درد

راجا ٻٻر

سينيئر رڪن
”راجاٻٻر“
چنڊ جو چاه جو عشق آڙاه جو،
سلسلو روز آ درد جي ڪاه جو.

تون وساري سگهين ٿي مگر او صنم،
نه ٿي وسرين قسم مونکي ﷲ جو.

منهنجي يادن خوابن خيالن ۾ تون،
ڄڻ ذريعو هجين منهنجي هر ساه جو.

ائين مونکي ڌُتاري ڌِڪاري ڇڏيو،
ڄڻ مان بيڪار هان ڪو پٿر راه جو.

منهنجي غزلن ۾ ڪوئي اثر ڪون آ،
مان گداگر پرين هان ڪئي ماه جو.

ڪيترو چاهيو توکي ”راجا ٻٻر“،
تو رکيو آ ڀرم ڪون ويساه جو.
 
Back
Top