
سنڌ لاءِ سوچيندڙ ذهن ”ظفر اڄڻ“ جي موڪلاڻي!
الذوالفقار جنرل ضياءُ الحق جي ڏينهن ۾ جڏهن جهاز اغوا ڪري ڪابل وٺي وئي ته اتي تنظيم طرفان ڪجهه قيدي سياستدانن، ڏاهن ۽ اديبن کي پاڪستان کان ٻاهر موڪلڻ جو مطالبو ڪيو ويو جن ماڻهن کي ٻاهر موڪليو ويو انهن ۾ ناليوارو دانشور، اديب ۽ صحافي محترم ظفر علي اڄڻ ۽ سندس زال محترمه فهميده رياض به شامل هئي، هنن کي ڀارت نيو ويو جتي ٻنهي زال مڙسن جلاوطني جا ساڍا ست ورهين گذاريا. ظفر کي اتان ميرمرتضيٰ ۽ شاهنواز ڪابل به گهرايو، ايئرپورٽ تي کيس شاهنواز وٺڻ آيو هو جنهن ٻئي ٻانهون کولي ٺيٺ سنڌي انداز سان ڀاڪر پائي سندس آڌرڀاءُ ڪيو هو جتي هو سندن ڪيترائي ڏينهن مهمان بڻيو رهيو. هن ٻڌايو ٿي ته ٻنهي ڀائرن کي سنڌ جي ڏاڍي اُڪير هئي ۽ هو ساڻس استحصالي نظام جي خاتمي بابت ڪچهريون ڪندا هئا. ڀارت ۾ اتان جي وڏن وڏن سياستدانن سان ظفر صاحب جا دوستاڻا تعلقات ٿي چڪا هئا جن ۾ اندرا گانڌي به شامل هئي، جڏهن ته گذر سفر لاءِ ڀارت جي اڻويهه يونيورسٽين ۾ هو وزيٽنگ پروفيسر طور سياست،ادب، تاريخ ۽ سماجيات بابت ليڪچر ڏيندو هو، اتي کيس سعودي عرب جي رياض واري يونيورسٽي ۾ نوڪري جي آڇ به ملي پر هن سدائين سنڌ اچڻ کي ترجيح ڏني، اهڙي ريت ساڍا ست سال جلاوطني جا گذارڻ کان پوءِ هو جڏهن واپس وطن موٽيا ته هن همراهه محترمه بينظير ڀُٽو جي سياسي تربيت ۾ ڪردار ادا ڪيو ۽ جڏهن شيرين جناح ڪالوني ۾ پيپلزپارٽي جو سيڪريٽريٽ قائم ڪيو ويو ته محترمه کيس اتان جو انچارج مقرر ڪيو.
ظفر صاحب جو سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين تي نه رڳو عبور حاصل هو پر هو ٽنهي ٻولين جي ادب جو پڻ گهرو مطالعو رکندڙ هو،ڪتابن ۽ اخبارن سان سندس دل لڳي هوندي هئي ۽ وڏا وڏا ڪتاب چند ڏينهن ۾ پڙهي ويندو هو، سياسي طور هو سوشلزم ۽ ڪميونزم مان گهڻو متاثر هو ۽ اجتماعي خوشحالي جو قائل هو. اڻويهه سئو اٺاسي واري چونڊن ۾ پيپلزپارٽي طرفان اميدوارن کي ٽڪيٽون ڏيڻ لاءِ جيڪو بورڊ قائم ڪيو ويو هو ظفر ان جو ميمبر پڻ هو جنهن ڪري وڏا وڏا زميندار به ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ کيس منٿون پيا ڪندا هئا.اليڪشن کٽي اچڻ کان پوءِ محترمه جڏهن وزيراعظم ٿي ته هن کيس پنهنجو اسپيشل اسسٽنٽ مقرر ڪيو. ظفر صاحب جي وڏي ۾ وڏي ڪوتاهي يا نااهلي اها هئي جو زندگي جي آخري ساهه تائين هن ڪڏهن پئسي سان محبت نه ڪئي، وٽس جيڪي ٻه رپيا هوندا هئا اهي خرچ ڪري ڇڏيندو هو شايد اهو ئي سبب هو جو جيڪي ماڻهو هن جي اڳيان پٺيان پيا ڦرندا هئا اُهي ته ڪروڙ پَتي ٿي ويا پر سندس جنازو به مسواڙ واري گهر مان نڪتو.
ظفر صاحب پنهنجي سياست جي شروعات قومپرستي سان ڪئي، اها خبر گهٽ ماڻهن کي هوندي ته هو عبدالواحد آريسر جيان ٺاروشاهه لڳ پنهنجي ڳوٺ اڇي مسيت جي مسجد جو پيش امام به ٿي رهيو، هن رسول بخش پليجي سان گڏجي عوام تحريڪ جو بنياد رکيو، سنڌ ۾ سياسي تحريڪ کي سگهاري بڻائڻ لاءِ سنڌ جي واهڻن ۽ وستين ۾ ويو، مون تي دستگير ڀَٽي صاحب جا لک احسان جنهن ظفر علي اڄڻ سان پهرين ملاقات ڪرائي. هو هلال پاڪستان جو چيف ايڊيٽر هو ۽ مان اتي اسٽاف رپورٽر هئس. اسان ظفر جي طارق روڊ واري گهر تي سندس انٽرويو ڪرڻ وياهئاسين، صاف سٿري شخصيت جو مالڪ ظفر مهمان نوازي ۾ به پنهنجو مَٽ پاڻ هو، ساڻس پهرين ملاقات کي ويهن سالن کان به وڌيڪ وقت ٿي ويو هوندو، جنهن کان پوءِ عمر جي فرق کي ٿڏي هن اهڙو ته پيار ۽ پنهنجائپ ڏني جو اسان جي هڪٻئي کان سواءِ سري نه سگهندي هئي پيا ملندا هئاسين. هو انتهائي بي زرر قسم جو انسان هو جيڪو سياست کي عبادت سمجهندو هو، هو دنيا جي هر شيءِ کان بي نياز ٿي ويندو هو پر پنهنجي راءِ کي ڪنهن تي قربان نه ڪندو هو، هو پنهنجي راءِ انتهائي ايمانداري ۽ سچائي سان ڏيندو هو ۽ ان تي ٽِڪ ٻڌي بيهي رهندو هو. شايد اهو ئي سبب هوندو هو جو ڪا به پارٽي کيس گهڻي وقت تائين برداشت ڪري نه سگهندي هئي. عوامي تحريڪ کان پوءِ پيپلزپارٽي کان ويندي پي ٽي آءِ تائين هر وڏي پارٽي ۾ سندس آجيان ڪئي وئي پر هو ڪٿي به گهڻو وقت رهي نه سگهيو. ظفر صاحب هونئن ته ڪيترائي ڪتاب ۽ مضمون لکيا پر انگريزي ۾ لکيل سندس ٻه ڪتاب، “ڀُٽو اسپيڪس فرام گريو”، (ڀُٽو قبر مان ڳالهائي ٿو) ۽ “ان دي لينڊ آف رام اينڊ راوڻ”(رام ۽ راوڻ جي ديس ۾)، ته هن جي قلمي پورهئي جا شاهڪار آهن. سندس سياسي علمي ۽ ادبي حلقو تمام گهڻو وڏو هوندو هو، اها ٻئي ڳالهه آهي جو جڏهن ان حلقي جي ساٿ جي کيس ضرورت پئي ته ان منهن موڙي ڇڏيو.
ڪجهه سال اڳ ظفر صاحب تي اڌ رنگ جو حملو ٿيو، سندس مالي حالت مناسب ڪو نه هئي، هن سان هڪ دوست گڏ سياست جي شروعات ڪئي هئي جيڪو اڄ ڪلهه ڪروڙي نه پر ارب پتي آهي ۽ هي هن جي قربائتي روئي جي واکاڻ به ڪندو هو جنهن سان گڏ هن ريل جي ٿرڊ ڪلاس گاڏي ۾ سفر به ڪيا هئا سو مون ان همراهه کي فون ڪري ٻڌايو ته ظفر صاحب کي اڌرنگ ٿيو آهي ان تي همراهه وڏي رڙ ڪئي، مون وري کيس چيو ته هن کي هن وقت توهان جي مدد جي ضرورت آهي، ان تي وري چيائين ته ها ها ڇو نه، اسان جيڪڏهن هاڻي به هڪٻئي کي ڪم نه اينداسين ته پوءِ ڪڏهن اينداسين؟ پر هو کيس پڇڻ به نه آيو ۽ پنجويهه هزار پنهنجي نوڪر هٿ کيس ڏياري موڪليا.
ظفر صاحب جو اٿڻ ويهڻ کائڻ پيئڻ سڀ ڪجهه سياست هئي، هو سنڌ جي سياست کان گهڻو مايوس ٿي چڪو هو سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ آبادي جو توازن بگڙجندو پيو وڃي، بنگالين ۽ برمين کان پوءِ پٺاڻن ۽ افغانين سنڌ جو رخ ڪيو آهي پر پيپلزپارٽي وارن توڙي قومپرست سياستدانن کي ان ڳالهه جو ڪو ادراڪ ڪونهي. ڏيڍ مهينو کن اڳ سندس جيون ساٿي فهميده رياض گذاري وئي ۽ ڪالهه سنڌ لاءِ سوچيندڙ ذهن ظفر علي اڄڻ به اسان کان موڪلائي ويو.
شير محمد کهاوڙ جي فيسبوڪ وال تان ورتل