    ڪُني جو ڍَڪُ لھي ويو،
    ڪُتي جو شَڪُ لھي پيو. (وفا)

    ”مون کي دنيا ”وفا“ ٿي سڏي، معجزو تنھنجي پيار جو آهي. جڏهن به اوهان ڪنھن شاعر تي قلم کڻندا ته اول ان جي شخصيت ۽ شاعري جي پسمنظر جو جائزو وٺندا ته هن جون ادب ۾ ڪيتريون خدمتون ڪيل آهن ۽ انساني معاشري ۽ ڌرتيءَ لاءِ ڇا ڇا نه ڪري ويو آهي. ذات، انا ۽ دولت لاءِ ته سڀ ڪو ڪوشش ڪري ٿو، پر اصلي تاريخ انھن جي جڙي ٿي جنھن انساني ۽ ڌرتي جي خدمت ڪئي. پوءِ ته ان جا ڳڻ سڀ ڪو سموري جڳ ۾ ڳائيندو.
    هڪ ڏينھن ”وفا“ مون کي ملاقات دوران چيو ته، ”مان ڇوري ڇِني يتيم جي هن دنيا ۾ ڪا امر هستي ماءُ بڻي ته اُها سنڌ جي ڌرتي آهي، سنڌ ساري قبائلي ذاتي فسادن جهڳڙن ۾ سموري زندگي گذاري ڇڏي آهي. پوءِ ته اسان کي سنڌي سڏائڻ تي افسوس ڪرڻ گهرجي!!. ڪن حادثن ۾ ته کيرپياڪ ٻار به شھيد ٿي وڃن ٿا، جنھن سرزمين تي کير پياڪ ٻار کي به بارود سان ساڙيو وڃي ٿو ۽ نوجوان ڇوڪرين ۽ عورتن کي قتل ۽ ڪاري ڪري ماريو وڃي ٿو، گهرن کي باهيون ڏنيون وڃن ٿيون. اهڙي سرزمين کي ڪربلا جي سرزمين نه چئجي ته ٻيو ڇا چئجي؟ مون کي اهو چوندي شرم محسوس ٿو ٿئي ته اهڙن حادثن دوران جھڙو هندو سنڌي سنڌ مان لڏي ڪاڏي ويندا ۽ ڇو ويندا. منھنجي اکين مان لُڙڪن جا آبشار وهڻ لڳا، مون پاڻ تي سوچيو هو ته پنجاهه سالن کان پوءِ اڌ صدي سنڌ ۾ رهڻ کانپوءِ ته ”وفا“ اڳ ته هندستان مان مسلمان جي حيثيت سان پنھنجا مائٽ مِٽ قتل ڪرائي پنجاب آياسين، اُتان لڏي وري سنڌ ۾ آياسين، هاڻي پنھنجو ڇا ٿيندو؟“ هي جنم جنم جي خانه بدوش مخلوق ڪاڏي ويندي. زنده رهڻ جي قيمت ايتري نه هئڻ گهرجي، ڇا انسان ٿيڻ جرم آهي، ڇا غلامي کان آجو ٿيڻ لاءِ جدوجھد ڪرڻ ڪفر آهي، ڇا آزادي جي گهر ڪرڻ غداري آهي. هڪ امن پسند قوم سماجي معاشي اقتصادي ۽ خوشحالي جي گهر ڪئي ته ان قوم تي ايتريون سختيون ڇو؟ عذاب ڇو نازل ٿين ٿا.
    شاعر وقت جو امين، گواهه، شاهد ۽ تاريخ ٿين ٿا ۽ پنھنجي قلم جي طاقت سان قوم ۽ ڌرتيءَ مٿان ٿيندڙ ناانصافيون، ظلم جبر سان منھن مقابلو ٿيڻ، ڦرندڙ گرندڙ روايتن، حالتن جو انڪاري ٿئي ٿو، ڇو جو شاعر سماج رياستي حالتن جو سمورو راز رکي ٿو، پوءِ قلم جي نوڪَ سان تاريخ جا ڪيترا باب لکي ڇڏي ٿو. اچو ته هاڻي وفا جي شاعري زندگي حالات جو پورو پورو جائزو وٺون.
    ”وفا“ کي عام طور تي سڀ ڪو سنڌ جو سيلاني پکي “ڪونج“ يا سنڌ جو ابن بطوطه ڪري سڏيو وڃي ٿو. وفا جو جنم 15-مئي 1944ع سومر ڏينھن انڊيا جي ننڍڙي ڳوٺ پنڊيالا جنھن کي مرغي والا يعني ڪڪڙن وارو شھر ڪوٺبو هو، ضلعو امرتسر ڀارت ۾ ڄائو ۽ پھرين جنوري 2007ع ۾ ڪراچي ۾ پنھنجي پٽ آفتاب جي گهر ۾ وفات ڪري ويو. ورهاڱي کانپوءِ سندن والد خيرات علي سان گڏ ۽ ان وقت مشتاق علي (وفا) جي عمر چار سال هئي، اول پنجاب پوءِ سنڌ ڏانھن آيو، گوزو پوءِ خيرپور ناٿن شاهه ۾ اها ذاتي طور رهائش اختيار ڪئي. ڏاڏن پيار لاڏ مان مٿس؛ اشتياق علي، اشفاق علي، امتياز علي، فيض احمد ۽ مشتاق علي نالا رکيا هئا، جن مان مشتاق علي مشھور ٿيو. سندن مادري ٻولي پنجابي هئي، والد خيرات علي، ڳوٺ ڳوٺ وڃي ڪپڙو يا منھيارڪو ڌنڌو ڪندو هو. والد اڻ پڙهيل پر گرمکي ڄاڻندو هو. پنجابي هير رانجهو، وارث شاهه، سنڌي ۾ رام ۽ سھڻي ميھار جو داستان ياد هوس. والد عاشق مزاج ماڻهو هو، پنج شاديون ڪيون هيائين. خيرات علي قريشي 1947ع ۾ گوزي ۾ آيو هو. وفا جي پٽ خالد حسين جي چوڻ مطابق ته هو پنھنجي قريشي خاندان جا مرشد هئا ۽ هڪ اسٽيج ڊرامو به ٺاهيو جنھن ۾ وفا هڪ جج جو ڪردار ۽ سندس پٽ خالد حسين ان ۾ هيرو جو ڪردار ادا ڪيو. ان ڊرامي جي وڊيو مون به ڏٺو. سائين نشتر ناٿن شاهي، سندن تخلص ”وفا ناٿن شاهي“ رکيو. ان کانپوءِ وڃي محسن ڪڪڙائي جو شاگرد ٿيو. ادبي کيتر ۾ ”وفا“ جي نالي سان مشھور ٿيو. تعليم ايم.اي (پوليٽيڪل سائنس)۾ ڪئي. بعد ۾ جانورن جي ڊاڪٽري جو ڪورس ڪري جانورن جي اسپتال ۾ ڊاڪٽر ٿيو. شاعري جي شروعات 64-1962ع ۾ حادثاتي طور ٿي. جيئن ئي نشترناٿن ساهي چيس ته مشتاق هل ته ڪنھن مشاعري ۾ شرڪت ڪيون. وفا هوٽل کان اٿي گهر آيو، ريڊيو هلايو ته اتان ساحر لڌيانوي جو ريڊيو تان فلمي گانو هلي رهيو هو ۽ پوءِ وفا ان جا رديف ڪافيه لکيا ۽ ان نموني غزل لکي نشتر کي ڏيکاريو ته هُن ڏسي واهه واهه ڪئي. وفا اهو غزل ان مشاعري ۾ پڙهيو ته سڀني کي پسند آيو. پوءِ وفا جي قلم مان ڪڏهن مَسُ نه سُڪي.
    وفا چواڻي ته، ”شاعري ڌرتي ۽ دل جي محبت جو ٻيو نالو آهي، پراڻي شاعريءَ ۾ صرف هجر ۽ وصال جو ذڪر ملي ٿو، يعني غمِ جانان جو ذڪر آهي، پر غم دؤران جو ذڪر نه ٿو ملي. جڏهن ته غم دؤران هڪ اهم ترين پھلو آهي ۽ هو هڪ موضوع آهي. منھنجي غزل ۾ اوهان کي غمِ جانان به ملندو ته غمِ دؤران به.“ هو وڌيڪ وضاحت ڪندي چوي ٿو ته، ”هر زبان جي اصليت ۽ حقيقت اتان جا ڳوٺ ۽ واهڻ هوندا آهن، نه ڪي شھر. قوم جو فطرتي ادب لوڪ ادب هوندو آهي نه ڪي شھري ادب. شھري ادب فينسي گليمر آهي، اهو ڪنھن به قوم زبان ۽ مزاج جي خلاف هوندو آهي. اسان وٽ شھري ادب به تخليق ٿئي ٿو. ٻھراڙي جو ادب پرڪشش ڪري ٿو. شھري ادب کي ٻھراڙي وارو ماڻهو گهڻي تعداد ۾ نه ٿو سمجهي. تنھنڪري ٻھراڙي جي ادب کي وڌيڪ اهميت ملي ٿي ۽ مون به وڌيڪ ٻھراڙي جي ادب ۽ ٻوليءَ کي وڌيڪ اهميت ڏني آهي ۽ ادب اهڙو سرجڻ گهرجي جيڪو اڻ پڙهيل کان وٺي اعلى تعليم يافته تائين هر ڪو سمجهي سگهي. اهو ٻھراڙي جو ادب ٿي سگهي ٿو، اديب، شاعر جي مکيه ۽ بنيادي اهم ضروري معاشي حالتون ۽ سماجي حالتون آهن. شاعر مڙني سماجي حالتن ۽ رنگن روپن جو نقاد، عڪاس ۽ شناس ٿئي ٿو. اسان اوهان کي وفا جي شاعري ۾ ٻھراڙي جي ٻولي ۽ ٻھراڙيءَ جي پسمنظر جي عڪاسي ملي ٿي ۽ ڪنھن به قوم جي حالتن کي سڌارڻ لاءِ اختيارات اديبن ۽ شاعرن وٽ نه آهن. تنھنڪري شاعر اديب صرف حالتن تي مؤثر طريقي سان روشني وجهي سگهي ٿو. اهو ئي هن کي هر حال ۾ ڪرڻ گهرجي نه ته هن جي اديب شاعر هجڻ مان قوم ۽ ملڪ کي ڪوبه فائدو ناهي. هاءِ زندگي ته ازل کان ترقي پذير ۽ تبديلي پذير رهندي آئي آهي. زندگيءَ جي اها ئي هڪڙي اولين ۽ آخرين حقيقت آهي.
    جھڙيءَ طرح زندگيءَ جا تمدني قدر سدائين آهستگيءَ سان ۽ درجي بدرجي بدلجندا رهن ٿا. تھڙي طرح ادب ۾ به يڪايڪ ڪا اوچتي تبديلي ڪانه ايندي آهي. بلڪ وقت ۽ حالتن پٽاندڙ ان جي اوسر جا مرحلا طئي ٿيندا آهن. جھڙوڪ سنڌ جي عظيم شاعري (ڪلاسيڪل) عروضي پيمانن تي نه بلڪ هندي وَزن موسيقيءَ جي اصولن تي ٻَڌل آهي. عروضي پابنديون سنڌي مزاج سان بلڪل ٺھڪندڙ نه آهن. سنڌي شاعري انھن تي ڪڏهن به مڪمل طرح عمل نه ڪيو آهي ۽ ٺيٺ ايراني ماحول واري روايتي شاعري جي شروع کان اڄ ڏينھن تائين سنڌي شاعري جي ڪنھن به دؤر سان نٿي ٺھڪي ۽ اها سنڌي مزاج کان مختلف آهي. فرض ڪيو ته سنڌ هڪ خوبصورت عورت آهي جنھن جي لباس تي، کاڌي پيتي تي، اُٿڻي ويھڻيءَ تي، فطرت، لڙڪن، مرڪن، ڏکن تڪليفن ۽ ماحول تي لکڻ آهي ۽ بلڪل لکڻ گهرجي.
    شاعرن پنھنجي ماضي جي زنده روايتون جي حفاظت سان گڏ پنھنجي دؤر جون نيون روايتون به قائم ڪيون آهن، ڇو ته ان جو پنھنجو زمانو ۽ بدليل حالتون هونديون آهن، اسان کي سنڌي ٻولي ۾ ٽن قسمن جي شاعري ملي ٿي، هڪ داخلي، ٻي خارجي ۽ ٽين داخلي خارجي مليل. غزل جو اصل مزاج داخلي آهي، جن شاعرن وٽ تخليقي قوت جي کوٽ آهي سي ايرانين جي ٺھيل ٺڪيل لفظن ۽ پھاڪن، ترڪيب ۽ بندش کي پنھنجي اظھار لاءِ ڪتب آڻڻ لڳا. جنھنڪري سندن شاعري جو اسلوب ۽ ماحول به اصليت کان ڪٽجي ويو هو ۽ ايراني روايتن جا اُهي منظر قائم ٿي ويا، جن ۾ درٻاري محفلون هيون. حسن ۽ عشق ته زندگيءَ جا لافاني جزا شاعريءَ جو مقدس موضوع آهن پر جڏهن ڪا شئ ڏٺل نه هوندي ته پوءِ شاعر جي دل ۾ ان جي لاءِ جذباتي رد عمل ڪھڙو هوندو. غزل سنڌي ۾ داخلي شاعريءَ جو مثال نٿو بڻجي ۽ خارجي شاعريءَ جي صنف ۾ هنن تمام گهٽ دلچسپي ورتي آهي، ڇو ته ٽيڪنيڪل (فني) شاعريءَ ۾ غزل جي صنف ئي اهڙي آهي جنھن ۾ صنف و حرفت جا سڀئي طريقا ڏيکاري سگهجن ٿا. غزل ريزه خيالي پريشاني گوئي جو اهڙو ئي هڪ ڊيڄاريندڙ خواب آهي جھڙو اسانجي شاعرن لاءِ سندن سماجي زندگي بڻجي وئي آهي. شاعرن جو سمورو مواد هميشه لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنھن تي اول العزم استادن جي شعرن جو ڄارو ڄمي ويو هو، شعر جي معنى اها سمجهي ويئي ته انھن ڄاري لڳل خيالن کي ئي ورتو وڃي جن کي اسان جا شاعر فخر سان نئون مضمون چوندا هئا، جنھن جو مطلب رڳو اهو هو ته لفظ بندش ترڪيب رديف بحر بدلائي مضمون نگاري ادا ڪئي وئي هئي، ۽ گھري نظر وڌي وڃي ته مضمون جي جدت جي لحاظ کان چند شعرن کان سواءِ باقي سڄو جو سڄو ايراني شاعري جو هوبھو نقل هو. وفا جا ٽي ڪتاب ڇپيل آهن، ”اکين ۾ الماس“، ”وفا“، اوجاڳن جو انت“.
    ”وفا“ سان منھنجي پھرين ملاقات لطيف آباد نمبر-6 ۾ ٿي، جتي سندس گهر آهي، جڏهن سندس گهر پھتس ته گهر جي دروازي تي وچولي قدر وارو پوڙهو لَٺ هٿ ۾ هئس، ويٺل نظر آيو ۽ پڇڻ تي معلوم ٿي ويو ته سندس والد آهي. وفا کي سڏي آيو ۽ وفا پنھنجي گهر جي مٿين ڪمري ۾ وٺي ويو. اتي مختلف سنڌي ادبي صنفن تي ويچار ٿيا ۽ پوءِ انٽرويو جو سلسلو هليو، اهو انٽرويو سنڌو دائجسٽ ۾ ڇپيو هو ۽ هن سان پوءِ خط و ڪتابت جو سلسلو جاري رهيو. هن مون کي سنڌ ۽ سنڌ۾ دهشتگردي، لساني جهڳڙن تي طويل خط لکيو جيڪو انور جوکيو جي رسالي (سنڌ) ۾ ڇپيو هو. هڪ ڏينھن لاڙڪاڻي ۾ آيو هو ۽ سندس پٽ خالد حسين لاڙڪاڻي زرعي ڪاليج ڏوڪري ۾ ليڪچرار هو. وفا هڪ مھيني لاءِ پنھنجي پٽ جي مسواڙي جاءِ ۾ رهيو. لاڙڪاڻي جي مختلف شھرن ۾ ادبي ميڙاڪن ۾ شرڪت ڪئي، جھڙوڪ ڏوڪري لاڙڪاڻي، قمبر ۾ استاد پيرل قنبر جي ورسي ۾ به عبدالڪريم گدائي جي ورسي جيڪا جيڪب آباد ۾ رکيل هئي، ان ۾ ڪامريڊ سوڀوگيانچنداڻي، وفا، سرڪش سنڌي، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، ڪريم بلوچ، جيئل اوڏ لاڙڪاڻي مان گڏ هڪ وين ۾ وياسين ۽ اسٽيج تي ٻين صاحبن کي ويھاريو ويو ۽ اسان هڪ چٺ تي وفا جو نالو لکي فتاح عابد ڏي موڪلي سين، جنھن بعد هن کي گهرايو ويو ۽ پوءِ سڀني موجود شاعرن کي مات ڏئي ويو ۽ واهه واهه ٿي وئي ۽ اسان رات جي پوئين پھر ۾ ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو جي حصي ۾ آياسين ۽ پوءِ سڄي رات وفا، جيئل، ڪريم، برڪت بلوچ سائين غلام نبي سڌائي سان ڪچھري ڪندي گذاري. هن صاحب ڏاڍي خدمت ڪئي ۽ چانهه به پاڻ پنھنجي هٿن سان ٺاهي ايندو هو. هاڻ اسان وفا جي شاعري ڏانھن اچون ٿا.

    ســڄــي جـھـان ۾ جـهنـڊا بلندا هـئـا - مگر صليب تي تنھنجا نيازمند هئا.
    **
    هَــڻـي ويــو نـنــڊ پــئـي چَــڪُ، - اکيون کُليون دوستي جا ڏند هئا.
    **
    دنيا مون کي وفا وفا ٿي سڏي - معجزو تنھنجي پيار جو آهي.
    **
    تنھنجا ٿورا لاهي نه سگهيو ته ڳائيندو - وفا غريب سھي بي ضمير ناهي ڙي.
    **
    زندگي گذري وئي حسين جيان - مٿي ۾ جو به لڳو، يزيد لڳو.

    دنيا جي مڙني ٻولين ۾ جيڪي شاعري ۽ ادب سرجيو، مذهبي ڪتاب مليا هئا، سي سڀ نظم ۾ هئا، اڳ شاعري جيڪا دستياب ٿي آهي، اها قوم جي ثقافت سماجي اقتصادي معاشري، قوم ڌرتي جي وجود جي سڃاڻپ آهن، جيڪڏهن ڪوبه ملڪ قوم ترقي ڪرڻ يا دنيا ۾ پنھنجو وجود کي زنده رکڻ چاهي ٿو ته پوءِ سمورن هٿيارن، ايٽم بمن کي ختم ڪري ڇڏڻو پوندو.
     
    عرس پريو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو