ٻول : منھنجي دلبر کي مڳي ڪيڏي نہ آ

'ٻول' فورم ۾ عبيد ٿهيم طرفان آندل موضوعَ ‏11 جنوري 2019۔

  1. عبيد ٿهيم

    عبيد ٿهيم سپرايڊيٽر انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,667
    ورتل پسنديدگيون:
    6,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ڌنڌو:
    ڊولپر، سنڌي لئنگئج اٿارٽي، حيدرآباد.
    ماڳ:
    ٽنڊوآدم
    لوڏي ھلي ٿو ٻانھن، منھنجو دلرُبا!
    جدي ۾ جان محمد چئي، پئجي ويا پڙلاء
    سونھن تي صفا، مڳي آ محبوب کي.

    ===
    منھنجي دلبر کي مڳي ڪيڏي نہ آ
    ھُن سان مُنھنجي دل لڳي ڪيڏي نہ آ

    ناز ۽ انداز سان نظرون کڻي
    اک کڳي مون تي ڀڳي ڪيڏي نہ آ

    چيلھہ چوٽو ڏِسي ڇاڇا چوان؟
    ھُن جي ذلفن ۾ سڳِي ڪيڏي نہ آ

    درد جو يڪتارو آھي دل اندر
    تند سُورن جي وَڳِي ڪيڏي نہ آ

    ھُن اداسيءَ کي ماري پاڻ خُوش
    دل کسڻ جِي ھِي ٺَڳِي ڪيڏي نہ آ.
    ====

    آواز : جلال چانڊيو
    شاعر: اميربخش لُنڊ ”اداسي“

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو