آڪاش ميرواهي غزل مون کي سڏي رهي آ هر ڳوٺ جي ڳلي اڄ ويندي بہ ياد آئي تنهنجي وري تلي اڄ پنهنجي امڙ هٿن سان مونکي وري پچائي ڏيندي امڙ لسيءَ سان ماني مکي ڀلي اڄ مايوس ٿي لڳي اڄ گهر جي وڏي ڌياڻي خالي نظر اچي ٿي ان جي ڀري پلي اڄ هي ساڳ سڀ مريڙو ۽ للر ياد آيا ٻاجهر بہ ٻاٽ واري ماني چڙهي ڀلي اڄ اي سنڌ جنهن بہ توسان پنهنجو وير آھ پاتو سي پاڻ خاڪ ٿي ويندا يار سڀ جلي اڄ ڪنهن سان نہ ”ميرواهي“ نفرت ڪئي ڪٿي آ دشمن بہ پاڻ ايندا پنهنجي تڏي هلي اڄ تلي : ڳوٺ جو نالو پلي : گندي ان رکڻ واري