محترمه بينظير ڀٽو صاحبه

'صلاح، مشورا ۽ شڪايتون' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏3 جنوري 2019۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    شرف الدين مرکنڊ (وارهه)

    دنيا جي حوالي سان جيڪڏهن ڳالهه ڪجي ته دنيا جي اندر ڪيترن ئي عظيم هستين جنم ورتو آهي جن پنهنجي پنهنجي دؤر جي اندر ڪيترائي ڪارناما سرانجام ڏنا آهن، جن جي ڪري کين اڄ انهن کي دنيا جي اندر ياد ڪيو وڃي ٿو، ۽ انهن جا يوم جنم، يوم وصال عقيدت واحترام سان ملهايا وڃن ٿا. ۽ انهن جون ڪيل خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جي لاءِ مختلف نمونن سان مختلف هنڌن تي پروگرام منعقد ڪيا وڃن ٿا، جيڪي ايندڙ نسلن تائين انهن جون ڪيل خدمتون پيش ڪيو وڃن ٿيون. اهڙي طريقي سان اڄ اسان جنهن شخصيت جي حوالي سان ڪجهه ڳالهيون لکي رهيا آهيون اها هڪ عام شخصيت نه بلڪه اها دنيا جي عظيم ليڊر ذوالفقار علي ڀٽي جي ڌيءُ، پاڪستاني عوام جي دل، ايشيا کنڊ جي عظيم عورتن مان هڪ آھي، جنهن کي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي پياري نالي سان دنيا جي اندر ياد ڪيو وڃي ٿو. محترمه ان خاندان سان واسطو رکندڙ هئي، جيڪو سنڌ اندر موروثي طورتي سڀ کان وڏو جاگيدار قبيلو ٿي گذريو آهي. محترمه جنهن گهر ۾ جنم ورتو هو، ان گهر جا قانون ئي ابتا هيا، محترمه ان خاندان جي عورت هئي جنهن خاندان جي صدين کان پراڻن ريتن رسمن ۽ رواجن کان علاوهه پنهنجي عورت جي شادي ٻي ذات سان ڪرڻ کي غلط سمجهو ويندو هيو، جڏهن ته رشتا پنهنجن ۾ ئي ڪيا ويندا هيا، جيڪڏهن پنهنجي خاندان جي اندر رشتو موجود نه هوندو هو ته نياڻي کي پنهنجي گهر ۾ ئي زندگي گذارڻي پوندي هئي. محترمه بينظير ڀٽو صاحبه 21 جون 1953ع تي سنڌ جي مشهور ومعروف ۽ پاڪستان جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچي ۾ پيدا ٿئي، جڏهن ته بيگم نصرت ڀٽو ۽ قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽي جي پهرين "اولاد" هئي. محترمه بينظير ڀٽو تي سندن جي پڦيءَ جو نالو رکيو ويو، جيڪو ڀٽي خاندان ۾ وڏن جا نالا پنهنجي اولاد تي رکڻ جو قديم رواج رهي چڪو آهي. محترمه صاحبه پيدائشي طور تي خوبصورت ۽ گلابي چهري جي مالڪ هئي، جنهن جي ڪري سندن جو خاندان "پنڪي" جي نالي سان سڏيندا هئا. محترمه جي شخصيت کان ڪير واقف نه آهي محترمه پاڪستاني عوام جي هڪ مڃيل عورت آهي، جنهن پنهنجي سموري زندگي پاڪستان جي عوام جي لاءِ قربان ڪري ڇڏي. محترمه بينظير صاحبه جڏهن ٽن سالن جي ٿئي ته سندن کي "ليڊي جينئس نرسري اسڪول" ۾ داخل ڪرايو ويو، ان کان بعد جڏهن پنجن سالن ٿي ته ڪراچي جي بهترين اسڪول "دي ڪنويئنت آف جيرس اينڊ ميري" ۾ داخل ڪيو ويو، جتي تعليم انگريزي ٻولي ۾ ڏني ويندي هئي، اهوئي سبب هيو جو گهر ۾ به انگريزي ٻولي ڳالهائيندي هئي مذڪوره اسڪول ۾ آئرش ماسٽرياڻيون پڙهائينديون هيون، ٻئي طرف باقائده سان مولوي صاحب اسلامي تعليم ۽ قرآن مجيد جي تعليم لاءِ رکيو ويو هيو جيڪو محترمه کي اسلامي تعليم جو سبق ڏيندو رهندو هيو. محترمه جڏهن ڏهن سالن جي عمر کي پهتي ته ڪوهمري هل اسٽيشن جي اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جتي محترمه کي پهريون ڀيرو پنهنجو ڪم پاڻ کي ڪرڻو پيو، جهڙوڪ وهجڻ لاءِ پاڻي ڀرڻ، بوٽ پالش ڪرڻ وغيره، ڇو ته سندن جي والد گرامي اسڪول جي انتظاميه کي حڪم ڪيو هيو ته منهنجي اولاد کي ٻين ٻارن وانگر سمجهو ۽ ڏٺو وڃي. جڏهن قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽي وزير خارجه جي عهدي تان استعفا ڏني ته ان کان بعد محترمه پنهنجي والد گرامي سان گڏ ريلوي گاڏي ۾ لاڙڪاڻي تائين سفر ڪرڻ جو موقعو مليو، جتي هر اسٽيشن تي ماڻهن جا هجوم هيا، هر ماڻهو جي زبان تي "فخر ايشيا زنده باد" جا نعرا هيا، اهڙي طرح محترمه کي پنهنجي والد گرامي جي صحبت ۾ سياسي جهيڙن جهگڙن تقريرن، تبصرن بابت ڄاڻ ملندي رهئي. جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد رکيو پيو ويو، تڏهن محترمه چوڏنهن سالن جي عمر کي پهتي هئي. ذالفقار علي ڀٽي کي جنرل محمد ايوب خان جي حڪومت ۾ جڏهن گرفتار ڪيو ويو تڏهن محترمه جي تعليمي زندگي جو سڀ کان وڌيڪ ڏکيو سال آيو، ڇاڪاڻ ته گذريل سالن جي پڙهائي سميت اوليول امتحان ڏيڻ ۽ ريڊ ڪلف ۾ داخلا جي امتحان جي تياري ڪرڻي هئي، جڏهن ته جيل ساهيوال مان ڀٽي صاحب پنهنجي ذهين ڌيءُ جي طرف خط لکيو ته "مون کي سچ پچ ته فخر آهي ته منهنجي ڌيءُ اهڙي ذهين آهي جو هوءَ پندرنهن سالن جي عمر ۾ اهي امتحان ڏئي سگهي ٿي جيڪي مون اڙرهن سالن جي عمر ۾ ڏنا هيا جڏهن تون انهيءَ تيز رفتار ۾ تون ملڪ جي صدر ٿي سگهي ٿي." ڀٽو صاحب کي جڏهن ٽن مهينن کان بعد جيل مان آزاد ڪيو ويو، ان کان پوءِ لاڙڪاڻي جي شهر ۾ هڪ تاريخي جلوس نڪتو جنهن ۾ محترمه به پنهنجي والد گرامي سان گڏ هئي. محترمه پنهنجي والد گرامي جي حڪم تي محدود سياسي سرگرميون شروع ڪيون جنهن ۾ چانهه پارٽين، گڏجاڻي ۽ ميل مولاقات شامل هيا. محترمه بينظير صاحبه پنهنجي زندگي جي پهرين تقرير جذباتي انداز ۾ ڪئي هئي، جنهن ۾ پروفيسر والزر هال ۾ موجود ٻه سؤ شاگردن کي جڏهن "جنگ ۽ علم اخلاقيات" جي موضوع تي ليڪچر ڏيندي پاڪستان پاران بنگلاديش ۾ حق نه ڏيڻ تي دليل ڏنا تڏهن محترمه جوابي تقرير ڪندي پروفيسر جي خيالن جي اصلاح ڪئي هئي. پاڪستان جي سماج ۾ هن باوقار باعمل، شان، رعب، ڏات نفاست واري جدوجهد سان ڀرپور قائد، هر حال ۾ هار نه مڃڻ، همت پري عظيم اڳواڻ، دنيا جي عورتن لاءِ پنهنجو پاڻ کي هڪ مثال ثابت ڪيو آهي ته عورت ڪنهن ماحول يا حالتن ۾ مرد کان گهٽ نه آهي پر مرد کي مات ڏئي سگهي ٿي. محترمه هڪ خداداد ذهانت ۽ سياسي بصيرت جو اڄ سڄي دنيا پڻ اعتراف ڪيو آهي، محترمه صاحبه پنهنجي اقتدار دؤران ۽ اقتدار کان بعد ڪيترين ئي صعوبتن جي دليريءَ سان مقابلو ڪيو، وزارت اعظمىٰ دوران ڪيترائي الزام هنيان ويا پر وقت جون حڪومتون اهي الزام ثابت ڪري نه سگهيا، محترمه کي اڄ دنيا جي اندر مارئي ملير جي، سنڌ جي راڻي ۽ شھيد راڻي جي لقبن سان ياد ڪيو وڃي ٿو. محترمه جون ڪيتريوئي خدمتون آهن پاڪستان جي عوام جي لاءِ بالخصوصن عورتن جي لاءِ تمام ڏيو خدمتون آهن. محترمه بينظير صاحبه جي علامت ۽ حوصلي واري عورت عظيم عورت قائد آهي جنهن کي هر دؤر ۾ هر حالت ۾ حوصلي ساڻ مقابلو ڪرڻ جو ڏانءُ حاصل آهي. دنيا جي سندس والد گرامي وانگر محترمه جي بين لاقوامي معاملن تي اعلىٰ ذهانت ۽ ڏاهپ جي قائل رهندي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو