سنڌ ڌرتيء جو ارڏو پُٽ

'شخصيتون ۽ خاڪا' فورم ۾ اظهر امر طرفان آندل موضوعَ ‏27 جنوري 2019۔

  1. اظهر امر

    اظهر امر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 جنوري 2019
    تحريرون:
    36
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    48
    سنڌ ڌرتيءِ جو ارڏو پُٽ مير محمد پيرزادو به موڪلائي ويو!!!
    اظهر امر

    مير محمد پيرزادي جو جنم 19 جون 1944ع تي ضلعي لاڙڪاڻي جي علائقي ٻلهڙيجي ۾ رحمت الله پيرزادي جي گھر ۾ ٿيو، هن شروعاتي تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪئي انهي کان پوءِ گورمينٽ هاءِ اسڪول ڏوڪري مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. انهي کان پوءِ سائين مير محمد پيرزادي 1967ع ۾ زرعي ڪاليج ڏوڪري مان ايگرنامي ڊپاٽمنيٽ مان بي ايس سي (آنرز) جو پاس ڪيو. انهي کان پوءِ هو جلد 1969ع ۾ زرعي ڪاليج سڪرنڊ ۾ نوڪري ملي ويس، جتان پوءَ مختلف شهر ڏانهن بدلي ٿيندو رهيو. اخر ۾ مير محمد پيرزادو ڪڻڪ جي تحقيق واري اداري سڪرنڊ جو ڊائريڪٽر پڻ رهيو. جتان 20 جون 2004ع ۾ رٽائر ٿيو. هو پنهنجي نوڪري جي اخري وقت تي سڪرنڊ ۾ رهيو. انهي کان سواءِ هن سرڪاري نوڪري دوران ڪڻڪ جي هڪ جنس به تيار ڪئي جنهن جو نالو مومل(2002) رکيو جنهن کي وڏي محنت سان پاس ڪري سنڌ جي آبادگارن تائين پهچائي جيڪا اڄ ڏينهن تائين پوکجي رهي آهي.
    انهي کان سواءِ سائين مير محمد پيرزادي 1962ع کان پوءِ سنڌي ادبي کيتر ۾ به لازوال خدامتون سر انجام ڏنيون سائين مير محمد پيرزادو گيت جو خوبصورت شاعر هو انهي کان سواءِ سائين مير محمد سياسي سماجي ادبي ۽ تنقيدي مقالا ۽ مضمون پڻ لکيا. انهي کان سواءَ سائين مير محمد جا ٽي شاعري مجموعا شايع ٿيا انهي مان هڪڙو (مکڙيون ماڪ ڦڙا) 1981ع (ليار نيڻن ۾ ڦٽا) 1999ع انهي کان سواءِ (ڪنول ٻُڪ ۾ چنڊ) 2017ع ۾ شايع ٿيو سائين مير محمد جو شاعريءِ ۾ گيت سندس پسند جي صنف ۽ سندس سڃاڻپ ٿي.
    مون سندس ڪتاب (ڪنول ٻُڪ ۾ چنڊ) جو مطالعو مون ڪيو آهي جيڪو بيحد خوبصورت ڪتاب آهي.
    سائين مير محمد کي جڏهن کان نوڪري ملي تي هو سڪرنڊ ۾ اچي رهيو هن وقت تائين هو سڪرنڊ ۾ رهن ٿا مگر هنن جو اصلي ڳوٺ ٻلهڙيجي ئي آهي.
    سائين مير محمد پنهنجي زندگي جو ڳچ حصو سنڌي ادب کي ارپي ڇڏيو جنهن دوران سائين مير محمد پيرزادو سنڌ جي نوجوان ٽهي جي شاعري کي اُتساھ پڻ ڏيندو رهيو، تڏهن مون کي سندس ڏنل خدمتون جيڪي هن زراعت ۾ ڏنيون انهي کان سواءِ جيڪي هن سنڌي ادب ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون اُهي ڪڏهن نه وسارڻ جهڙيون آهن.
    رُئڻ ڇو روڪي وري پوءِ لڙڪ لڪندي هارجي،
    واعدو تڪڙو ڪجي ڇو، پر ڪجي جي پارجي.
    هي سٽون سائين مير محمد جي ڪتاب ڪنول ٻُڪ ۾ چنڊ تان ورتل آهن ڪيترو نه درد ڀريل آهي هنن سٽن ۾ سائين جا ڪتاب ۾ اهڙيون تي پياريون تخليقون آهن جو دل هر هر پڙهڻ لاءَ تڙپي ۽ لڇي ٿي.
    ڪالھ جڏهن سائين مير محمد جي وڇوڙي جي خبر فيس بڪ تان پئي سنڌي ادبي لڏي ۾ ڏُک واري لهر ڇائجي وئي. سائين مير محمد پيرزادو ناميواري ليکڪ انور پيرزادي جو ماسات ۽ رحمت پيرزادو جو والد هو.
    سائين مير محمد جو وڇوڙو سنڌي ادب جو وڏو نقصان آهي جيڪو ڪڏهن ڪون ڀرجي سگهبو. ڌڻي در دعاڳو آهيان، الله پاڪ پنهنجي پياري ٻانهي کي جنت ۾ جاءَ عطا فرمائي آمين.
     
  2. الھي بخش

    الھي بخش
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏31 آڪٽوبر 2017
    تحريرون:
    29
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ماڳ:
    ھوت جو اھڻ
    ادا توهان سان ڪئن رابطو ڪري سگهو ٿو
     
  3. اظهر امر

    اظهر امر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 جنوري 2019
    تحريرون:
    36
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    48
  4. اظهر امر

    اظهر امر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 جنوري 2019
    تحريرون:
    36
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    48
    Jarwarazharuddin@gamil.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو