دادو ....جادو

'تعارف' فورم ۾ قريشي شبير احمد طرفان آندل موضوعَ ‏3 جنوري 2019۔

  1. قريشي شبير احمد

    قريشي شبير احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    216
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    دادو...... جادو
    دادو ضلعو منهنجو جنم ڀومي آهي. ننڍپڻ کان وٺي يونيورسٽي سطح تائين تعليم و تربيت اتي ٿي. نوڪري جا ويھ سال ان ضلعي ۾ گهاريم.
    دادو ضلعو 1931ع ۾ وجود ۾ آيو. لاڙڪاڻي ضلعي جا پنج 5 تعلقا ميهڙ، خيرپور ناٿن شاه، دادو، جوهي، سيوهڻ........
    ساڳي وقت ڪراچي ضلعي ۾ شامل ٻه تعلقا ڪوٽڙي ۽ محال ڪوهستان گڏي ستن تعلقن تي مشتمل دادو ضلعي کي جوڙيو ويو.
    ان وقت ۾ دادو سڄي سنڌ ۾ پکيڙ جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو ضلعو هو.
    جڏهن ڄام شور کي ضلعو بنايو ويو ته ان ۾ سيوهڻ تعلقي جو ملائڻ غير فطري لڳو. سيوهڻ دادو کان 40 ڪلوميٽر پري آهي جڏهن ته ڪوٽڙي 120 ڪلوميٽر پري آهي.
    گڏيل دادو ۾ ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ منڇر ۽ کورگ هل اسٽيشن جو هجڻ هڪ اعزاز هو، ساڳي وقت سنڌ جا سڀ آعلي تعليمي ادارا يونيورسٽيون دادو ۾ شامل هيون، سنڌ جون زرخير زمينون، آباد ٿيندڙ ڪچو دادو ۾ آهي.
    علم و ادب ۾ اڳڀرو دادو ضلعو پاٽ، بوبڪ، سيوهڻ جهڙي تاريخي شهرن جو وارث آهي.ڪاڇي ڪوهستان جو سڀ کان وڏو سنگم دادو ضلعي جي سونهن هئي، بڊو جبل، کير ٿر جو سلسلو، ڀڳي ٺوڙهي ۽ رني ڪوٽ جي قلعي جي موجودگي دادو کي جادو بڻايو.
    اڪبر بادشاھ جي والده حميده بانو پاٽ جي هئي.
    مولانا ابوالفضل. ملا فيضي بي بها عالم جيڪي اڪبر جي نو رتن ۾ شامل آهن سي سيوهڻ جا هئا.
    علامه آئي آئي قاضي پاٽ جو، شمش العلماء علامہ دائود پوٽو ٽلٽي جو، ڊاڪٽر ايس ايم قريشي بوبڪ جو،ڊاڪٽر شفيع محمد قريشي سيڪريٽري هيلٿ سنڌ، مظهر الحق صديقي وي سي يونيورسٽي آف سنڌ سيوهڻ جو آهي.
    آعلي آفيسر جيڪي وفاقي سيڪريٽري به ٿيا تن ۾ ڊاڪٽر ايس ايم قريشي، نرگس گهلو، ڊاڪٽر متوڪل قاضي، اقبال جوڻيجو، منير قريشي به دادو جا هئا.
    مشهور بيوروڪريٽ ۽ ماهر اقتصاديات اي جي اين قاضيء جو تعلق به دادو ضلعي سان هو.
    جسٽس عبد الحي قريشي، غلام محمد قريشي ڊي سي جو تعلق به دادو ضلعي سان هو.
    غلام محمد گرامي جن جو تعلق ميهڙ سان هو.
    اسان محمد خان (مشڪرو) استاد بخاري، احمد خان مدهوش، سليمان شاھ، منظور سخيراڻي، شازيه خشڪ، حافظ احسن چنه، تاجل بيوس، وفا ناٿن شاهي، نور محمد لاشاري جهڙي دولت رکندڙ آھيون.
    شمس الدين بلبل ميهڙ، جناب حسن علي آفندي باني سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي ڀان سيد آباد جو هو.
    حبيب الله صديقي ڊائريڪٽر تعليم پاٽ جو هو.
    سنڌ جو پھريون سول انجنيئر امداد علي خان قريشي جيڪو بعد ۾ چيف انجنيئر سکر بيراج ٿيو سو بختيار پور جو هئو. سنڌ جو لا سيڪريٽري ايم ايس قريشي بختيارپور جو هو.
    بوبڪ مان مخدوم غلام محمد عباسي صاحب حڪومت سنڌ ۾ سيڪريٽري ٽو سي ايم جو عهدو ماڻيائين.
    پاٽ جا صديقي ۽ جوڻيجا تمام وڏن عهدن تائين پهتا. ٽلٽي جو عمر عظيم دائود پوٽه ايئر وائس مارشل ۽ گورنر سنڌ جو عهدو ماڻيو.
    جهانگير صديقي باني جي ايس بينڪ سيوهڻ شريف جو آهي.
    حڪيم محمد مراد صديقي جو تعلق به سيوهڻ سان آهي.
    جي ايم سيد ۽ پير الاهي بخش جو تعلق به دادو ضلعي سان آهي. پير الاهي بخش 48_49 ۾ سنڌ جو وڏو وزير رهيو آهي. عبدالله شاهه، مراد علي شاهه ۽ لياقت جتوئي ته اسان جي سانڀر ۾ وزير آعلي رهيا.
    تعليمي ماهرن ۾ سائين بقا محمد قريشي ڊائريڪٽر تعليم، حيدرآباد تعليمي بورڊ جي چئرمين ۽ ميمبر پبلڪ سروس ڪميشن جو عهدو ماڻيو.
    سڀ کان وڌيڪ سائين ابراهيم جويو، مشهور زرعي ماهر ايم ايڇ پنهور جو تعلق به دادو ضلعي سان آهي.
    ميجر غلام مصطفي قريشي ۽ برگيڊيئر غلام مرتضي قريشي ڳوٺ پڪا چنه لڳ سيوهڻ.
    موجودہ چيف سيڪريٽري سنڌ ممتاز شاھ بوبڪ لڳ رهي ٿو.
    بزرگ مخدوم بلاول رح، مخدوم نجم الدين، لال شهباز قلندر به اسان وٽ آهن. گاجي شاھ لڳ شو ديوتا جو مندر آهي، جتي هر سال سردين ۾ سنڌ جي هندن لاءِ مشهور ميلو لڳندو آهي.
    حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، مخدوم جعفر بوبڪائي رح، شيخ مبارڪ سنڌي رح به سيوهڻ بوبڪ جا هئا. سنڌ جو وڏو فقيهه عالم دين جنهن جو عربيء ۾ ھڪ ڪتاب المتانة فی مرمةعن الخزانة لکيو۔مخدوم محمد جعفر بوبڪاني بوبڪ جو هو۔
    جوهي جون ميٽايون گهگهيون، دلا مٽ، ميهڙ جو مائو ميندي ڦلجي جو سچو گيھ دادو ضلعي جي سونهن.
    دادو جو تاج سائين تاج صحرائي.
    هي ته اُهي آفيسر جيڪي مونکي ياد هئا تن جو ذڪر ڪيو اٿم ورنہ ڪافي ماهر انجنيئر، ڊاڪٽر، سرجن، جج وڪيل، تعليمي ماهر ۽ آعلي بيورو ڪريٽ، شاعر ۽ اديب هوندا جيڪي مونکي ياد نه آهن.
    برائي مهرباني ڪمينٽس ۾ ضرور مينشن ڪندا.

    پر اهڙيون شخصيتون جيڪي قابل ذڪر هجن جيڪي پنهنجي ميدان جا شهسوار هجن.
    باقي اڄ ڪله جا نااهل شفارشي ڀرتي ڪيل جن کي نه بزرگن جو لحاظ آهي نه استاد جو نه ئي ڪنهن غريب جو جن جو دين ايمان پئسو آهي، سي براه ڪرم نه لکندا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو