”راجاٻٻر“ چنڊ جو چاه جو عشق آڙاه جو، سلسلو روز آ درد جي ڪاه جو. تون وساري سگهين ٿي مگر او صنم، نه ٿي وسرين قسم مونکي ﷲ جو. منهنجي يادن خوابن خيالن ۾ تون، ڄڻ ذريعو هجين منهنجي هر ساه جو. ائين مونکي ڌُتاري ڌِڪاري ڇڏيو، ڄڻ مان بيڪار هان ڪو پٿر راه جو. منهنجي غزلن ۾ ڪوئي اثر ڪون آ، مان گداگر پرين هان ڪئي ماه جو. ڪيترو چاهيو توکي ”راجا ٻٻر“، تو رکيو آ ڀرم ڪون ويساه جو.