1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 60000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 60,000
    37500

ثقافتي تخليق

'سنڌي شاعري' فورم ۾ آڪاش ميرواهي طرفان آندل موضوعَ ‏15 جنوري 2019۔

  1. آڪاش ميرواهي

    آڪاش ميرواهي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2018
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    آڪاش ميرواهي

    غزل


    مون کي سڏي رهي آ هر ڳوٺ جي ڳلي اڄ
    ويندي بہ ياد آئي تنهنجي وري تلي اڄ

    پنهنجي امڙ هٿن سان مونکي وري پچائي
    ڏيندي امڙ لسيءَ سان ماني مکي ڀلي اڄ

    مايوس ٿي لڳي اڄ گهر جي وڏي ڌياڻي
    خالي نظر اچي ٿي ان جي ڀري پلي اڄ

    هي ساڳ سڀ مريڙو ۽ للر ياد آيا
    ٻاجهر بہ ٻاٽ واري ماني چڙهي ڀلي اڄ

    اي سنڌ جنهن بہ توسان پنهنجو وير آھ پاتو
    سي پاڻ خاڪ ٿي ويندا يار سڀ جلي اڄ

    ڪنهن سان نہ ”ميرواهي“ نفرت ڪئي ڪٿي آ
    دشمن بہ پاڻ ايندا پنهنجي تڏي هلي اڄ


    تلي : ڳوٺ جو نالو
    پلي : گندي ان رکڻ واري
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو