درد

'سنڌي شاعري' فورم ۾ راجا ٻٻر طرفان آندل موضوعَ ‏10 جنوري 2019۔

  1. راجا ٻٻر

    راجا ٻٻر
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جنوري 2019
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    ڌنڌو:
    شاعر
    ماڳ:
    خيرپورناٿن شاھ
    ”راجاٻٻر“
    چنڊ جو چاه جو عشق آڙاه جو،
    سلسلو روز آ درد جي ڪاه جو.

    تون وساري سگهين ٿي مگر او صنم،
    نه ٿي وسرين قسم مونکي ﷲ جو.

    منهنجي يادن خوابن خيالن ۾ تون،
    ڄڻ ذريعو هجين منهنجي هر ساه جو.

    ائين مونکي ڌُتاري ڌِڪاري ڇڏيو،
    ڄڻ مان بيڪار هان ڪو پٿر راه جو.

    منهنجي غزلن ۾ ڪوئي اثر ڪون آ،
    مان گداگر پرين هان ڪئي ماه جو.

    ڪيترو چاهيو توکي ”راجا ٻٻر“،
    تو رکيو آ ڀرم ڪون ويساه جو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو