کاٻي ڌر جي ساڄي ٻانھن تاج بلوچ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏15 جنوري 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,860
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    کاٻي ڌر جي ساڄي ٻانھن تاج بلوچ....

    ڊاڪٽر خادم منگي


    مان تاج بلوچ تي مقالو نہ لکي سگھيو آھيان. ان ۾ سڄو ڏوھہ اسد چاچڙ جو آھي. مان مٿس ڪمالو لکيو آھي. ادب ۾ ڪمالو نئين صنف آھي، جيڪو اڄ ئي پيدا ٿيو آھي. ھي مقالي جو پٽ آھي ۽ جمالي جو ننڍو ڀاءُ آھي. مقالو شيطان جي آنڊي جيڏو ڊگھو ٿيندو آھي. ڪمالي جي ھڪڙي خوبي اھا بہ آھي تہ جنھن مھل ٻڌندڙ يا پڙھندڙ کي اڃا مزو اچڻ شروع ئي مس ٿيندو تہ ھي ختم ٿي ويندو، مرنڊا جي بوتل وانگر.
    جمالي جي ڄم جي تاريخ پرائمري اسڪول جي ڄم ۽ موت واري رجسٽر مان غائب آھي. انڪري ڪنھن کي بہ خبر ناھي تہ جمالو ڪڏھن ڄايو. ھاڻي اھو ٺيڪو ثقافت کاتي جي وظيفن تي پويان پساھہ کڻندڙن محققن کي مليو آھي تہ ھو اسانکي جمالي جي تاريخ، جاگرافي ۽ شھريت درست ڪري ڏين. ھو اسانکي اھو بہ ٻڌائيندا تہ گھنڊيدار وارن وارو جمالو، جيڪو گھران، سائو لڪڻ ھٿ ۾ کڻي نڪتو ھيو، اھو جڏھن روھڙيءَ واري پل تي پڳو تہ پوءِ ڪاڏي غائب ٿي ويو. لڳي ٿو انڊومينٽ فنڊ جا پئسا ھڙپ ڪري، پنھنجي جانيءَ سان جھاز ۾ چڙھي رفو چڪر ٿي ويو آھي.
    جيستائين جمالو واپس اچي تيستائين وٺون ٿا ڪمالي کي. ڪمالو نثري ادب جي ننڍي ۾ ننڍي صنف آھي، ڇو تہ اڄ ئي پيدا ٿيو آھي. جنھن ۾ ڪنھن بہ شخص جي ڪيل ڪمال جھڙي ڪنھن بہ ھڪ عمل کي درج ڪيو ويندو آھي، غزل لاءِ گھٽ ۾ گھٽ پنج بند گھربل ھوندا آھن، پر ڪمالي ۾ وڌ ۾ وڌ ھڪڙي ئي پھلوءَ جي گنجائش آھي ان ۾ درزن کن ادبي ڪمن جو سربستو احوال وجھڻ جي ڪوشش ڪندءُ تہ ڪمالو ڦاٽي پوندو، فوڪڻي وانگر، جنھنکي ڪنھن بہ کونر ۽ لئيءَ سان لنبي نہ سگھبو. ھاڻي جيڪڏھن مان تاج بلوچ جي درزن کن عملن تي روشني وجھندس تہ پوءِ ھيءَ جيڪا اوھان ساڻس شام ملھائي رھيا آھيو اھا رات ۾ تبديل ٿي ويندي. رات جو ڪجھہ ماڻھن کي شبڪوريءَ جي ڪري تاج بلوچ ڏسڻ ۾ ئي ڪونہ ايندو، جيستائين وري ٻيھر سوجھرو ٿئي. سوجھري تي ياد آيو تہ سوجھرو بہ تاج بلوچ جو ئي ھڪ روشن پھلو آھي. جيڪو بند ٿي وڃڻ جي باوجود بہ چمڪي رھيو آھي، جديد دور جي شاعرن جي روپ ۾. ڇو تہ سمورن جديد دور جي شاعرن کي تاج بلوچ پيار سان ڇَپيو آھي. ممڪن آھي ڪجھہ ليکڪن کي ھن ڪوٺي تي چاڙھي وري ڏاڪڻ بہ ڪڍي ڇڏي ھجي، ان ۾ تاج بلوچ جو ڪو بہ ڏوھہ ڪونھي، ھنن کي پاڻ ئي ڪوٺي تي چڙھڻ جو شوق ھيو. ھنن مان ھرھڪ پاڻ کي جديد دور جو اياز ثاني ۽ لطيف ثالث پئي سمجھيو.
    جديد لفظ کي سمجھڻ لاءِ اوھان کي قديم لفظ سمجڻو پوندو. قديم شيءِ اسان وٽ ھڪڙي ئي آھي سائين قائم علي شاهہ. وظيفن جي وينٽيليٽر تي جيئرا رھندڙ، آثار قديمہ مان ھٿ آيل ماھر، جيستائين اسانکي موھن جي دڙي جي ڪا مستند تاريخ ٻڌائين، تيستائين اسان سڀ سائين قائم علي شاھ کي ئي قديم سمجھون ٿا. ڇو تہ منھنجي بابي، مون ۽ منھنجي پٽ بہ کيس وزير اعلي جي ڪرسيءَ تي ئي ڏٺو. لطيف سائين الائي ڪھڙي نيت سان لفظَ قائم ۽ قديم پھرئين بيت جي ھڪ ئي پَد ۾ رکياآھن. حوالي طور ڏسو، سر پھريون، داستان پھريون. بيت پھريون، صفحو پھريون، ڇاپو پھريون ۽ پھريون ئي پھريون.
    ھاڻي جيڪڏھن اوھين لفظ قديم کي بخوبي سمجھي ويا آھيو تہ مونکي لفظ جديد سمجھائڻ جي ضرورت ئي محسوس نہ ٿي ٿئي.
    جديد سنڌي شاعريءَ جو ابو، ڪشنچند بيوس کي سمجھيو ويندو آھي. انڪري سڄي جديد سنڌي شاعري بيوسيءَ جو شڪار آھي. انکي وڌيڪ بيوس ڪرڻ ۾ ٿورو ٿورو ڪردار تاجل بيوس جو بہ آھي. سنڌ منھنجي امان، سونھن تنھنجيءَ مٿان. ڇا لکي ڇا لکان؟ ابا ڪجھہ تہ لک. چئي ٿو تہ ھڪ قلم ھڪڙو مان ڪيئن پورو پوان؟ ابا توکي ڪنھن چيو تہ ٻيو قلم نہ وٺ؟ مونکي ئي چوين ھان تہ مان ئي توکي پنجين روپئي واري بال پين وٺي ڏيان ھان. کڻي ھڪڙو مھينو ادبي سنگت کي في نہ ڏيان ھان. شاعريء ۾ بيوسي ھوندي تہ وس وارن جي ڪن تي ڪا جونءَ ڪيئن چرندي؟ پر ڪجھہ شاعرن وڏي جدوجھد کان پوءِ پاڻ کي ان بيوسي کان بچايو آھي، انھن تي وري بي حِسي ڇانيل آھي، سدائين الوٽَ.
    يار ھي ڪھڙا موضوع منھجي مقالي. معاف ڪجو، ڪمالي ۾ اچي رھيا آھن؟ مونکي تاج بلوچ تي ٻہ لفظ لکڻا آھن. خير تاج بلوچ بہ ڪنھن شاعر سان رچايل رھاڻ ۾ بہ ڪمال ڪري ڏيکاريندو آھي، منو ڪلاڪ ڳالھايائيندو آھي، پر ان شاعر تي ھڪ لفظ بہ نہ ڳالھايائيندو آھي. وڏو اديب چئبو ئي انکي آھي جيڪو پنھنجي اصل موضوع تي نہ ڳالھائي. پر مان اڄ تاج بلوچ تي ٻہ لفظ ضرور ڳالھائيندس ڀلي ننڍو ئي ٿي وڃان.
    ٻن لفظن تي ياد آيو تہ ادب کي اڌمئو ڪرڻ ۾ ٻن لفظن، ٽن لفظن، پيش لفظن، زير لفظن، زبر لفظن ۽ مھاڳن جو وڏو ھٿ آھي. اڳي مان سمجھندو ھيس تہ رڳو تاريخ /ھسٽريءَ ۾ ڪوڙ بدوڙ لکيل آھن. ان ھسٽريءَ کي ھسٽريا جي بيماريءَ جي ڀيڻ سمجھندو ھوس. پر مھاڳن پڙھڻ کانپوءِ مان پنھنجي راءِ ۾ يوٽرن وٺڻ لاءِ سوچي رھيو آھيان. ڪنھن کان بہ شاعري کسرائڻي ھجيوَ تہ انکي ڪنھن وڏي شاعر کان مھاڳ لکرائڻ جو مشورو ڏيو. بس پوءِ ياعمر وتندو مھاڳ تي تڳندو، دل ئي دل ۾ چوندو ادب جو نوبل پرائيز ملي ويو ھاڻي ڇو لکان ۽ ڇا لکان؟ تاج بلوچ نہ اھڙا مھاڳ لکيا آھن ۽ نہ ئي وري لکرايا آھن.
    اوھانکي سنڌ ۾ چپي چپي تي وڏا شاعر ملندا، پر عظيم شاعر ڪو بہ نہ ملندو. سنڌ ۾ عظيم ٿيڻ لاءِ شاعر کي ھڪ دفعو سچ پچ ۾ مرڻو پوندو آھي. جڏھن تہ معاشري جي بيحسيءَ جي ڪري کيس روز مرڻو پوي ٿو. پر اھو ڪنھن کاتي ۾ ئي ناھي. منھنجي بابي جي ناني جو نالو بہ عظيم ھو، پر جيستائين جيئرو ھيو ڪنھن بہ کيس عظيم نہ سمجھيو. سنڌ جو شاعر توڻي جو پنھنجي مھارت سان اُٺ کي سئيءَ جي پاکڙي مان گذاري ويو ھجي، ڪارڙي تتر کان بگڙي تتر جي ڪيڙو ڪيڙو ڪرائي ويو ھجي يا وري سينڱاريء جا موراکي وانگر ڇلڙ لھرائي ويو ھجي، پر حرام جو ڪو سنڌي ماڻھو کين جيئري ئي عظيم مڃي. نہ ڪو. اسان کان اڳ واري شاعرن جي کيتر ۾ شيخ اياز، استاد بخاري، نارائڻ شيام، تنوير عباسي ۽ شمشيرالحيدري جنھن کي ماڻھو پيار مان ڪفگيرالديڳڙي بہ چوندا ھئا، مرڻ کانپوءِ مس وڃي عظيم ٿيا آھن. علي بابا جھڙو ليکڪ جڏھن جيئرو ھيو تہ مئل ھيو ۽ جڏھن ھاڻي سچ پچ ۾ مري ويو آھي تہ وري جيئرو ٿي پيو آھي. امر جليل جھڙو ڪھاڻيڪار جنھن ٽن پيڙھين تي پنھنجا اثر ڇڏيا آھن اھو بہ اڃا تائين عظيم ٿي نہ سگھيو آھي. ڇو تہ ھو بہ گوليءَ سان مئل ڪھاڻي کي جيئرو نہ ڪري سگھيو آھي. اسانکي امرجليل ۽ تاج بلوچ عظيم نہ کپن، بس زندہ ۽ سلامت کپن تہ جيئن لکندا رھن. تاج بلوچ جيڪو ھميشھہ کاٻي ڌر جي ساڄي ٻانھن رھيو آھي. کيس منھنجو سرخ سلام.

    جکرا! جيئو شالَ، اوھانجو مَدو مُور مَ سُڻان.
    اڃا ڪالھوڻي ڪالھہ، اوھان ڏُرتُ اُڪاريو ڏيھہ تان. (شاھہ)

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو