ازل کان ابد جو شاعر: سعيد ميمڻ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏1 جنوري 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,860
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ازل کان ابد جو شاعر: سعيد ميمڻ

    فـقير محمد سنڌي

    رنگ پنھنجو ازل کان ميرانجهو،
    بُــــت مِــٽــيءَ مــان بـڻـيــو آهي.

    (سعيد ميمڻ)

    شاعر جي اک ۽ سوچ دنيا جي وضاحتن ۽ ڊڪشنرين کان وڌيڪ ڳري آهي، تڏهن ته شاعريءَ جي هڪ سِٽَ ۾ ازل کان ابد جون نازڪ نفيس عڪاسيون معاشري کي ملن ٿيون. شاعر ۽ شاعري تاريخ جا وارث آهن، جن ۾ قومن جي تاريخ هر دؤر ۾ زنده رهي ٿي. اهڙو ئي لاڙڪاڻي جي ويجهي تر ڳوٺ عاقل سان تعلق رکندڙ سعيد ميمڻ به آهي، جنھن جي شاعريءَ ۾ تاريخ جي اڻت موجود آهي.
    سعيد ميمڻ 8 نومبر 1968ع تي ڳوٺ عاقل ۾ جنم ورتو، سعيد ميمڻ کي سنڌو درياءَ تي ناز هو، جو هو انهيءَ درياءَ ڪنڌيءَ تي جنم ورتو هو. اهڙي طرح سنڌ کي وري سعيد ميمڻ تي ناز آهي جو هو نوجوان ٽھيءَ جو نمائندو شاعر آهي.
    لارڊ ميڪالي جو خيال ياد اچي ويو آهي ته،“مخاطب ڪرڻ واري جي انداز مان، ماڻهو ان جي تھذيب جو اندازو لڳائي سگهندا آهن.” سعيد ميمڻ به شاعريءَ جي سفر ۾ تاريخ جي معيار ۾ بلڪل سونھون آهي. ادب ۽ تاريخ جي بحث مباحثي ۾ سعيد ميمڻ جي شاعري حوالي طور تي پيش ڪري سگهجي ٿي. ڇو جو دل کي آٿت ڏيڻ ۽ تاريخ کي من ۾ جهومائڻ جو ڪم شاعر آسانيءَ سان ڪري سگهي ٿو.

    يارَ هـمـدرد هـئــا زبـانــي سَــڀُ،
    ڏکُ اَســان پــاڻ ســان سَـلـيـو آ.
    آئيني جي اڳيان ته مان آهيان،
    آئيني منجهه عڪس ٻيو آهي.
    اڄ جي تھذيب آهه ڇو عريان؟
    ڇــو ڌرم، ڌوڙ ۾ مــلــيــو آهي.

    سنڌي شاعريءَ جي سفر ۾ سعيد ميمڻ تمام بھتر طبع آزمائي ڪئي جنھن ۾ طويل غزل، مسلسل غزل. هڪ وزن سَوَ غزل ۽ ٻين صنفن ۾ سعيد ميمڻ پاڻ موکيو آهي. سنڌي ادب ۾ سعيد ميمڻ جاڪتاب پرينءَ جي پيار جھڙا منفرد آهن، جن ۾ تخليقي رنگ، جمالياتي حسن سان ڀرپور، استعارن ۽ ترڪيبن جو جوڀن آسانيءَ سان پسي سگهجي ٿو، ڌرتيءَ جي سورن کي چڱيءَ ريت پرکيو اٿس.

    ڇــا نه آ، ڪـوبـه سـنـڌ جــو وارث؟
    هر گهڙيءَ کيس ڪنھن لُٽيو آهي.

    هرڪو عيسى صليب تي هوندو،
    گهــوٽُ مـنـصـور، دارَ جــو آهــي.
    **
    هــي قــلــم ورثــو آ ڀــٽــائيءَ جو،
    بيت جنھن سان اسان لکيو آهي.

    سعيد ميمڻ جا ڪتاب :

    نيڻ سفر ۾ (غزل) 1997ع، ڪاري بَر ۾ چنڊُ، خواب-چارا 2005ع، درد جون آيتون 2009ع، اسان جو عشق اڻپورو 2010ع، دل دنبورو-2011ع، آءٌ لھر سمونڊ جي-2014ع، ازل جو آڏاڻو (طويل غزل) 2015ع، آلا دڳ برسات ۾ ۽ خالي آکيرو (شعري مجموعو) ڊسمبر 2017ع تي شايع ٿيو. پر سعيد ميمڻ انهيءَ ڪتاب کي پنھنجي اکين سان ڏسي نه سگهيو.

    سعيد ميمڻ جي هر ڪتاب ۾ حسين ڪنوار ڄڻ سينگاريل نظر ٿي اچي، جنھن کي ڏسي هر هر پيو ڏسبو آهي ۽ حسن جي تعريف ڪبي آهي ۽ تعريفي جملا ڪڏهن به پراڻا ڪونه ٿيندا آهن، ايئن ئي سعيد ميمڻ جي شاعري ايندڙ نسلن کي پئي اتساهه ڏيندي.

    هــا تــڏهــن ٿــو وڻــان مــان پــرين پاڻ کي،
    تـــو هــٿــن ســان ســبــيــو آهـه پـھـراڻ کي.

    مـسـت ٿـيـنـدا سـڀـئـي من انهن جي پٺيان،
    ڪير روڪي سگهي سونھن سـرهـاڻ کـي.

    اَڄ به رســالـي ۾ پَـئـي سِـٽَ سِـٽَ کڻي ساهُه،
    هومرکان به اهم لڳو، مُون کي سنڌُ جو شاهه.

    سعيد ميمڻ سنڌي شاعريءَ کي نئين جدت سان نوازيندو رهيو. جيئن عام ماڻهو به هن جي شاعري آساني سان سمجهي سگهي.

    آءٌ نه ڄاڻ ٿيو ڪٿان،اسان جو آرنڀُ،
    اَســان پَسيو پاڻ کي، طوفانن ۾ کنڀُ.

    سعيد ميمڻ جي زندگيءَ ۾ تعليم جو اهم پاسو آهي، جنھن جي وسيلي هر انسان انهيءَ زيور سان دنيا کي پرکي سگهي ٿو.
    سعيد ميمڻ ايم.اي سنڌي ادب ۾ 1990ع ۾ سچل اورنٽيل اينڊ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪئي. سعيد ميمڻ 1988ع کان پرائمري استاد طور خدمتون سرانجام ڏيڻ لڳو. سعيد ميمڻ کي بھترين شاعري عيوض پنھنجي من جي مراد جيئري ئي ملي هئي. اها مراد ، ڪينجهر رسالي “ڪينجهر شاعر ايوارڊ” سنڌي ادبي سنگت ڄامشوري “علڻ فقير ايوارڊ” ۽ سنڌي ادبي سنگت محرابپور “استاد محبوب جوکيو ايوارڊ” ۽ انهيءَ کان سواءِ کيس “استاد بخاري ايوارڊ” به مليو هو.
    سنڌ جو سيبتو شاعر جنھن جا ڳڻ ته تمام گهڻا آهن سوين ڳڻ رکندڙ شاعر سعيد ميمڻ نيٺ سنڌي ادب ۽ شاعري کان موڪلاڻي ڪري ويو. 17 ڊسمبر 2016ع تي ڳوٺ عاقل جي قبرستان ۾ مٺي ماءُ حوالي ٿيو.

    سعيد ميمڻ کي ڀيٽا طور سندس ٻه دوها آهن.

    مَـرڻ کــان اڳ ۾ نـه تـون، مٽي ماٿي لاءِ،
    آهـي ان ۾ آبـرو، نـئـيـن سِر سِنڌُ سَجاءِ.
    جڏهين ڀي تفريح لئه، ويندو آهيان يار!
    مـون کي موهن جو دڙو ڏيندو آهي ميار.

    **
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو