لوڏي ھلي ٿو ٻانھن، منھنجو دلرُبا!
جدي ۾ جان محمد چئي، پئجي ويا پڙلاء
سونھن تي صفا، مڳي آ محبوب کي.
===
منھنجي دلبر کي مڳي ڪيڏي نہ آ
ھُن سان مُنھنجي دل لڳي ڪيڏي نہ آ
ناز ۽ انداز سان نظرون کڻي
اک کٻِي مون تي ڀڳي ڪيڏي نہ آ
چيلھہ چوٽو ڏِسي ڇاڇا چوان؟
ھُن جي ذلفن ۾ سڳِي ڪيڏي نہ آ
درد جو يڪتارو آھي دل اندر
تند سُورن جي وَڳِي ڪيڏي نہ آ
ھُن اداسيءَ کي ماري پاڻ خُوش
دل کسڻ جِي ھِي ٺَڳِي ڪيڏي نہ آ.
====
آواز : جلال چانڊيو
شاعر: اميربخش لُنڊ ”اداسي“
جدي ۾ جان محمد چئي، پئجي ويا پڙلاء
سونھن تي صفا، مڳي آ محبوب کي.
===
منھنجي دلبر کي مڳي ڪيڏي نہ آ
ھُن سان مُنھنجي دل لڳي ڪيڏي نہ آ
ناز ۽ انداز سان نظرون کڻي
اک کٻِي مون تي ڀڳي ڪيڏي نہ آ
چيلھہ چوٽو ڏِسي ڇاڇا چوان؟
ھُن جي ذلفن ۾ سڳِي ڪيڏي نہ آ
درد جو يڪتارو آھي دل اندر
تند سُورن جي وَڳِي ڪيڏي نہ آ
ھُن اداسيءَ کي ماري پاڻ خُوش
دل کسڻ جِي ھِي ٺَڳِي ڪيڏي نہ آ.
====
آواز : جلال چانڊيو
شاعر: اميربخش لُنڊ ”اداسي“