اڻ ڄاول ٻار ڏانهن خط تبصرو

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ عبدالحفيظ لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏24 جنوري 2019۔

  1. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    شاهد ميراڻي
    [​IMG]
    ڪڏهن ڪڏهن ڪا لکڻي دنيا جي سڀني معاشرن جو مُک پنهنجي آئيني ۾ پسائيندي آهي جيڪڏهن ڪنهن به معاشري جو فرد ان لکڻي کي پڙهندو آهي ته ائين ڀائيندو يا محسوس ڪندو آهي ته پنهنجي ئي معاشري يا خطي جي ڪنهن ليکڪ يا ليکڪا لکي آهي پر اصل ۾ اُها لکڻي ڪنهن ڏور خطي واسي جي لکيل هوندي آهي جنهن جو پڙهندڙ جي خطي سان پري پري تائين ڪو به واسطو ناهي هوندو پر ان لکڻي ۾ موجود موضوع پنهنجي ئي خطي جا لڳندا آهن. اهڙي ئي هڪ لکڻي ناول جي صورت ۾ اوريانا فلاشي سرجي هئي سندن جي ناول کي سنڌي ۾ ترجمو ”فياض لطيف“ انگريزي ترجمي “A Letter to a child never born” تان ”اڻ ڄاول ٻار ڏانهن خط“ جي نالي ڪيو آهي. اوريانا فلاشي دنيا جي مشهور ليکڪا ۽ صحافڻ هئي جنهن وڏي بيباڪي سان وقت جي واهرن کان تاريخي انٽرويوز ورتا جنهن کي ڪتابي صورت ۾ ”Interviews with History“ جي نالي سان شايع ڪيائين. خير ان جا ذاتي زندگي بدران پاڻ هن جي ناول تي ڳالهايون ٿا. هي ناول هڪ غير شادي شده ڇوڪري جي حاملا ٿي وڃڻ ۽ ڇوڪريءِ جو بغير شادي ڪرڻ جي ٻار کي جنم ڏيڻ جي فيصلي تي اٽل ٿي بيهڻ، ان دوران سماج جي اڍنگن روين سان منهن مقابل ٿيڻ، پيٽ پورائو لاءِ هر حال ۾ نوڪري ڪرڻ آهي ان دوران ليکڪا ڪيترن ئي موضوعن تي دنيا جي اڪابرن جي راءِ سان گڏ پنهنجا جذبا، احساس ۽ خيال به ايڏي سندرتا سان ناول ۾ ساکوري ٿي جو پڙهڻ واري تي ”ڪائناتي ڪيفيت“ طاري ٿي وڃي ٿي ۽ هو ان سحر ۾ اڃان به اونهو هليو وڃي ٿو. بقاءِ جي جنگ کٽڻ کان پوءِ ارتقا جا ڪيئي مرحلا طئي ڪري انسان بڻجڻ جي ڪوشش ڪندڙ جي باري ۾ جڏهن خبر جنم ڏيندڙ کي پئي ته هوش ئي خطا ٿي ويا ۽ هن جي ذهن ۾ ڪيئي سوال اڀريا پر پوءِ هن فيصلو ڪيو ته هن جيو کي جنم ڏيندس ان لاءِ سڀئي مشڪلاتون به سهي وٺنديس. بس پوءِ ته ڏکن جا ڏينهن شروع ٿي وڃن ٿا هر ڪوئي ساٿ ڇڏيو وڃي ٿو ايتري قدر جو اهو شخص جيڪو هن کي سڀ کان ويجهو هجي ٿو سو هٿ ڪڍيو ٿو وڃي، چوي ٿو ته ان کي ضايع ڪري ڇڏ! ” هتي هرڪو پنهنجي بقا لاءِ ٻئي جي نڙي تي ننهن ڏيڻ جو قائل هجي ٿو“ ۽ هو اڪيلائي جي رڃ جي رولاڪ بڻجي زماني جي زهر ٿي ويل سوچ کي سينو تاڻي سهي ٿي، ان سان گڏ سڀني معاشرن جي معيارن کي ميار ڏي ٿي ته ”ائين ڇو آهي ته زماني بدلجي وڃڻ واري سڀني واعظن جي باوجود به، هڪ غير شادي شده، ڳورهاري عورت کي اڄ به گهڻي قدر غير ذميوار، گناهگار سمجهيو وڃي ٿو، کيس هميشه بُڇڙي، بدڪار ۽ پيشاور جا لقب ته ڏنا وڃن ٿا پر ڪڏهن به ٻين اڪثر عورتن جيان ماءُ ڪونه ٿو مڃيو وڃي!!!!“ ( پنهنجي به هن معاشري جي معيار جي منهن تي ايتري ماتا ”بيماري“ ٿي پئي آهي جو هو فطرت جو هڙئي حُسناڪيون ۽ سڀيتا جون سڀئي سندرتائون وڃائي ڇڏيون آهن.) کين هڪ انسان هجڻ جي ناتي سندن ذهن خاني ۾ ڪيئي گمان گس ٺاهين ٿا. ڪنهن ڪنهن پل ته خيال اچي ٿو ته اها منهنجي ئي غلطي آهي يا مون سان حادثو ٿيو آهي، ائين ڪيئي پُور پچائي ٿي ”هي پوري ڪائنات، جنهن ۾ هر جيو جنم ورتا آهي سا به ته ڪنهن جي غلطي آهي يا شايد ڪنهن حادثي جي پيدوار جو نتيجو آهي“، ۽ پنهنجي مُنهن ئي ڪرڪي ٿي ته ”منهنجي تخليق جي ڪهاڻي به ٻن وجودن جي لاپرواهه سنجوگ جو نتيجو آهي“. اهو ٻار کڻي ڇوڪريءِ هجي يا ڇوڪرو، بس انسان هجي. انسان اُتم آهي جنهن ۾ عورت يا مرد جو به ڪو امتياز ڪونهي. آخر ان ڳالهه تان جڏهن سڀئي هن کان مُنهن موڙيو وڃن ٿا ته هو هر رشتي، رواج ۽ تعلق کي فريب سمجهي ٿي، سماج جي بنياد ”خاندان“ لاءِ پڻ چوي ٿي ته ان ۾ منهنجو ڪو اعتبار ڪونهي. ”خاندان ان نظام جي زبان آهي جيڪا صرف اطاعت ۽ غلامي جي جياپي جي جئيڻ جو درس ڏئي ٿي ۽ جنهن جي تقدس جو وجود ڍونگ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونه آهي.“ خاندان کي انساني غلامي ۽ انساني استحصال جو سبب بڻجي ٿو. واقعي اوريانا فلاشي سهي چيو هو.
    هاڻ هو هر وقت پنهنجي ٻار سان هم ڪلامي هجي ٿي سندس گفتگو احساسن ۽ جذبن سان گڏ دنيا جي ڏکن ڏولاون کان به آشنا ڪندڙ هجي ٿي. سبق آموز ڳالهيون ٻڌائي ٿي، جنهن کي ٻڌي ماڻهو زندگي جي تنگ ۽ تاريڪ تهن مان به اُڪريو وڃي پار پوي. ” مون پنهنجي مصيبت زدهه ۽ زندگي جي المناڪ لمحن ۾ ڪڏهن به پنهنجي پيدائش تي پڇتايو ڪونهي، ڇو ته نه هجڻ کان وڌيڪ بدتر دنيا ۾ ڪائي شيءِ ڪونه آهي.“ اهو سلسلو هلندو ٿو رهي پر ٻار جي ڪجهه مهينن کان پوءِ واڌ ويجهه رڪجي وڃي ٿي ۽ ان جو موت واقع ٿئي ٿو جنهن جو صدمو هن جيءُ کي جهوري ٿو ڇڏي ۽ ان واقع کان پوءِ وڌيڪ تڪليف ان وقت ٿي اچي جڏهن هن کي ڊاڪٽر، چاهيندڙ ، صاحب ۽ ٻيا هن کي ٻار جي موت جي ذميوار سمجهن ٿا ۽ کين قاتل قرار ڏين ٿا، حالانڪه اهي سڀ پهرين ان ٻار کي ضايع ڪرڻ جون تدبيرون ڏيندا هئا ۽ جان ڇڏائڻ جا جتن ڪندا رهندا هئا. هن ناول ۾ مرڪزي ڪردار جي زندگي اهنجن ۽ تڪليفن سان ڀريل آهي، اهي تڪليفون هن کي معاشري جي رسمن، ماڻهن جي روين ۽ پنهنجي پيار جي فريب جي ڪري پلئي پون ٿيون. ايتريون تڪليفون هوندي به هو بيباڪي سان جئيڻ جا جتن ڪري ٿي. هن ناول مان اوريانا جي سوچ گهري ۽ ڪائناتي ٿي ڀائجي، هو زندگي ۾ حاصلات تي بيهڻ کي موت ٿي سمجهي، ها حاصلات کان پوءِ به جستجو جاري رکڻ ئي اصل جياپو آهي. سندن قول آهي ته ”خوش نصيب اهو آهي، جنهن جي منزل جستجو آهي، جيڪا ڪٿي به ختم نه ٿي ٿئي،
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو