ڊاڪٽر بدر ڌامراهو جي ترتيب ڏنل ڪتاب “لغات سچل سرمست” تي هڪ نظر

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏1 جنوري 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,934
    ورتل پسنديدگيون:
    27,264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ڊاڪٽر بدر ڌامراهو جي ترتيب ڏنل ڪتاب ”لغات سچل سرمست“ تي هڪ نظر

    فقير محمد سنڌي

    گـونـدر جـن گذاريو، مُنھن تَنِين مَھتاب،
    سنديون نِينھن نواب، آهن وَرهه واريون.

    (سچل سرمست)

    “فرانسز ڪافڪا جو ڪتابن بابت خيال آهي ته،“ڪتاب، برف ڀڃڻ واري ڪھاڙي جيان هئڻ گهرجي جو اسان جي اندر ۾ ڄمي ويل برفاني سمنڊ کي ٽوڙي ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏي.” سماج جي اندر جڏهن داناءَ معاشري جو ديدار ڪري جڏهن ان منظر ۾ لفظن جو روپ ڏيندا آهن، اُهي انهن جا جذبا لفظن جي صورت ۾ عام لوڪ تائين رسندا آهن ته، انهيءَ عام لوڪ کي انهن لفظن جي معنى ۽ مفھوم ڄاڻڻ لاءِ سندن مَنَ ۾ آنڌ مانڌ هوندي آهي ته لفظ جي معنى ڇا آهي!
    اهڙي ئي سوچ کي ڏسندي وقت جي عالمن، لغت، لفظن جي معنى جي حوالي سان پئي ڪتاب ترتيب ڏنا آهن، انهيءَ پاسي کي محسوس ڪندي سنڌ جي نالي واري محقق ڊاڪٽر بدر ڌامراهو به عظمت ڀريو ڪم ڪيو آهي جيڪو اساسي شاعريءَ سر موڙ ڏات ڌڻي سچل سرمست جو آهي.
    “لغاتِ سچل سرمست”، هيءَ لغت، سچل سرمست جي ڪلام جي ٻوليءَ جي لغت آهي، منجهس سچل سرمست جي بيتن، ڪافين، گهڙولي ۽ سھ حرفين ۾ آيل لفظن جي معنى ڏيڻ سان گڏوگڏ تشريح ڪئي وئي آهي، تنھن ڪري هن لغت کي سچل سرمست جي شعر جي تشريحي لغت چئي سگهجي ٿو.
    “لغات سچل سرمست” جي ارپنا سچل سرمست جي شارح ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي جي نالي ٿيل آهي. هن لغت ۾ سنڌي الفابيٽ جا 48- اکر شامل آهن، اهڙي طرح هيءَ لغت سچل سرمست جي ڪلام جي جامع لغت به آهي جنھن ۾ 616 صفحا پڻ آهن، لغات سچل سرمست شايع ڪرڻ جو اعزاز روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو کي حاصل آهي. لغت جا پيش لفظ ليکڪ پاڻ لکيا آهن، جنھن ۾ سچل سرمست تي ٿيل ڪم تي ڊاڪٽر بدر ڌامراهو پنھنجي مڪمل طور تي برجستي راءِ قائم ڪئي آهي. اڳين محققن جن سچل سرمست جي ڪلام تي تحقيق ڪئي آهي، انهن کي چڱيءَ طرح سان ڊاڪٽر بدر ڌامراهو ڀيٽيو آهي.
    ڪنھن ڏاهي جو قول آهي ته،“سون جي غلاف ۾ ويڙهيل ڪتاب بي مقصد ٿيو پوي، جيتر ان کي کولي نه پڙهيو وڃي!”
    “لغات سچل سرمست” پڙهڻ جھڙو ڪتاب آهي جنھن مان دنيا جي نامور شخصيتن جو ذڪر آسانيءَ سان ملي سگهي ٿو. “لغات سچل سرمست” ۾ ڊاڪٽر بدر ڌامراهو تقريباً 4233 لفظن کي شامل ڪيو آهي، جيڪي سنڌي ادب جي شاگردن ۽ عالمن لاءِ باعثِ حيثيت رکندڙ لغت آهي. “لغات سچل سرمست” ۾ جن شخصيتن، تاريخي ماڳن ۽ واقعن کي ڊاڪٽر بدر ڌامراهو پيش ڪيو آهي. انهن تي مختصر طور ئي نظر وجهڻ سان خبر پوندي ته هيءَ لغت ڪيتري قدر اهم آهي.
    “الف” ۾ “ابراهيم اڌهَم” جو ذڪر ٿيل آهي جنھن جو جنم 166 هجري مطابق 782ع ڌاري مڪي شريف ۾ ٿيو.
    ابراهيم: (حضرت ابراهيم عليھ السلام، مشھور پيغمبر سڳوري جو نالو، قرآن پاڪ موجب سندن والد جو نالو آذر هو، حضرت ابراهيم عليھ السلام قديم ڪلداني سلطنت جي هڪ وڏي شھر (ڏکڻ عراق) ۾ ٻه هزار هڪ سئو قبل مسيح ۾ پيدا ٿيو
    “لغات سچل سرمست” جي حسناڪي اها به آهي ته لفظن کي جامع ۽ وضاحت سان پيش ڪيو ويو آهي. ڪٿي سچل سرمست جا بيت يا بيت جي هڪ سِٽَ به حوالي طور ڏنل آهي، جيئن پڙهندڙ کي اڃا به وڌيڪ آساني ٿئي.
    احمد: ڪائنات جي ڪارڻي حضرت محمد مصطفى صلي الله عليھ وسلم جن جو هڪ صفاتي نالو. روايت آهي ته حضرت آمنه رضي الله عنھ جي پيٽ مبارڪ ۾ هئا ته ان وقت کين حڪم ٿيو هو ته هوءَ انهيءَ ٻالڪ جو نالو “احمد” رکي، احمد لفظ جي لفظي معنى آهي ساراهيل، واکاڻيل. سچل سرمست پنھنجي ڪلام ۾ پاڻ ڪريم صلي الله عليھ وسلم جن جو نالو مبارڪ ڄاڻايو آهي، جنھن ۾ همھ اوست جو فلسفو ۽ تاريخ بيان ڪئي اٿس.
    ڪاٿهين عيسى، ڪاٿهين “احمد” ڪاٿھين هنومان. (آسا)

    واحد وحي موڪليو “احمد” آکيو ايئن. (ڀيروي)

    اَڪُ: جو مڪمل طور تي ذڪر ٿيل آهي.

    “ب” بسطامي: ابو يزيد بسطامي (15 شعبان 261هه/ 15 مئي 875) مشھور اولياء مان هو. جنھن جو به تفصيل سان ذڪر ڏنو ويو آهي. انهن شخصيتن جو ذڪر مفصل طور تي ڏنو ويو آهي پر مون اختصار کان ورتو آهي.

    “ب” بُلي شاهه: پنجابي ٻوليءَ جو صوفي شآعر، سندس مزار قصور ريلوي اسٽيشن جي اولهه ۾ آهي. سچل سرمست ۽ بلي شاهه جي فن ۽ فڪر ۾ تمام گهڻي هڪجھڙائي ۽ ويجهڙائي آهي.

    “ٻ” ٻُورِي: کائڻ جي شيءِ جا پَنِ مان ٺَھي. پَنِ پاڻيءَ جو ٻوٽو آهي.

    پيھي وڃن پَنِ ۾، ڪَنِ ٻُڪين ٻُوري. (نوري)

    “ت” تبريز: ايران جو هڪ قديم شھر، تھران کان 628 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي اتر اولهه ۾ واقع آهي، انوري، خاقاني، ظھير فارابي، شمس تبريز هن شھر جي مٽيءَ جي خمير مان آهن.

    “ت” تماچي جو ذڪر به مختصر طور تي ڪيو ويو آهي.

    “ٿ” ٿوهَرُ: ٿوهو ۽ ٿوڪُ کي به شامل ڪيو ويو آهي.

    هھڙو ڀَلو “ٿوڪُ” ڪھين ڀاڳ پرائيو. (سسئي)

    “”‎پ” پَٻُ جبل جو نالو، هالار جبل جي ڏاکڻي قطار کي پٻ جبل چئجي ٿو. اهو لاهوت کان چئن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي.

    پُــرجهج “پَٻُ” نه اٿئي پاڻي. (جهولڻو سسئي)

    پنڌ اڻانگا “پٻ” جا، قابو نه ڪوهير. (سسئي)

    “پ” پُوربُ: اوڀر اصطلاهي معنى موجب سنڌ جي اوڀر وارو پاسو هندوستان ۾ ”ڪانپور ۽بھار” تائين واري ايراضي کي پورب سڏيو ويندو آهي.

    “پورب” سندي پار جا، ڪڪر ڪارونڀار. (سارنگ)

    “ج” جمنا: (درياءُ) 850 ميل ڊگهو درياءُ آهي، اتر پرديش (هندستان) مان نڪري، آگري، فيض آباد کان ٿيندو، الھه آباد کان هيٺان گنگا سان اچي ملي ٿو. هندو ڌرم مطابق ٻنهي دريائن جو ميلاپ مقدس ماڳ آهي، جتي غسل ڪندا آهن.

    اصل کان اَشنانُ گنگا جمنا تن جو. (جوڳ)

    سموئيل جانسن جو خيال آهي ته،“تاريخ، معمولي ۽ غير اهم واقعن جو رڪارڊ آهي اهي واقعا اهڙي شخص جا تحرير ڪيل آهن، جنھن انهن واقعن کي پنھنجين اکين سان ڏٺو ئي ڪونهي.

    “لغات سچل سرمست ۾ ڊاڪٽر بدر ڌامراهو لفظن جي معنى سان گڏ تاريخ جي به سھيڙ ڪئي آهي.

    “ج” جُنيدي: جنيد بغدادي (وفات 910ع) صوفين جو سردار سڏجي ٿو. اڪثر صوفين سندس رستو اختيار ڪيو، تنھن هوندي به حاسد ۽ ويري کيس زنديق چون ٿا. جيئن سچل سرمست چيو آهي ته:

    ليس سو الله، سُخن “جنيد تي سالڪ سمجهج سوءِ.

    “ح” حسين: حضرت امام حسين رضي الله عنھ 4 هه/ 10 محرم/ پھرين جنوري 626، 10 آڪٽوبر 680ع، حضرت علي عليھ السلام ۽ حضرت فاطمة الزهرى جو ٻيو دل جو ٽڪرو هو، جنھن جي زندگيءَ تي بھتر ڄاڻ ڏنل آهي ۽ سچل سرمست جو ڪلام به حوالي طور ڏنل آهي.

    پـنـجتن پاڪ محمد آيا، آپ علي سر آپ سمايا،

    حسن “حُسين” علي دا ڄايا، آيا ملڪان دا سردار.

    “خ” خسرو: خسرو مان مراد خسرو پرويز آهي. ايران جي ساساني شھنشاهه هرمز چوٿين جو پٽ هو. (590-628ع) .

    “د” دارا: ايران جي قديم بادشاهن جو لقب آهي. دارا پھرين کان وٺي سڪندر اعظم تائين مختصر تاريخ ڏنل آهي.

    ڪڏهن “دارا” ڪڏهن سڪندر، ڪڏهن ديس دٻايم. (195)

    “ر” ر ۾ رام، رانجهو، راڻو ۽ روجهون جو ذڪر پڻ ڪيو ويو آهي.

    “ز” زليخا: (بيبي زليخا) مصر جي بادشاهه عزيز فوطيف جي گهر واري هئي. بادشاهه جڏهن حضرت يوسف عليھ السلام کي بازار مان خريد ڪري آيو ته هوءَ حضرت يوسف عليھ السلام تي موهت ٿي پئي. حضرت سچل سرمست ان منظر کي شاعريءَ جي روپ ۾ هيئن پيش ڪيو آهي.

    يوسف ٿي “زليخا” خاطر، مصر بازار وڪاڻس.

    “س” سبحاني: سرمد، سڪندر ۽ سمو جو ذڪر ٿيل آهي جيڪي تاريخ ۾ اهم جڳهه والارين ٿا.

    “ش” شافعي: محمد بن ادريس جو لقب آهي، قريش قبيلي مان هو. پيءُ طرفان سندس نسبِ جو سلسلو اٺين پيڙهيءَ ۾ وڃي ڪائنات جي ڪارڻي حضرت محمد صلي الله عليھ وسلم جي ڏاڏي حضرت عبدالمطلب سان ملي ٿو. مسلڪ جي چئن امامن مان ٽيون امام آهي. ڊاڪٽر بدر ڌامراهو حوالي طور لغات سچل سرمست ۾ شاعريءَ مان هڪ سِٽَ پيش ڪئي آهي؛

    ڪاٿئين حنبل “شافعي” ڪاٿئين، مالڪ نعمان. (1250)

    اهڙي طرح “ش” ۾ شاهه عبدالله، شبلي، شمس الحق، شيخ عطار ۽ شيرين جو به تفصيلي طور ذڪر ڪيو اٿس.

    “ع” عبدالحق: حضرت سچل سرمست جو چاچو، سھرو ۽ مرشد هو. سندس تعلق قادري سلسلي سان هو. سچل سرمست روحاني منزلون سندس رهنمائي ۽ نظر هيٺ طئي ڪيون. هو پنھنجي وقت جو نهايت سٺو شاعر به هو. ع ۾ عزيز مصر ۽ علي (حضرت علي عليھ السلام صوفين جو امام آهي. اسلام جو چوٿون خليفو هو.

    علي اڪبر: حضرت امام حسين رضي الله عنھ جو فرزند جيڪو 61 هجري ۾ ڪربلا جي ميدان تي شھيد ٿيو.

    عنايت: (شاهه عنايت (1065 هه – 1655ع) “جو کيڙي سو کائي” جو فسلفو ڏيندڙ حضرت سچل سرمست فرمايو ته،“گهاڻي ۾ بلاول پيڙائي، عنايت کي ميدان مارايئي”.

    عيسى: (حضرت عيسى عليھ السلام) مشھور پيغمبر هو. بني اسرائيل جي هڪ خاندان سان سندس تعلق هو.

    “ف” فرعون: مصر جي بادشاهه جو لقب آهي، ان جي لفظي معنى آهي، “سج جو اولاد” قديم مصري سج جا پوڄاري هئا.

    “ق” قالو: (قالو بلى) الست واري ڏينھن رب ڪريم جڏهن روحن کان سوال ڪيو “الست بربڪم” ته روحن جواب ڏنو “قالو بلى” هائو بيشڪ تون اسان جو رب آهين. (سورة اعراف جي آيت-172).

    قدوري: ابوالحسن احمد بن محمد قدوري بغدادي وفات 1036ع جو لکيل ڪتاب آهي، جيڪو فقھ جي ڪتابن ۾ اهم جڳهه والاري ٿو.

    “ل” لا: نفي جو ڪلمو ۽ صوفياڻو اصطلاح آهي. ڪنھن شيءِ جي اقرار کان پھرين انڪار جي منزل کان گذرڻو پوندو آهي.

    “م” محمد: (حضرت محمد صلي الله عليھ وسلم) ڪائنات جا ڪارڻي آهن. 22-اپريل 571ع-632ع تي سومر ڏينھن هن دنيا ۾ آيا. سيد المرسلين، خاتم النبيين ۽ هادي اعظم سندن لقب آهن. محمد صلي الله عليھ وسلم لفظ جي معنى آهي، تعريف ڪيل، ساراهيل، واکاڻيل ۽ صفت ڪيل.

    “ن” نفي: اثبات جو ضد، انڪار صوفياڻو اصطلاح آهي، تصوف جو بنيادي جزو آهي نفي لاءِ لا اصطلاح ڪتب آندو ويندو آهي.

    “و” ويراڳي: فقيرن جو اهو فرقو، جيڪو دنيا کي تياڳي يا ترڪ ڪري ٿو. اهي خدا جي محبت ۾ سڀڪجهه ترڪ ڪري عبادتن ۽ رياضتن ۾ مشغول رهندا آهن. حضرت سچل سرمست ان ويراڳين جي عشق کي هيئن محسوس ڪيو آهي.

    سي ڏيندا ويراڳي وڃي ڪاتن مٿي ڪنڌ. (پورب)

    “هه” هيرَ: جهنگ (پنجاب) جي چوچڪ سيال جي ڌيءَ هئي. هزاري جي هواسي رانجهي سان سندس محبت ٿي وئي. جڏهن هير جي وارثن کي هنن ٻنهي جي محبت جي خبر پئي ته وارثن هِيرَ کي رنگپور جي کيڙي سان پرڻائي ڇڏيو.

    “ي” سنڌي الفابيٽ جو آخري، اکر “ي” آهي. لغات سچل سرمست ۾ ڊاڪٽر بدر ڌامراهو “ي” جي اکر ۾ ڪُل 10-لفظ آندا آهن، جنھن ۾ ٽن نبين جو ذڪر به ڪيو اٿس، جن ۾:

    يعقوب: (حضرت يعقوب عليھ السلام) الله تعالى جو پيغمبر هو. سندس والد بزرگوار حضرت اسحاق عليھ السلام ۽ ڏاڏو حضرت ابراهيم عليھ السلام هو. قرآن پاڪ جي مختلف صورتن ۾ سندس ذڪر آيو آهي.

    يوسف: (حضرت يوسف عليھ السلام) الله پاڪ جو نبي، حضرت اسحاق عليھ السلام جو پوٽو ۽ حضرت يعقوب عليھ السلام جو پٽ هو.

    يونس: (حضرت يونس عليھ السلام) سندس عبراني نالو ياناهه هو، حضرت هود عليھ السلام جي اولاد مان هو. سندس والد جو نالو متي هو. الله تعالى کيس ثمود قوم تي نبي ڪري موڪليو. قرآن پاڪ ۾ ڪيترن ئي صورتن ۾ سندس ذڪر ٿيل آهي.

    حضرت سچل سرمست سڀني منظرن کي نروار ڪيو آهي.

    “ســچــل نـالـو آهـيـن بـھانـو، تون يگانو ناهين بيگانو”

    لغات سچل سرمست جو مرتب ڊاڪٽر بدر ڌامراهو.

    موجوده علم ادب سان چاهه رکندڙ لاءِ هڪ شانائتو ڪتاب سھيڙيو آهي. جرمن اسڪالر جو خيال آهي ته،“لفظ ادا ڪرڻ کان اڳ نَوَ ڀيرا وات اندر گهمائڻ گهرجن.”

    ٻولي ۽ ثقافت قوم جي سڃاڻپ آهن، جنھن جي وسيلي قومون زنده رهي سگهنديون آهن. عام مفھوم ۾ لغت جي معنى آهي ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ ۽ انهن جي معنى، جيڪا ڊاڪٽر بدر ڌامراهو پنھنجي ڪوشش سان لغات سچل سرمست پيش ڪري سنڌي ٻوليءَ ۾ بھتر واڌارو ڪيو آهي.

    **
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو