1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 60000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 60,000
    37500

سنڌ لاءِ سوچيندڙ ذهن ظفر اڄڻ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏4 جنوري 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,775
    ورتل پسنديدگيون:
    27,188
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]


    سنڌ لاءِ سوچيندڙ ذهن ”ظفر اڄڻ“ جي موڪلاڻي!


    الذوالفقار جنرل ضياءُ الحق جي ڏينهن ۾ جڏهن جهاز اغوا ڪري ڪابل وٺي وئي ته اتي تنظيم طرفان ڪجهه قيدي سياستدانن، ڏاهن ۽ اديبن کي پاڪستان کان ٻاهر موڪلڻ جو مطالبو ڪيو ويو جن ماڻهن کي ٻاهر موڪليو ويو انهن ۾ ناليوارو دانشور، اديب ۽ صحافي محترم ظفر علي اڄڻ ۽ سندس زال محترمه فهميده رياض به شامل هئي، هنن کي ڀارت نيو ويو جتي ٻنهي زال مڙسن جلاوطني جا ساڍا ست ورهين گذاريا. ظفر کي اتان ميرمرتضيٰ ۽ شاهنواز ڪابل به گهرايو، ايئرپورٽ تي کيس شاهنواز وٺڻ آيو هو جنهن ٻئي ٻانهون کولي ٺيٺ سنڌي انداز سان ڀاڪر پائي سندس آڌرڀاءُ ڪيو هو جتي هو سندن ڪيترائي ڏينهن مهمان بڻيو رهيو. هن ٻڌايو ٿي ته ٻنهي ڀائرن کي سنڌ جي ڏاڍي اُڪير هئي ۽ هو ساڻس استحصالي نظام جي خاتمي بابت ڪچهريون ڪندا هئا. ڀارت ۾ اتان جي وڏن وڏن سياستدانن سان ظفر صاحب جا دوستاڻا تعلقات ٿي چڪا هئا جن ۾ اندرا گانڌي به شامل هئي، جڏهن ته گذر سفر لاءِ ڀارت جي اڻويهه يونيورسٽين ۾ هو وزيٽنگ پروفيسر طور سياست،ادب، تاريخ ۽ سماجيات بابت ليڪچر ڏيندو هو، اتي کيس سعودي عرب جي رياض واري يونيورسٽي ۾ نوڪري جي آڇ به ملي پر هن سدائين سنڌ اچڻ کي ترجيح ڏني، اهڙي ريت ساڍا ست سال جلاوطني جا گذارڻ کان پوءِ هو جڏهن واپس وطن موٽيا ته هن همراهه محترمه بينظير ڀُٽو جي سياسي تربيت ۾ ڪردار ادا ڪيو ۽ جڏهن شيرين جناح ڪالوني ۾ پيپلزپارٽي جو سيڪريٽريٽ قائم ڪيو ويو ته محترمه کيس اتان جو انچارج مقرر ڪيو.
    ظفر صاحب جو سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين تي نه رڳو عبور حاصل هو پر هو ٽنهي ٻولين جي ادب جو پڻ گهرو مطالعو رکندڙ هو،ڪتابن ۽ اخبارن سان سندس دل لڳي هوندي هئي ۽ وڏا وڏا ڪتاب چند ڏينهن ۾ پڙهي ويندو هو، سياسي طور هو سوشلزم ۽ ڪميونزم مان گهڻو متاثر هو ۽ اجتماعي خوشحالي جو قائل هو. اڻويهه سئو اٺاسي واري چونڊن ۾ پيپلزپارٽي طرفان اميدوارن کي ٽڪيٽون ڏيڻ لاءِ جيڪو بورڊ قائم ڪيو ويو هو ظفر ان جو ميمبر پڻ هو جنهن ڪري وڏا وڏا زميندار به ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ کيس منٿون پيا ڪندا هئا.اليڪشن کٽي اچڻ کان پوءِ محترمه جڏهن وزيراعظم ٿي ته هن کيس پنهنجو اسپيشل اسسٽنٽ مقرر ڪيو. ظفر صاحب جي وڏي ۾ وڏي ڪوتاهي يا نااهلي اها هئي جو زندگي جي آخري ساهه تائين هن ڪڏهن پئسي سان محبت نه ڪئي، وٽس جيڪي ٻه رپيا هوندا هئا اهي خرچ ڪري ڇڏيندو هو شايد اهو ئي سبب هو جو جيڪي ماڻهو هن جي اڳيان پٺيان پيا ڦرندا هئا اُهي ته ڪروڙ پَتي ٿي ويا پر سندس جنازو به مسواڙ واري گهر مان نڪتو.
    ظفر صاحب پنهنجي سياست جي شروعات قومپرستي سان ڪئي، اها خبر گهٽ ماڻهن کي هوندي ته هو عبدالواحد آريسر جيان ٺاروشاهه لڳ پنهنجي ڳوٺ اڇي مسيت جي مسجد جو پيش امام به ٿي رهيو، هن رسول بخش پليجي سان گڏجي عوام تحريڪ جو بنياد رکيو، سنڌ ۾ سياسي تحريڪ کي سگهاري بڻائڻ لاءِ سنڌ جي واهڻن ۽ وستين ۾ ويو، مون تي دستگير ڀَٽي صاحب جا لک احسان جنهن ظفر علي اڄڻ سان پهرين ملاقات ڪرائي. هو هلال پاڪستان جو چيف ايڊيٽر هو ۽ مان اتي اسٽاف رپورٽر هئس. اسان ظفر جي طارق روڊ واري گهر تي سندس انٽرويو ڪرڻ وياهئاسين، صاف سٿري شخصيت جو مالڪ ظفر مهمان نوازي ۾ به پنهنجو مَٽ پاڻ هو، ساڻس پهرين ملاقات کي ويهن سالن کان به وڌيڪ وقت ٿي ويو هوندو، جنهن کان پوءِ عمر جي فرق کي ٿڏي هن اهڙو ته پيار ۽ پنهنجائپ ڏني جو اسان جي هڪٻئي کان سواءِ سري نه سگهندي هئي پيا ملندا هئاسين. هو انتهائي بي زرر قسم جو انسان هو جيڪو سياست کي عبادت سمجهندو هو، هو دنيا جي هر شيءِ کان بي نياز ٿي ويندو هو پر پنهنجي راءِ کي ڪنهن تي قربان نه ڪندو هو، هو پنهنجي راءِ انتهائي ايمانداري ۽ سچائي سان ڏيندو هو ۽ ان تي ٽِڪ ٻڌي بيهي رهندو هو. شايد اهو ئي سبب هوندو هو جو ڪا به پارٽي کيس گهڻي وقت تائين برداشت ڪري نه سگهندي هئي. عوامي تحريڪ کان پوءِ پيپلزپارٽي کان ويندي پي ٽي آءِ تائين هر وڏي پارٽي ۾ سندس آجيان ڪئي وئي پر هو ڪٿي به گهڻو وقت رهي نه سگهيو. ظفر صاحب هونئن ته ڪيترائي ڪتاب ۽ مضمون لکيا پر انگريزي ۾ لکيل سندس ٻه ڪتاب، “ڀُٽو اسپيڪس فرام گريو”، (ڀُٽو قبر مان ڳالهائي ٿو) ۽ “ان دي لينڊ آف رام اينڊ راوڻ”(رام ۽ راوڻ جي ديس ۾)، ته هن جي قلمي پورهئي جا شاهڪار آهن. سندس سياسي علمي ۽ ادبي حلقو تمام گهڻو وڏو هوندو هو، اها ٻئي ڳالهه آهي جو جڏهن ان حلقي جي ساٿ جي کيس ضرورت پئي ته ان منهن موڙي ڇڏيو.
    ڪجهه سال اڳ ظفر صاحب تي اڌ رنگ جو حملو ٿيو، سندس مالي حالت مناسب ڪو نه هئي، هن سان هڪ دوست گڏ سياست جي شروعات ڪئي هئي جيڪو اڄ ڪلهه ڪروڙي نه پر ارب پتي آهي ۽ هي هن جي قربائتي روئي جي واکاڻ به ڪندو هو جنهن سان گڏ هن ريل جي ٿرڊ ڪلاس گاڏي ۾ سفر به ڪيا هئا سو مون ان همراهه کي فون ڪري ٻڌايو ته ظفر صاحب کي اڌرنگ ٿيو آهي ان تي همراهه وڏي رڙ ڪئي، مون وري کيس چيو ته هن کي هن وقت توهان جي مدد جي ضرورت آهي، ان تي وري چيائين ته ها ها ڇو نه، اسان جيڪڏهن هاڻي به هڪٻئي کي ڪم نه اينداسين ته پوءِ ڪڏهن اينداسين؟ پر هو کيس پڇڻ به نه آيو ۽ پنجويهه هزار پنهنجي نوڪر هٿ کيس ڏياري موڪليا.
    ظفر صاحب جو اٿڻ ويهڻ کائڻ پيئڻ سڀ ڪجهه سياست هئي، هو سنڌ جي سياست کان گهڻو مايوس ٿي چڪو هو سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ آبادي جو توازن بگڙجندو پيو وڃي، بنگالين ۽ برمين کان پوءِ پٺاڻن ۽ افغانين سنڌ جو رخ ڪيو آهي پر پيپلزپارٽي وارن توڙي قومپرست سياستدانن کي ان ڳالهه جو ڪو ادراڪ ڪونهي. ڏيڍ مهينو کن اڳ سندس جيون ساٿي فهميده رياض گذاري وئي ۽ ڪالهه سنڌ لاءِ سوچيندڙ ذهن ظفر علي اڄڻ به اسان کان موڪلائي ويو.

    شير محمد کهاوڙ جي فيسبوڪ وال تان ورتل
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,775
    ورتل پسنديدگيون:
    27,188
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ظفر اڄڻ ۽ فهميده رياض سان گهاريل گهڙيون

    اصغر سومرو

    نئين سال جي پهرئين ڏينهن يعني اڱاري پهرين جنوري 2019 تي ظفر اڄڻ جي وفات جو ٻڌي ڏک ٿيو ۽ ساڻس گذرايل لمحا ڪنهن فلم جيان ذهن جي اسڪرين تان گذرندا رهيا. ظفر صاحب سان منهنجي پهرين ملاقات ۲۰۰۵ع ۾ تڏهن ٿي جڏهن آئون برٽش ڪائونسل ۾ بطور پروگرام ميئنيجر جي ڪم ڪندو هئس. ظفر صاحب جي گهر واري ۽ مشهور شاعره فهميده رياض عورتن جي ترقي لاءِ هڪ اين جي او هلائيندي هئي جنهن کي برٽش ڪائونسل هڪ پروجيڪٽ ڏنو هو. هن پروجيڪٽ کي اسلام آباد مان ريحانه شيخ ڏسندي هئي پر بعد اهو فيصلو ٿيو ته آئون به هن پروجيڪٽ کي ڏسان ڇاڪاڻ ته ڪراچي مان ويهي مانيٽرنگ ڪرڻ آسان هو. ان بهاني منهنجي پهريان ميڊم فهميده ۽ پوءِ ظفر صاحب سان دعا سلام ٿي جيڪا بعد ۾ خلوص واري دوستي ۾ بدلجي وئي.
    ظفر صاحب جو اصل تعلق ڪنڊيارو تعلقي سان آهي ۽ تمام سٺو پڙهيو لکيو دانشور قسم جو ماڻهون هو. پر هميشه مالي تنگي جو شڪار رهندو هو. هن پنهنجي ڪتاب "رام ۽ راوڻ جي ديس ۾ گهاريل جلاوطني " ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته جنرل ضياءَ جي دور ۾ هي پاڻ ۽ سندس زال فهميده سخت تڪليفن جي منهن ۾ هئا. هنن "آواز" نالي سان رسالو ڪڍيو هو جيڪو ضياءَ سرڪار کان برداشت نه ٿيندو هو. هن رسالي سبب هنن تي ڪافي ڪيس ٿيا پر انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ هنن وٽ وڪيل کي پيسا ڏيڻ لاءِ ڪون هوندا هئا پر مرحوم نوردين سرڪي هنن جو ڪيس مفت ۾ وڙهندو هو. ظفر صاحب ۽ سندس گهرواري برطانيا نڪري وڃڻ پيا چاهن ته جيئن ضياءِ جي ڏمر کان ٽري وڃن پر هنن وٽ جهاز جي ٽڪيٽ وٺڻ جيترا پيسا به نه هئا. هنن ان وقت شهيد بظير ڀٽو کي مدد لاءِ سندس ايم پي اي اصغر راشدي معرفت نياپو ڪرايو.. محترمه اصغر راشدي کي چيو ته مير هزار خان بجارڻي کي هنن جي ٽڪيٽ جي بندوبست لئه چئو. مير هزار ان وقت پ پ پ سنڌ جو صدر هو. پر هنُ فهميده رياض وارن کي ٽڪيٽ وٺي ڏيڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو.
    فهميده رياض ۽ ظفر اڄڻ جي جلاوطني رام راوڻ جي ديس يعني انڊيا ۾ هئي تنهنڪري پي پي پي مخالفن مٿن انڊين ايجنٽ هئڻ جو الزام هنيو.اهو الزام ايترو ته ڦهلجي ويو جو ظفر صاحب جي بقول هن ڄام صادق کي ڌمڪي ڏني ته اگر اهو الزام بند نه ٿيو ته هو اهو چوندا ته ان ايجنٽ واري ڪردار ۾ سندن سهولتڪار ڄام صادق پاڻ آهي.اهڙي ڌمڪي بعد ڄام صادق خاموش ٿي ويو...

    ظفر صاحب جو گهر ڪراچي ۾ طارق روڊ تي هوندو هو آئون ڪچهري ڪرڻ لاءِ ان وٽ ويندو رهندو هئس. ظفر صاحب ۽ ميڊم فهميده اڪثر ڪري پاڻ ۾ جملي بازي ڪندا هئا مان ڪنهن هڪ جي ڌر ٿيڻ بجاءِ هنن جي پيار ڀرئي جهيڙي مان لطف اندوز ٿيندو هئس. هنن ٻنهي سان گڏجي ڪچهري نه ڪري سگهندو هئس. انڪري پهريان ميڊم سان ۽ بعد ۾ ظفر صاحب وٽ وڃي وهندوهوس. ميڊم اڪثر ڪري پنهنجي اين جي جي معاملن تي ڳالهائيندي هئي جڏهن ته ظفر صاحب سياست ۽ دنيا جهان تي راءِ رکندو هو. هڪ دفعي ظفر اردو ڳالهائندڙ تي ڪو طنزيه جملو چيو جنهن تي ميڊم فهميده جوابي ڪاروائي ڪندي کيس ٽوڪيو ته اهي ڏينهن ياد اٿئي جڏهن مونسان شادي جي شوق ۾ پاجاما پائي اسان جي محفلن ايندو هئين.ڇا ته بهترين انسان هئا ، اها منهنجي لئه عزت افزائي هئي جو ٻئي مونکي پنهنجي پٽن وانگر عزت ڏيندا هئا...
    جڏهن آئون هڪ خانگي سنڌي ٽي وي تي ڪرنٽ افيئرس جو پروگرام ڪندو هئس ته مون ظفر صاحب کي بطور سياسي تجزيا نگار دعوت ڏني ته هو ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ ريگيولر اچي پر هن چيو ته مونکي لکڻ پڙهڻ کان علاوه ٻيو ڪجه نٿو اچي تنهنڪري پنهنجي اداري کي چئو ته مونکي ان ڪم لاءِ ڪجه مالي مدد ڪن. اداري ۾ ائين نه ٿي سگهيو. افسوس ته خانگي ٽي وي ادارن ۾ به ماهرن کي اجرت ڏيڻ جو رواج ڪونه آهي. پوءِ ظفر صاحب جهڙا ماڻهو پنهنجي گهرن تائين محدود نه ٿيندا ته ڪاڏي ويندا..؟.
    ٻه هزار ڇه ۾ اسان ڪارو ڪاري بابت سکر ۾ برٽش ڪائونسل پاران هڪ ڪانفرس ڪرائي هئي جنهن ۾ ميڊم فهميده کي به ڪراچي مان وٺي وياسين . ميڊم پروگرام جي ميزباني وارو ڪم سرانجام ڏنو. پر جيئن ئي ميڊم پروگرام جي ڪارروائي هلائڻ شروع ڪئي ته پنڊال جي هڪ ڪنڊ ۾ گوڙ شروع ٿيڻ لڳو. اتي هڪ عورت ڪافي ڪاوڙ واري انداز ۾ چيو ته توهانکي فهميده جو قدر ناهي.
    هي تمام وڏي شاعره آهي هن کان ڪمپيرنگ ٿا ڪرايو. سندس اکين ۾ لڙڪ هئا ۽ هن روئڻهارڪي انداز ۾ چيو فهميده توهانجي مقرر هجڻ گهرجي..
    ان ڪانفرنس ۾ اها اعتراض وارڻ واري عورت ڪا ٻي نه بلڪه شاعره عطيه دائود هئي. بهرحال ميڊم پاڻ ۽ مون وڃي عطيه صاحبه کي ٿڌو ڪيو. اصل ۾ ميڊم کي ڪانفرنس ۾ اهڙو ڪم پيو گهرجي جنهن مان کيس ڪو مالي سهڪار ٿي سگهي. انڪري هوءَ ڪمپيئرنگ ڪرڻ تي آمده ٿي هئي. هن کان اڳم ظفر صاحب کي بطور رپورٽر هڪ ٻئي ڪانفرنس ننڍڙو ڪم ڏنو هو... ٻئي زال مڙس تمام پيارا ماڻهو هئا پر هنن زندگي ۾ ڪافي تڪليفون ڏٺيون . هنن کي صرف ٻه ٻار هئا هڪ ڌي ويرتا ۽ پٽ ڪبير. سندن نوجوان پٽ ڪبير اڄڻ 7 آڪٽوبر 2008ع ۾ آمريڪا ۾ وفات ڪري ويو. هو سمنڊ ۾ وهنجندي ٻڏي فوت ٿيو هو. جوان اولاد جو ۽ اڪيلي پت جو ائين اوچتو هليو وڃڻ ٻنهي لئه سانحي کان گهٽ نه هو.اڪيلي پٽ جي اوچتو وفات کان پوءِ ظفر اڄڻ توڙي ميڊم فهميده رياض صفا جهري پيا هئا. مونکي ياد آهي ته آئون جڏهن هنن سان تعزيت ڪرڻو ويو هئس ته ميڊم جي اکين ۾ صرف لڙڪ هئا ۽ ظفر صاحب پنهنجا ڳوڙها اندر ئي اندر ۾ ڳاڙي رهيو هو. اڄ ظفر صاحب ۽ ميڊم فهميده ٻئي وڃي پنهنجي پٽ ڪبير سان ملاقاتي ٿيا آهين ۽ ادي ويرتا کي هن بي حس دنيا سان اڪيلي سر منهن ڏيڻ لاءِ ڇڏي ويا آهن....ڪهڙا نه خوبصورت ماڻهون تڪڙو دنيا کي الوداع ڪري وڃن ٿا.......

    ظفر صاحب جو گهر ڪراچي ۾ طارق روڊ تي هوندو هو آئون ڪچهري ڪرڻ لاءِ ان وٽ ويندو رهندو هئس. ظفر صاحب ۽ ميڊم فهميده اڪثر ڪري پاڻ ۾ جملي بازي ڪندا هئا مان ڪنهن هڪ جي ڌر ٿيڻ بجاءِ هنن جي پيار ڀرئي جهيڙي مان لطف اندوز ٿيندو هئس. هنن ٻنهي سان گڏجي ڪچهري نه ڪري سگهندو هئس. انڪري پهريان ميڊم سان ۽ بعد ۾ ظفر صاحب وٽ وڃي وهندوهوس. ميڊم اڪثر ڪري پنهنجي اين جي جي معاملن تي ڳالهائيندي هئي جڏهن ته ظفر صاحب سياست ۽ دنيا جهان تي راءِ رکندو هو. هڪ دفعي ظفر اردو ڳالهائندڙ تي ڪو طنزيه جملو چيو جنهن تي ميڊم فهميده جوابي ڪاروائي ڪندي کيس ٽوڪيو ته اهي ڏينهن ياد اٿئي جڏهن مونسان شادي جي شوق ۾ پاجاما پائي اسان جي محفلن ايندو هئين. ڇا ته بهترين انسان هئا .

    لاهوت.ڪام تان ورتل
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو