ادبي روين جو اڀياس

'مقالا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏23 جنوري 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,811
    ورتل پسنديدگيون:
    27,198
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ادبي روين جو اڀياس

    استاد لغاري

    ـــــــ منهنجي ايندڙ ڪتاب ( ڪالهوڪا ڪاپڙي ) جو مهاڳ ـــــــــــــــــــــ

    اسان لٽيل قافلي جا مسافر آهيون، اسان جي قافلي کي لٽيندڙ قزاق، بيابانن، جبلن، جھرجھنگلن، سمنڊرن يا ٻاهرين ملڪن مان ڪو نه آيا هئا. ھاڻي اسان کي ويتر وڌيڪ لٽجڻ ۽ ڦرجڻ جو، ڪوئي خوف باقي نه رهيو آهي. ھاڻي انهن پاڻ مرادو اديبن ۽ ادارن کي پاڻ سنڀالڻ گھرجي، جن اسان جي تاريخ کي تباھ ڪرڻ ۽ ان جا ترا ڪڍڻ جي لاءِ، بيدردي سان اسان کي لٽيو، ڦريو، ڀيليو ۽ ڀينگ ڪيو آهي. ڇا دنيا ۾ ٻيو ڪو اھڙو اديب ۽ عالم آهي، جنهن ھڪڙيئي ماڻهو، ٻن ٻولين ۾ شاھ جي رسالي جا منظوم ترجما ڪيا ھجن؟ ڇا دنيا ۾ ٻيو ڪو اھڙو اديب ۽ عالم آهي، جنهن شاھ جي رسالي جو قلمي نسخو، ڇھن رنگين قلمن سان ويهي لکيو ھجي؟ ڇا دنيا ۾ ٻيو ڪو اھڙو اديب ۽ عالم آهي، جنهن شاھ جي رسالي جي، ٽيهن سُرن تي آڌاريل، شاندار سِٽ وار سمجھاڻيءَ ۽ شرح لکي ھجي؟ ڇا دنيا ۾ ٻيو ڪو اھڙو اديب ۽ عالم آهي، جنهن ننڍي ۾ ننڍي سائيز وارو ( حمائل سائيز ) رسالو ترتيب ڏيئي شايع ڪرايو ھجي؟ ڇا دنيا ۾ ٻيو ڪو اھڙو اديب ۽ عالم آهي، جنهن ھڪڙيئي شاھ جي رسالي ۾، شاھ جو ڪلام ۽ ڌاريو ڪلام ڌار ڌار ترتيب ڏيئي، ان کي شايع ڪرايو ھجي؟ ۽ مقدمي ۾، حوالن سميت، صاف صاف لفظن سان لکيو ھجي، ته “ھن رسالي جي ڪلام بابت، منهنجي پنهنجي ڪا به تحقيق شامل نه آهي. ھي تحقيق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جن جي ڪيل آهي، ان لاءِ ڏسڻ گھرجن ڊاڪٽر بلوچ صاحب وارا تحقيقي جلد نمبر 8 ، 9 ۽ 10”. ڇا دنيا ۾ ٻيو ڪو اھڙو اديب ۽ عالم آهي، جنهن جي لکيل شاھ جي رسالي يا ڪتاب کي، ڪنهن به قومي ۽ سرڪاري اداري شايع نه ڪرايو ھجي؟ ڇا دنيا ۾ ٻيو ڪو اھڙو اديب ۽ عالم آهي، جنهن سمورا شاھ جا رسالا ۽ پنهنجا ڪتاب، پاڻ اڪيلي سِر ويهي لکيا ھجن، اڪيلي سِر ترتيب ڏنا ھجن، اڪيلي سِر ڪمپوز ڪرايا ھجن، اڪيلي سِر پُروف پڙهيا ھجن، اڪيلي سِر پنهنجي گھر جا لکين روپيا ڏيئي شايع ڪرايا ھجن ۽ اڪيلي سِر مفت ۾ ورھايا ھجن؟ ھي حيرت جو مقام آهي! ته ڀٽ شاھ تي، ڪروڙن جي بجيٽ رکندڙ، ھزارين ملازمن ھوندي، ڪلچر ڊپارٽمنٽ، ٽن معمولي ۽ ننڍڙن ننڍڙن ڪتابن جي مهورت ڪرائي، ليڪن هڪ ھٿين خالي، اڪيلو ۽ مسڪين ماڻهو، چئن عظيم شاھ جي رسالن جي مهورت ڪرائي. ڇا اھا ادارن جي منهن تي ھنيل اخلاقي چماٽ نه آهي؟

    فردن ۽ ادارن جي مفاد پرستي ۽ من مستي جي حالت ته ڏسو! سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب “شاھ دا رسالا” جي مهورت ڪري رهيو آهي، محترم ع ع لغاري صاحب اسٽيج تي اچي، انهيءَ منظوم ترجمي جي سخت لفظن ۾ مذمت ۽ نندا ڪري هليو ٿو وڃي. ٻئي ڏينهن اخبارن ۾ مهورت جا فوٽو شايع ٿين ٿا. اسٽيج تي ويٺل اديب، ھٿن ۾ کنيو ويٺا آهن “شاھ دا رسالا” ۽ تصويرن جي ھيٺان لکيو بيٺو آهي، “شهيد سُورهيه بادشاھ بابت ڇپيل ڪتاب جي مهورت ڪئي پئي وڃي”. هڪ ماڻهو مون وٽ آيو، پنهنجي اشهد آڱر اُڀي ڪري، منهنجي نڪ جي ويجھو آڻي، ان کي زور زور سان ڦڙڪايائين ۽ مون کي چيائين: “ استاد لغاري! تو سِٽ وار سمجھاڻيءَ رسالي ۾، سنڌ جي سمي سردار، ڄام تماچيءَ کي ڪتو ٺاهي ڇڏيو آهي”. وري ٻيو شخص مون وٽ آيو، مون کي چيائين: “ استاد لغاري! تو شاھ جي رسالي جو، “ڍاٽڪي منظوم ترجمو” ڪري، اسان سنڌين جو نڪ وڍائي ڇڏيو آهي”. ته مون کي دل ۾، يڪدم شهيد عبدالرحيم گرهوڙيءَ رحه جو بيت ياد اچي ويو:

    ڪا ڪَتندي ڪا نه وڻي، ڪا سُتيائِي سِيباءِ،
    ڪي اگھاڙا ئي ڍڪيا، ڪي ڍڪيا اگھاڙا،
    ڪي پيادا ئي پاتشاھ، ڪي ڏوليءَ ۾ ڏکيا،
    ڪي سدا ڪسب قوت ۾، پُڄت پيٽ نه آ،
    ڪَنِي دائم ديڳ چڙهي، ڪَسب ڪل نه ڪا،
    ڪي سُتائي سرفراز ٿيا، ڪي رُوندائي رهيا.

    منهنجا ڪل ٽوٽل ڪتاب، رجعت پرست ۽ دقيانوسي اديبن جي ڪفنن ۾ ھنيل ڪوڪا آهن. ھو مون کان خائف آهن، ھنن کي ڊپ آهي، ته ھيءَ اسان کان اڳتي نڪري ويندو. انهيءَ خوف سببان، انسائيڪلوپيڊيائون به منهنجي ڪم کان ڪُلي طور تي، منحرف، انڌيون، ٻوڙيون ۽ گونگيون آهن. اهي انسائيڪلوپيڊيائون ٻين جي چوڻ تي، ڪنهن جي تاريخ کي تباھ ڪرڻ ۽ حقيقت کي لڪائڻ جي شوق ۾، نازيبا الفاظ داخل ڪري رهيون آهن. آئون انهن انسائيڪلوپيڊيائن کي عرض ڪريان ٿو، ته اهي ولي رام ولڀ صاحب جي چوڻ تي، ڀلا ھنن لفظن کي به پنهنجن جلدن ۾ شامل ڪري ڇڏين، ته “ولي رام ولڀ چوي ٿو، ته تاج جويي منهنجو ڪتاب پنهنجي نالي سان شايع ڪرائي ڇڏيو آهي”. اگر انسائيڪلوپيڊيائون اهڙن لفظن کي شامل ڪرڻ کان پرهيز ڪن ٿيون، ته پوءِ هنن منهنجي باري ۾ ايئن ڪيئن لکي ڇڏيو آهي، ته “ گل محمد عمراڻي چوي ٿو، ته استاد لغاري ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تحقيق جو چور آهي”. اهڙن اديبن ۽ ادارن ھٿان، مون کي گھونپيل ڇُرو، اڃان تائين منهنجي پُٺ ۾ پُڏو بيٺو آهي، جنهن کي اڄ ڏينهن تائين، ڪنهن به ڪڍڻ جي ڪوشش ڪا نه ڪئي آهي. “مون کي مون پرين، ڪڍڻ جي ڪا نه ڪئي”. ھوڏانهن وري محترم عنايت بلوچ صاحب، وڏي عنايت ڪندي، منهنجي باري ۾ فرمائي ٿو، ته “ هي ماڻهو چور، چور جو پٽ، ڌاڙيل، جهالت پرست، خيانت ڪندڙ، ھٿ چراندي، بد ديانت، بي حس، بئيمان، انڌو ۽ وڏو ظالم آهي”. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جي وفات کان پوءِ، مون هڪ اهڙو به شاھ جو رسالو شايع ٿيل ڏٺو آهي، جنهن ۾، ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي رسالي تان کنيل، پوري جو پورو مقدمو شامل آهي. پر ان ماڻهوءَ کي، چور، چور جو پٽ، ڌاڙيل، جھالت پرست، خيانت ڪندڙ، ھٿ چراندي، بد ديانت، بي حس، بئيمان، انڌو ۽ وڏو ظالم، ڪنهن به ڪو نه چيو آهي.
    تاريخ گواھ آهي، ته ضياءُ الحق پنهنجي محسن، بي ڏوهي ۽ هڪ بي قصور انسان کي، ناحق ڦاسيءَ تي لٽڪائي ڇڏيو. ليڪن اڄ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو نالو، عظيم ترين انسانن ۾ شمار ٿئي ٿو ۽ ضياءُ الحق، يذيد وانگر لعنت جو طوق پنهنجي ڳچيءَ ۾ پائي، ذرا پُرزا ٿي، مٽيءَ ۾ مليا ميٽ ٿي چڪو آهي. ھاڻي ڏسو: شاھ دا رسالا جي مهورت، سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ٿي چڪي. شاھ دا رسالا تي، مترجم کي “لطيف ايوارڊ” ملي چڪو. شاھ دا رسالا جي ڪاپي، اٿارٽيءَ جي هر هڪ ملازم، ڪلارڪ، اڪائونٽنٽ، ڪمپوزر، آفيسر، ڊائريڪٽر، سيڪريٽري ۽ چيئرمين صاحب جي گھر ۾ موجود. شاھ دا رسالا جو تعارفي احوال، انسائيڪلوپيڊيا جي لاءِ لکي ھٿوهٿ ڏنو ويو. ان احوال کي ڪمپوز ڪري، اي ميل به ڪيو ويو. آفيس ۾ اچي، وري وري يادگيرو به ڏيارايو ويو. سيڪريٽري تاج جويو صاحب کي خط لکي، رسالي جي احوال کي انسائيڪلوپيڊيا ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ عرض به ڪيو ويو. پر پوءِ به ان جي تعارف کي، شاھ جي رسالن تي آڌاريل انسائيڪلوپيڊيا جي جلد ڏهين ۾ شامل نه ڪيو ويو. ڇو ڀلا؟ سمونڊر جي تري ۾ پيل سُئي کي به ڳولي، ان جي احوال کي، انسائيڪلوپيڊيا ۾ شامل ڪيو پيو وڃي. انڊيا جي عورتن ۽ مرد اديبن جي احوالن کي، ڳولي ڳولي داخل ڪيو پيو وڃي. ليڪن توهان جي گھر ۾ پيل شاھ جو رسالو، توهان جي ميز تي رکيل شاھ جو رسالو، توهان جي کيسي ۾ پيل شاھ جو رسالو، توهان جي ڳچيءَ ۾ تعويذ وانگر لٽڪيل شاھ جو رسالو، توهان جي اکين تي عينڪ واگر چڙهيل شاھ جو رسالو، توهان کي نظر ئي نه آيو؟ ڇا اها ادبي بي حسي نه آهي؟ ڇا اها ادبي بد ديانتي نه آهي؟ ڇا اها سچائيءَ کان انحرافي نه آهي؟ ٻُڌايو؟ ٻُڌايو؟ شيخ اياز چيو ھو: “ اي اصحافِ ڪھف وانگر گھيرٽ کائيندڙئو! اوهان جڏهن جاڳندئو، تڏهن دنيا کي سُڃاڻي نه سگھندئو. ۽ پوءِ اسان اوهان کي، اها ننڊ ڏيئي ڇڏينداسين، جو وري اوهان جي اٿڻ جو سوال ئي نه اٿندو”.
    منهنجي پهريين ڪتاب “شاھ دا رسالا” کان وٺي، اڄ ڏينهن تائين، ڪيترائي ڀيرا جلادن منهنجا تختا ڪڍيا آهن. پر آئون آهيان، جيڪو هر دور ۾، هڪ نئون ڪتاب لکي، وري ٻيهر موٽي ايندو آهيان، ته وري ٻيهر صليب سينگاربا آهن ۽ تختن کي تيل لڳايا ويندا آهن. هڪ هنڌ امر جليل لکي ٿو، ته “ مان احساس جو صليب پنهنجن ڪلهن تي کڻي، اگھاڙين پيرين هلندو رهندو آهيان. ٿڪبو آهيان، ته اوندھ ۽ سانت جي گفائن ۾ صليب کوڙي، پاڻ کي مٿس لٽڪائي، ڪجھ دير ساهي پٽي وٺندو آهيان. اسان جي معاشري ۾ ماڻهو گھٽ، بگھڙ وڌيڪ هوندا آهن. بگھڙن جي ولرن ۾، ماڻهوءَ کي ڳولڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي. منهنجو بيچين روح، هر دور ۾ ڪيڏاري جي ڪوڪ ۽ وائي ورجائيندو آهي”. وري ٻي هنڌ لکي ٿو، ته “ دنيا جي هر ليکڪ کي، محبتن ۽ نفرتن جي قوتن جي درميان لکڻو پوندو آهي. مان ڪالهوڪو ڪاپڙي، بابو بيکاري ۽ سچو سامي نه آهيان. منهنجي سر تي ڪوئي سيلو ڪونهي. منهنجي مالها موچاريءَ جا موتي، چور چورائي ويا آهن. مون زهر جو پيالو پي ڏٺو آهي، صليبن تي لٽڪي ڏٺو آهي ۽ مون سچ جي عيوض سنگسار ٿي ڏٺو آهي”. الزام، بُڇان، بُخل، بد خواهي، بُغض، بُهتان، ٻَھ رُوپِي، ٻِيائي، تعصب، تُهمت، پَچ، حسد، حقارت، دُشمني، دغا، رياڪاريءَ، ساڙ، عداوت، ڪدورت، ڪراهت، ڪلفت، ڪينو، کام، مَٺ، مڪاري، مُنافقي، نفاق، نفرت، وروڌ ۽ وير جي ور چڙهي ڏٺو آهي. اجائي الزامن، اڻ ڏٺين عداوتن، بي گناھ بُغضن، تتل تنگ نظرين، ترڇين تنقيدن، سکڻين ساڙن، غلط روين، مُنڌل منافقين ۽ ناحق نفرتن جِي ڪَوڙاڻ، مون کي ڏَنگي، ڏَنڀي، ڏاڙهي، ڏرڙي ۽ ڪرڙي، ڪُندن بنائي ڇڏيو آهي. آئون بگھڙن، برڙ باڪاسن ۽ بيگانن جي بستين ۾، ماڻهن جو متلاشي آهيان.

    ustadlaghari333@gmail.com

    منهنجي ايندڙ ڪتاب (ڪالهوڪا ڪاپڙي) جو مهاڳ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو