عزت ڊڄندي آھي۔

'راءِ شماري' فورم ۾ جاويد احمد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏28 جنوري 2019۔

  1. جاويد احمد سومرو

    جاويد احمد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 جنوري 2010
    تحريرون:
    31
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    378
    ڌنڌو:
    ادب ، سوشل ورڪر
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    ياد هجي ته جڏهن به جنهن جاء تي انساني ظلم جي انتها ٿيندي آھي ته اتان انقلاب (زماني جي تبديلي) جي شروعات ٿيندي آھي۔ اقليت تي اڪثريت جا حاوِي ٿيڻ جا اثرات ضرور هوندا آھن پر انسانيت جي ڪردار تي اهڙو ڪو به اثر نه پوندو آھي ظلم کي برپا ڪرڻ وارا اڪثريت مان ٻه سيڪڙو اٽڪلي ۽ انسان دشمن عنصر ماڻهون هوندا آھن جيڪي اقليت تي گهڻائيءَ جي هوندِ جو فائدو وٺي ڌاڪو ڄمائڻ جي ڪوشش ڪندا آھن۔ ۽ اهي ان ڪري ڪامياب ٿيندا آھن جو انهن جي ڪا به مزاحمت يا رنڊ روڪ نه ٿيندي آھي۔
    جن مزاحمت ڪئي آھي انهن جو سچو ڪردار اڄ به دهرايو ويندو آھي ۽ اهي دنيا ۾ جاويد مثال آھن۔
    روبوٽ هڪ مشين آھي انسان وانگر انساني ڪم به ڪري ٿي پر انسان نه آھي ڇو جو ان وٽ انساني يا قدرتي ڪا به شيء عطا ٿيل نه آھي اها هڪ مصنوعي بناوٽ آھي جنهن ۾ جيڪو حڪم وڌو وڃي ٿو صرف انجي سرانجامي ڏئي ٿو مگر اسين هر لحاظ کان هوشيار سمجهدار هر طرح کان دفاع ۽ موٽ ڏيندڙ آھيون۔ انجي باوجود اسين روبوٽ وانگر ڇو بڻجندا وڃون ٿا ؟۔
    ڌاڙيل چور غنڊي بدمعاش قبضه مافيه بحرحال هر فتني جو حل قانون جي نافذ العمل تي ٻڌل آھي۔
    جڏهن به ڪو ايماندار پوليس جو اعلى آفيسر جنهن به ضلعي ۾ مقرر ٿئي ٿو ته پوءِ سڄو ضلعو ڏوهن کان سانت ٿي وڃي ٿو۔
    ادنى تي اعلى لازم ملزوم آھي۔
    اڪثر معاشري جا فرد پوليس جي محافظت کان تنگ ويٺا آھن۔
    بيزاري کان ڪورٽ سڳوريء جي در تي وڃي جتي ماڻھون انصاف وٺڻ لاء زارو قطار ڳوڙھا ڳاڙين ٿا اتي به حاضريء مٿان حاضري ايتري ڍر ۾ سچ مٿان ڪارا ڪڪر ڇانئجي ٿا وڃن۔
    دل شڪستو هر قيمت تي ناهي ٿيڻو يقينن اٽل ماڻھو پنهنجي منزل تي پهچي ٿو ۽ انجي جستجو جو ڪردار اسان جي جدوجهد جو مرڪز بڻجندو ۽ پڪ سان تاريخ اهڙن ارڏن جو هڪ نئون نِياء جوڙيندي۔

    واجَھ مَ وِجُھ وَڍُ ڏي رتُ وَهَئي ته به رِڙُھ
    پوئِينءَ ويلَ به وِڙُھ ويريءَ سان وُجودَ جي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو