تعليم جو عالمي ڏينهن ۽ ان جي تباهي...!!

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏7 جنوري 2019۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    شرف الدين مرکنڊ طاهري

    جيئن ته اڄ نئين سال جي پهرين مهيني جنوري جي 8هين تاريخ جو ڏينهن آهي جنهن کي اسان جي معاشري جي اندر تعليم جو عالمي ڏينهن ڪري ملهائيو ويندو آهي، تعليم انسان کي انسان بنائيندي آهي، تعليم انسان جي عزت کي اڳتي وڌائيندي آهي، تعليم انسان جي تاريخ کي ظاهر ڪندي آهي، تعليم انسان جي راز کي ظاهر ڪندي آهي، تعليم انسان جي اندر ۾ محبت پيدا ڪندي آهي، ۽ تعليم جي ذريعي انسان اعلى ترقي اختيار ڪندو آهي، جيڪڏهن ڪنهن انسان کي تعليم جو ذرو به هوندو آهي ته ان کي معاشري جي اندر عزت جي نگاهن سان ڏٺو ۽ سمجھيو ويندو آهي، تعليم هر انسان جو بنيادي حق آهي جيڪا انسان ۾ شعور پيدا ڪري ٿي، جاڳرتا پيدا ڪري ٿي. تعليم جي انسان پنهنجي تعليم جي ذريعي پنهنجي ڪاروبار ۾ سٺي محنت ڪندو آهي. مون ڪنهن رسالي جي اندر هڪ سچي انسان جو قول پڙهيو هو جيڪو واقعي ئي سچو قول آهي ان بزرگ جو قول مبارڪ آهي ته ڪنهن به قوم يا ڪنهن ملڪ کي جيڪڏهن تباهه ۽ ختم ڪرڻو هجي ته ان جي تعيلمي ادارن (اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين) کي تباهه ڪريو ته پوءِ اها قوم پاڻ ئي تباهه ۽ ختم ٿي ويندي. اهڙي طرح تعليم جي حوالي سان جيڪڏهن ڳالهه ڪيو ته اسان جي ملڪ جي تعيلم سڀني ملڪن کان پوئتي پيل آهي، جنهن جو اندازو اسان پڻ پنهنجي معاشري مان ئي حاصل ڪري سگھو ٿا ان کان جو ٻئي ڪنهن ملڪ جي طرف نظر ڪريون ان جي بجاءِ اسان پنهنجي ملڪ جي اسڪولن جي طرف هڪ نظر ڪيو ته اسان کي معلوم ٿيندو ته اسان جي پياري ملڪ جي تعليم جو ڇا حال آهي؟ ۽ ڪهڙي درجي تي بيٺل آهي ڪهڙي واٽ تي بيٺل آهي، ۽ اسڪولن اندر ڇا ٿي رهيو آهي مگر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته اسان جي معاشري ۾ اسڪولن ڪاليجن يونيورسٽين جي اندر وڏيرن جو اوطاقون قائم ڪيو ويو آهن مالن ۽ جانورن جا واڙا، اناج جا گدام ۽ شادي هالن طور تي استعمال ڪيا وڃن ٿا پر اسان جي سنڌ سرڪار جي چونڊيل نمائندن وٽ ايترو ٽائيم به نه آهي جو انهن جي لاءِ ڪي سٺا قدم کيا وڃن ۽ انهن جي صفائي جو اهتمام ڪيو وڃي ۽ تعليم ئي جي ڪري اسان جو ملڪ اڳتي وڌي سگهي ٿو. بهرحال اسان جي معاشري ۾ تعليم کي انسان جي ٽئين اک شمار ڪيو ويندو آهي ان ڪري شمار ڪيو ويندو آهي ته اها جيڪا هڪ اک آهي اها اک ان انسان جي شعور ۽ سوچ کي پيدا ڪندي آهي ۽ ان کي سمجهه ڏيندي آهي. حالانڪه ملڪ جي ترقيءَ جو راز تعليم جي بهتريءَ ۾ سمايل هوندو آهي، جيڪڏهن اسان يورپ يا ٻئي ڪنهن ننڍن ملڪن جي طرف نظر ڦيرائينداسين ته اسان کي معلوم ٿيندو ته جيڪي ڪجھ عرصو اڳ ملڪَ تعليمي ميدان ۾ گھڻو پوئتي پيل هئا ته انهن جي ڏاهن عقلمند انسانن، سمجھه رکندڙ انسانن ۽ انهن ملڪن جي حڪمران طبقي ملڪي معاملن ۾ سڀ کان وڌيڪ مٿاهين لسٽ تي تعليم کي رکيو، ۽ جڏهن ته تعليم سان شوق رکندڙ استادن کي مقرر ڪرڻ سان گڏ انهن جي تعليمي حوالي سان ترقي يافته ملڪن جي برابر ڪري ڇڏيو هاڻي انهن ملڪن ۾ تعليمي حوالي سان اَسي نوَي سيڪڙو تائين تعليم پهتل آهي، ۽ اسان جي ملڪ ۾ خيرن سان اهڙن ماشترن کي ڀرٿي ڪيا ويا آهن جن کي صحيح طور تي سنڌي ٻوليءَ به لکڻ نه ٿي اچي. جن ملڪن تعليم کي اڳتي وڌايو، انهن دنيا ۾ پنهنجي پيداوار کي پاڻ بر آمد ڪيو، ۽ اسان خاص ڪري انهن جون ايجادون وٺڻ تي مجبور بڻجي ويا آهيون، سنڌ صدوريءَ جي تعليمي ادارن ۾ ڪافي سالن کان جيڪا تباهي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي اها قوم کي اڳتي وٺي وڃڻ جي بجاءِ پوئتي ڇڪي رهي آهي. جڏهن ته اسان جي ملڪ ۾ نقل جو رجحان ڏينهون ڏينهن عروج تي پهتل آهي ڪاپي ڪلچر اخلاقي قدرن کي پائمال ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته گذريل پنجن سالن ۾ تعليمي ادارن ۾ پنج ڇهه لک روپين جي عيوض ڪوڙا آرڊر ڏئي ڪري اسان جي ملڪ جي قوم جي تعليم کي وڪرو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ان کان پوءِ جيڪي آفيسر اڳ ۾ هئا اهي پاڻ ئي خارج ٿي ويا يا ڪيا ويا وري ٻي ٽيم آئي جنهن انهن جي جاءِ سنڀالي ورتي ۽ وچ ۾ ملازمن ۽ استادن کي روڊن تي ڌرڻا هڻڻ تي مجبور ڪيو ويو، انهن استادن کي جيلن جو شان بنايو ويو جيڪو انهن جي لائق نه هيو. جڏهن ته شروعات ۾ انهن استادن صاحبانن کي اسڪول ۾ حاضريءَ جو پابند به بنايو ويو ۽ انهن کان من پسند الڪيشن جي ڊوٽي به ورتي وئي پر اڃا تائين حڪومت سڳوري انهن کي پگھارون نه ڏنيو آهن ۽ نه وري انهن کي سنڌ ايجوڪيشن جو ملازم مڃيو وڃي ٿو، جيڪو اخباري رپوٽن جي مطابق ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ اندروني اختلافن سبب تعليم معطل آهي جڏهن ته نظام ڪرپٽ فردن جي حوالي ڪري سنڌ جي تعليم کي ٻه واٽي تي بيهاريو ويو آهي. آخرڪار سنڌ حڪومت ۽ انهن جا وزير باتدبير ڊگھيءَ ننڊ مان ڪڏهن اٿندا ۽ هن صوبي جي تعليمي نقصان جو تدارڪ ڪير ڪندو؟ سنڌ جو عوام اڃاتائين روڊن رستن تي بيهندي ان جواب جو منتظر آهي. اسان سنڌ سرڪار ۾ اميد رکو ٿا ته اسان جي ملڪ جي تعليم کاتي کي اڳتي آندو وڃي ته جيئن اسان پنهنجي ملڪ جي نالي کي روشن ڪري سگهو.
     
    الھي بخش هيء پسند ڪيو آهي.
  2. الھي بخش

    الھي بخش
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏31 آڪٽوبر 2017
    تحريرون:
    29
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ماڳ:
    ھوت جو اھڻ
    ادا زبردست تما م بهترين لڳو توهان سان ڪيئن رابطو ٿي سگهي ٿو!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو